ليکڪ: طاھر پٺاڻ عمر ٽيويھ ورھيہ، قد ڊگھڙو، اکیون ڀوريون، خوبصورت گول چھرو، ڊگھا وار، سنھڙيون مُڇون، ويڪري ڇاتي، مضبوط جسم ۽ پرڪشش شخصيت جو مالڪ صفدر سنڌ جي ٻھراڙيءَ جي صاف سٿري ۽ صحتمند ماحول ۾ لسي مکڻ، تازين سبزين، ملاوٽ کان پاڪ سچي گيھ ۽ کِير تي پلي جوان ٿيل سھڻو، صحتمند ۽ خوبرو نوجوان ھو. ان ڏينهن طبيعت خراب ھجڻ ڪري ڪاليج کان جلدي گھر واپس وريو ھو، سندس ڳوٺ کان ست اٺ ميل کن پري شھر ۾ موجود ڪاليج تائين صبح جو تہ ھُو جيئن تيئن ڪري پھچي ويو ھو پر ڪاليج ۾ جڏهن ھن جي طبيعت وڌيڪ خراب ٿيڻ لڳي تہ ڪنھن کي ٻڌائڻ بنا ھو گھر موٽي آيو ھو، ھن موٽرسائيڪل کي گھر جي پَڌر تي بيٺل انب جي ان وڻ ھيٺان بيھاريو جيڪو ننڍپڻ ۾ ھن پنھنجي ڀيڻ شبنم سان گڏجي تڏهن پوکيو ھو جڏھن ھو چوٿين درجي ۾ ۽ شبنم پنجين ۾ پڙھندي ھئي. ساڻيون ساڻيون وکون کڻندو ھو پنھنجي ڪمري ۾ ڏانهن وڌڻ لڳو، ٿڪاوٽ ۽ ھيڻائيءَ سبب لِڱ ساڻا ساڻا ھئس ۽ قدم ٿيڙ کائي رھيا ھئس، سَنڌُ سَنڌُ ڏکيس پئي، ڪمري ۾ اچي ھن پاڻ کي بيڊ تي اڇليو ۽ اکيون بند ڪري ڇڏيائين، اڄ معمول جي ابتڙ ھو پنھنجي بيمار امڙ جي ڪمري ڏانهن بہ نہ لڙيو ھو، راتوڪي اوڄاڳي سبب ھن جون اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون هيون ۽ مٿي جي سُور پڻ پريشان ڪري ڇڏيو ھوس جنھن ڪري ڪاليج ۾ بہ ھن جي دل نہ لڳي ھئي، ڪالھ رات کان ھن جي اندر جي دنيا ۾ ھڪ طوفان آيل ھو جنھن ھن جو سُڪون اڏائي ڇڏيو هو، ھڪ عجيب بيقراري ھئي جنھن ھن جي ننڊ ڦٽائي ڇڏي ھئي، سڄي رات رڳو لُڇندي ۽ پاسا ورائيندي گذاري ھئائين. ھاڻ بہ ڪاليج کان واپس اچي چڱي دير تائين بيڊ تي اکيون ٻوٽي ننڊ جو انتظار ڪندو رهيو پر ننڊ ھئي جنھن سندس ويجهو اچڻ جو نالو ئي نہ پئي ورتو، ننڊ تہ نہ آيس پر ڪافي دير ليٽيو رھڻ ڪري طبيعت ڪجھ بھتر محسوس ڪيائين تہ ماءُ کي مُنھن ڏيکارڻ لاءِ سندس ڪمري ڏانھن وڃڻ لاءِ اٿي ويٺو، ھو اڃان بيڊ تي ويٺو ئي ھو جو سندس ڀيڻ شبنم ھن جي لاءِ ماني کڻي اچي ھن جي اڳيان بيڊ تي رکي، اوچتو بي اختيار صفدر جون نظرون ٿورو جُھڪڻ سبب ظاھر ٿي پيل شبنم جي ڇاتيءَ جي اُڀارن ڏانهن کڄي ويون تہ ڪجھ گھڙين تائين ھن جون اکيون اتي ئي اٽڪي بيٺيون رھيون، ھن کان اھو پڻ وسري ويو تہ سامھون ٻي ڪا ڇوڪري نہ پر سندس ڀيڻ آهي، کيس ھوش تڏهن آيو جڏهن ھن جي کاٻي ڳل تي ھڪ زوردار چماٽ لڳي. "بيشرم، ڪميڻا، بي حيا!، شرم ڪر!، ڀيڻ جي عزت ۾ ٿو اکيون وجھين!". شبنم رڙ ڪري چيو. "آئون تنهنجي ڀيڻ آھيان سڳي ڀيڻ....!". شبنم جو سڄو جسم ڪاوڙ ۾ ڏڪي رهيو هو، ھن وڏو ساھ کڻي وري چيو. "ڀائر تہ ڀينرن جي جان ۽ عزت جا محافظ ھوندا آھن پر تون.... تون تہ ڪو حيوان آھين!". ھوءَ وڌيڪ ڪجھ نہ ڳالھائي سگھي ۽ تڪڙيون وکون کڻندي ڪمري کان ٻاهر نڪري ويئي. مُند تہ سياري جي ھئي پر ندامت ۽ شرمندگي سبب صفدر جي نرڙ تان پگهر ٽمي رهيو هو، ھو اتي ئي ڪنڌ جھڪائي بت بڻيو ويٺو رهيو، اڄ تائين ڪڏهن بہ کيس ڪنھن چماٽ نہ ھنئي ھئي، شبنم تہ ڪڏهن ساڻس تِکي لھجي ۾ بہ ڪِين ڳالھايو ھو، ھوءَ تہ ھر وقت پنھنجي ٽِنھي ڀائرن تان گھور ويندي هئي پر صفدر شروع کان ئي شبنم کي ساھ جھڙو پيارو ھو، عمر ۾ فرق گھٽ ھجڻ ڪري ھو ننڍپڻ کان ئي گڏ کيڏندي ڪڏندي ۽ وڙھندي پرچندي جوان ٿيا هئا پر اڄ ان ئي صفدر پنھنجي ڀيڻ جي اعتبار ۽ ڀروسي کي سخت ڇِيهو رسايو هو، ھو پاڻ کي اڄ دنيا جو سڀ کان نيچ، ڪميڻو ۽ ڌُتڪاريل انسان لڳي رھيو ھو، کيس پنھنجي اکين کان ئي نہ پر سڄي وجود کان پڻ نفرت ٿيڻ لڳي ھئي، پھرين تہ ھن کي سمجھ ۾ ئي نہ پئي آيو تہ اھو سڀ ڪجھ ڪيئن ٿي ويو پر پنهنجي حرڪت ياد ايندي ئي ھن جي دماغ مان ٺڪاءُ نڪري ويا، ھو اڃان تائين اھو سمجھڻ کان قاصر ھو تہ کانئس اھا ڪُڌي حرڪت ٿِي ڪيئن وئي؟، ھو تہ پڙھيل لکيل، نيڪ، سلجھيل ۽ شرميلو نوجوان ھو، اوچتو کيس اھا ڪھاڻي ياد اچڻ لڳي جيڪا گذريل رات ھن پڙھي ھئي، ڪھاڻي ياد ايندي ئي کيس يقين ٿي ويو تہ اھو سڀ ان ڪھاڻيءَ جو ئي اثر ھو جنھن سندس ذھن تي ڪافي گھرو اثر ڇڏيو هو، ان ڪھاڻيءَ کي پڙھڻ کان پوءِ ئي تہ ھو ان ذھني اذيت ۽ ڪَرب ۾ مبتلا ٿي پيو هو. گذريل رات کان ننڊ ۽ آرام تہ اڳ ئي ڦٽل ھئس ويتر ھاڻ پنھنجي ڪيل ان حرڪت سبب وڏي ڀيڻ جي ڪاوڙ ۽ نفرت سندس بُت مان ساھ ئي ڪڍي ڇڏيو، ھن جي دل تيزيءَ سان ڌڙڪِي رھي ھئي، ھڪ عجيب خوف پڻ طاري ٿيڻ لڳو ھئس جيڪو جيئن پوءِ تيئن وڌندو ٿي ويو، سڄي بدن جي طاقت کي گڏ ڪري ھو بيڊ تان اٿيو ۽ الماريءَ مان ڪھاڻين جو اھو ڪتاب کڻي گھر کان ٻاھر نڪري آيو، کيس ڳل تي لڳل چماٽ کان سَوين ڀيرا وڌيڪ ڏک پنھنجي اڪيلي ڀيڻ جي نظرن ۾ ڪِري پوڻ جو ھو جيڪا ھر وقت ھن تي ساھ ڏيندي ھئي، ھو ڪجھ دير ڳوٺ جي ٻاهران سوچن ۾ گُم سُم، پريشان ۽ ڪنھن ھارايل جواريءَ وانگر بيٺو رهيو، رستي تان گذرندڙ ھڪ ماڻھوءَ جي سلام ڪرڻ تي ھو ڇرڪ ڀري خيالن جي دنيا مان واپس آيو. ھن ھٿ ۾ کنيل ان ڪتاب کي ھيٺ ڦٽو ڪيو ۽ کِيسي مان ماچس ڪڍي تيلي ٻاري ڪتاب جي ويجهو ڪيائين، باھ ھڪدم ڪتاب کي وڪوڙي وئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڪتاب سڙِي رَک جي ننڍڙي ڍير ۾ تبديل ٿي ويو، رَکَ جي ان ڍير کي ھڪ زوردار لت ھڻي ھُو ڳوٺ کان ٿورو پري پنهنجي ٻنيءَ ۾ بيٺل نم جي ان وڻ ھيٺان اچي ويٺو جتي ويھڻ کانپوءِ الائي ڇو ھن کان ڪجھ گھڙين لاءِ زماني جا سڀئي ڏک، درد، پريشانيون ۽ محروميون وسري وينديون هيون، ھو جڏھن بہ ڪنھن ڳڻتي، پريشاني يا مونجھاري جو شڪار ٿيندو ھو تہ ڪنھن دوست ڏانھن نہ پر ان وڻ ڏانهن ئي ھليو ايندو هو، ھو پنھنجا ڏک سُور رڳو ھن نم جي وڻ سان ئي سليندو ھو، جيتوڻيڪ نم جو ٿڙ ھن سان ڀاڪر يا ڳراٺڙي پائي ڪا دلداري تہ نہ ڏيندو هو ۽ نہ ئي وري کيس دلجاءِ يا آٿت ڏيڻ لاءِ ھن سان ڪي ڳالهيون ڪندو هو پر پوءِ بہ صفدر جنھن وقت ھتان اُٿندو هو تنهن وقت مَن جو بار ڪافي هلڪو ٿي چڪو ھوندو ھوس پر اڄ جيڪا ڳڻتيءَ ۽ پريشاني سندس اندر کي جھوري رھي ھئي تنھن ۾ گھٽتائي ڪونہ ٿي آئي، پريشاني ۽ ڪاوڙ ۾ ھن ڪڏھن پنھنجي مٿي جا وار پئي پٽيا تہ ڪڏهن وري زور زور سان پنهنجي رانن تي مُڪون ٿي ھنيائين، ڀيڻ جي نفرت ۽ ڪاوڙ اندر کي وڍي ڇڏيو ھئس، شبنم جون باھ اوڳاڇيندڙ اکيون ياد ايندي ئي ھن جي دل دهلجي ٿي وئي، مَن ۾ وري وري پاڻ کي مارڻ يا ھميشہ ھميشہ جي لاءِ شبنم جي نظرن کان ڏُور ھليو وڃڻ جا خيال پئي آيس پر بيمار امڙ ۽ ننڍن ڀائرن کان پري رھڻ بہ سندس وس جي ڳالھ نہ ھئي. صفدر ۽ شبنم ننڍپڻ کان ئي ٿوري گھڻي ڳالھ تي پاڻ ۾ وڙھندا رھندا ھئا، صفدر ھميشہ ڀيڻ سان وڙهڻ ۽ رًسڻ جا بھانا پيو ڳوليندو ھو، ڪڏهن مانيءَ ۾ دير ٿيڻ جو، ڪڏهن ڪپڙا استري نہ ھئڻ جو تہ ڪڏهن وري ڪو ڪتاب غائب ھئڻ جو بھانو بڻائي ھو شبنم سان جھيڙو ڪري وٺندو ھو.... پر جيستائين ٻنھي وچ ۾ پرچاءُ نہ ٿيندو ھو تيسين نہ شبنم ماني کائيندي ھئي ۽ نہ وري صفدر.....، ڀاءُ ڀيڻ کي ايئن رُسندي ۽ پرچندي ڏسي سندن پيءُ ۽ ماءُ مُرڪي پوندا هئا، پر اڄ تہ صفدر کان اھڙي گندي ۽ ڪِني حرڪت ٿي وئي هئي جو ھُو ڀيڻ کي پرچائڻ تہ ٺھيو پر پاڻ کي شبنم جي سامهون وڃڻ لائق بہ نہ پيو سمجهي. پري پري تائين ٻنين ۾ ساوڪ ۽ سَرنھن جي گلن جي پيلاڻ ڦھليل ھئي، ھوا جي جھوٽن تي گلن جي لڏڻ جو منظر ڏسڻ وٽان ھو پر صفدر جي اندر جي دنيا ۾ اڄ رڳو ويراني ۽ رُڃ ھئي، اڄ پھريون ڀيرو چوڏس پکڙيل فطري سُونهن ھن جي دل کي وندرائڻ ۾ ناڪام ٿيندي نظر پئي آئي، وڻن تي ويٺل ۽ ھوا ۾ اڏامندڙ پکين جون مٺڙيون ٻوليون ھن جي لاءِ بي معني بڻجي چڪيون هيون، گلن ۾ اڳ واري تازگي ۽ سرھاڻ ڪونہ ھئي ۽ اتر جي ٿڌڙي ھوا بہ اڄ پنھنجا ساز ڪٿي وڃائي آئي ھئي۔ ٽيويھ ورھين جو مضبوط ۽ سگھاري جسم جو مالڪ صفدر سھڻي صورت وارو ذھين نوجوان ھو، چار سال اڳ جڏهن ڪاري ڪامڻ سبب سندس پيءُ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو ھو تڏھن کان سڀني ذميوارين جو ٻوجھ صفدر جي ڪلھن تي ھو، حساس طبيعت جو مالڪ تہ هو ٻاروتڻ کان ئي ھو پر نوجوانيءَ ۾ پيءُ جي وڇوڙي سندس مزاج تي گھِرو اثر ڇڏيو هو، پيءُ جي جدائيءَ کان پوءِ ھو اڪيلو ۽ چپ چپ رھڻ لڳو ھو. صفدر کي ننڍپڻ کان ئي ادب سان وڏو چاھ ھو، ھن ٿوري وقت ۾ ئي کوڙ سارا ڪتاب پڙهي ورتا ھئا پر ڪھاڻي جي ڪتابن سان ھن جي دل ڪجھ وڌيڪ ھئي انڪري ئي ھن جي الماريءَ ۾ سنڌ جي لڳ ڀڳ سڀني ڪھاڻيڪارن جا ڪتاب موجود هئا، بوڪ اسٽالن تي ھن جي نگاھن کي رڳو ڪھاڻين جي ڪتابن جي ئي تلاش ھوندي ھئي، ٻہ ٽي ڏينھن اڳ ھن کي شھر جي ھڪ بوڪ اسٽال تي "ساگر آڪاش" نالي هڪ نئين ليکڪ جو پندرهن ڪھاڻين تي مشتمل ڪتاب نظر آيو تہ ھو اھو ڪتاب خريد ڪري گھر کڻي آيو ھو، ساگر آڪاش ڪو نئون ليکڪ ھو ۽ اھو مارڪيٽ ۾ آيل سندس پھريون ڪتاب ھو. ڪجھ اديب ۽ ليکڪ پئسي ۽ سَستي شُھرت حاصل ڪرڻ لاءِ واحيات ۽ اخلاق کان ڪريل مواد لکڻ کان بہ ناھن ڪيٻائيندا، اھڙن ليکڪن کي رڳو پئسي ۽ سستي شھرت جي ئي بک ھوندي آھي، ھو اِھو ناھن سوچيندا تہ سندن غير اخلاقي لکڻيون پڙھندڙ تي غلط اثر بہ ڇڏي سگھن ٿيون جنھن سبب سماجي برايون گھٽجڻ بجاءِ وڌي سگھن ٿيون، اڄڪلھ جي ڪجھ واحيات ۽ بي ضمير راڳين جيان ڪجھ "اديب" بہ معاشري جو ٻيڙو ٻوڙڻ ۾ رُڌل ڏسجن ٿا جنهن ڪري سماج ۾ براين ۽ اخلاقي ڏوھن ۾ تيزيءَ سان واڌارو اچي رهيو آهي، اھڙن سماجي براين ۽ ڏوھن جون خبرون اڄڪلھ اخبارن ۾ اسين ھر روز پڙھون ٿا. ڪجھ ڏينهن اڳ ڇپيل ساگر آڪاش جي ان ڪتاب ۾ پڻ ھڪ فحش ۽ بيھودہ ڪھاڻي شامل ھئي جنھن ۾ انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جُهڪي پيو ھو، ان ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ ڀاءُ ۽ ڀيڻ وچ ۾ اخلاق کان ڪريل حرڪتن جي منظر ڪشي ڪئي وئي هئي، گذريل رات ان ئي ڪھاڻيءَ کي پڙھڻ کان پوءِ صفدر بيچين ھو، ھو سخت ذھني عذاب ۾ مبتلا ھو، حساس طبيعت ھجڻ ڪري اڪثر غمگين ۽ جذباتي نوعيت جون ڪھاڻيون ھن جي دل ۽ دماغ تي گَھِرو اثر ڇڏينديون هيون پر گذريل رات پڙھيل ان ڪھاڻيءَ صفدر جي من ۾ مانڌاڻ مچائي ڇڏيو هو، ان ڪھاڻيءَ جا ڪردار ۽ بيحيائي وارا منظر ھن جي دل ۽ دماغ تي حاوي ٿي چُڪا هئا، انھن خيالن مان جان ڇڏائڻ ھن جي لاءِ ڏاڍو مشڪل ٿي پيو هو، ان کان اڳ ھن ڪڏهن بہ اھڙي ڪھاڻي نہ پڙھي ھئي، ان ڪھاڻيءَ جو ئي اثر ھو جو سوير ڪاليج وڃڻ مھل بہ ھن ھڪ ٻہ ڀيرا چور نگاهن سان ڀيڻ کي عجيب انداز ۾ گھوري ڏٺو هو پر شبنم ان وقت انھن نظرن کي بلڪل بہ سمجھي نہ سگھي ھئي. سج لھي چڪو هو پر صفدر اڃان تائين پنھنجي ٻنيءَ ۾ بيٺل نم جي وڻ ھيٺان اڪيلو ويٺل ھو، جڏهن ٿڌ ۽ اوندھ وڌڻ لڳي تہ ھو آھستي آھستي اٿيو ۽ ڳوٺ ڏانهن وڌڻ لڳو، گھر جي ويجهو پھچڻ سان ئي ھن جي دل جي ڌڙڪن ھڪ ڀيرو ٻيهر وڌي وئي ۽ ھن جي پيرن ڄڻ گھر ھلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، شبنم جي سامهون وڃڻ کان ھو ڊڄي رهيو هو، ڪافي دير تائين اونداهيءَ ۾ ھو گھر جي آسپاس ڦرندو رهيو، ھڪ دفعو ٻيھر ڀيڻ جي نفرت ڀريل نظرن کي سھڻ جي ھمت نہ پئي ٿيس، گھر جو دروازو ھن لاءِ ڄڻ پلصراط بڻجي پيو هو، پنھنجي ئي گھر جي ٻاهران ڪنھن ڊنل ٻار جيان گھڻي دير تائين بيٺل صفدر کي جڏهن سردي ستائڻ لڳي تہ نيٺ ھو ڪنھن ھِيسيل ھرڻيءَ وانگر دٻيل دٻيل پيرن سان گھر اندر داخل ٿيو، ان وقت رات جا يارهن وڄي چڪا هئا، ماءُ جي ڪمري ۾ روشني ڏسي ھو سمجهي ويو تہ امڙ ھن جي اوسيئڙي ۾ اڃان تائين جاڳي رھي آھي، ھاڻ پنھنجي امڙ کي منھن ڏيکارڻ ھن لاءِ لازم بڻجي پيو هو پر شبنم بہ ماءُ جي ڪمري ۾ ئي سمھندي ھئي ۽ شبنم جي سامهون وڃڻ جي ھو سگھ ھن ۾ بلڪل نہ ھئي پر ھاڻ ماءُ سان ملي سندس انتظار ۽ بيچيني ختم ڪرڻ بہ لازم ھو، آھستي در کولي ھو ماءُ جي ڪمري ۾ آيو، سامهون واري کٽ سندس ماءُ جي هئي جنهن تي ھوءَ اکيون ٻوٽي ليٽيل ھئي پر ھن جا چپ چُري رھيا ھئا، شايد ڪجھ پڙھي رھي ھئي، ڀرواري کٽ تي ستن سالن جو اظھر ۽ نوَن ورھين جو اصغر اگھور ننڊ ستل ھئا ۽ ان جي پريان واري کٽ شبنم جي ھئي جنھن تي ويھي بلب جي روشنيءَ ۾ ھوءَ ڀرت ڀري رھي ھئي، صفدر کي ڏسندي ئي ھن پنھنجو مُنھن ٻئي پاسي ڦيري ڇڏيو، صفدر پنھنجي دل ۾ درد جي ھڪ نئين لھر اٿندي محسوس ڪئي پر ماءُ جي پيرن ۾ ويھي آھستي آھستي سندس پيرن کي زور ڏيڻ لڳو. "بسم الله، اچي وئين پٽ"!. صفدر جي ماءُ ھڪدم اکيون کوليون، ھُن پنهنجي پيرن تي صفدر جي ھٿن جو ڇھاءُ سڃاڻي ورتو ھو، ھن اکيون کوليون ۽ کٽ تي ويھڻ جي ڪوشش ڪئي. "ھا امان اچي ويس". صفدر جھيڻي لھجي ۾ وراڻيو. ھن ماءُ کي سھارو ڏئي ويھاريو ۽ سندس ھٿ چمي ورتا. "پٽ! اڄ ڇو ڀلا ايڏي دير ڪيئي؟، منھنجو تہ ساھ ٿي نڪتو". ماءُ جي لھجي ۾ ڪاوڙ سان گڏ پيار بہ ھو. "امان! تون منهنجي لاءِ ايترو پريشان نہ ٿيندي ڪر، آئون نعيم جي اوطاق تي ھئس ۽ سڀئي دوست پڻ گڏ هئا". صفدر ماءُ کي مطمئن ڪرڻ لاءِ ڪوڙ ڳالھايو. ھميشہ جيان اڄ بہ صفدر جي ماءُ سندس ان ڳالھ کي بہ سچ مڃي ورتو ۽ کيس دعائون ڏيڻ لڳي، بيمار ۽ پريشان ماءُ پنهنجي پٽ کي دير سان ئي سھي مگر صحيح سلامت گھر ۾ ڏٺو تہ ھن جي بيقرار دل کي قرار اچي ويو، پٽ سان ڳالهائيندي ڳالهائيندي ئي کيس ننڊ اچي وئي. ماءُ کي پرسڪون ننڊ ۾ ڏسي صفدر اٿيو ۽ خاموشيءَ سان پنهنجي ڪمري ڏانهن وڃڻ لڳو، سندس اکيون ۽ ڪنڌ جھڪيل ھو. نماڻا نيڻ کڻي شبنم پنهنجي ڀاءُ کي ويندي ڏسندي رهي، صفدر جا ھيڻا حال ۽ جھڪيل ڪنڌ ڏسي کيس ڀاءُ تي ڪھل اچڻ لڳي، ھڪ پل ۾ ئي شديد ڪاوڙ ۽ نفرت پيار ۾ بدلجي ويئي، ھونئن بہ شبنم کي پنهنجي ٽنھي ڀائرن سان تمام گهڻو پيار ھو، ھن جي ڪا ڀيڻ تہ نہ ھئي پر ڀائرن ۽ ماءُ تي ھوءَ ساھ ڇڏيندي ھئي، پيءُ جي مرڻ ۽ ماءُ جي بيمار ٿيڻ کان پوءِ شبنم کي گھر جي ڪم ڪار ۾ ٽيئي ڀائر ڀينرن جيان ھٿ ونڊائيندا ھئا، ٽنھي ڀائرن جو ڀيڻ سان پيار مثالي ھو. ٻن مھينن کان پوءِ شبنم جي شادي ماروٽ وقار سان ٿيڻ واري ھئي جيڪو ٿرڪول پراجيڪٽ تي انجنيئر ھو۔ نظرون جھڪائي ڪمري کان ٻاهر ويندڙ صفدر کي شبنم پٺيان ڏسي رھي ھئي، ظاهر ۾ تہ ھوءَ صفدر سان رٺل ۽ ناراض ٿي نظر آئي پر اندر ۾ صفدر جي لاءِ ھوءَ بہ ماءُ کان گھٽ پريشان نہ ھئي، سج لھڻ کان پوءِ جيئن جيئن اونداهيءَ ۾ واڌارو ٿيندو پئي ويو تيئن ماءُ سان گڏ شبنم جي ڳڻتيءَ ۾ پڻ واڌارو ٿيندو پئي ويو، شبنم ڪيترائي ڀيرا صفدر سان فون تي رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي پر ھر ڀيري کيس صفدر جو نمبر بند مليو هو پر ھاڻ صفدر جي واپس اچڻ تي ھوءَ بہ پرسڪون ٿي وئي پر اھو سڪون ۽ اطمينان صفدر تي ظاهر ٿيڻ نہ ڏنائين. اوچتو شبنم کي ياد آيو تہ صفدر صبح کان مانيءَ جو ھڪ گرھ بہ ناھي کاڌو، ھن جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا ۽ پاڻ تي ڪاوڙ پڻ اچڻ لڳس، ھوءَ کٽ تان اٿي رڌڻي ۾ گھڙي ويئي، جلد ئي صفدر جي لاءِ ماني گرم ڪري ھن جي ڪمري ۾ کڻي ويئي، صفدر ڪرسيءَ تي ويهي ڪجھ لکڻ ۾ مشغول ھو، کيس شبنم جي اچڻ جي بلڪل بہ توقع نہ ھئي انڪري کانئس ھلڪو ڇرڪ نڪري ويو پر ترت پاڻ کي سنڀاليندي ادب ۾ اٿي بيٺو، شبنم ماني ٽيبل تي رکي ٻہ قدم پوئتي ھٽي خاموش بيھي رهي، ڪجھ گھڙيون ٻنهي جا ڪنڌ جھڪيل ۽ چپَ خاموش ھئا، ڄڻ ھڪٻئي لاءِ اجنبي ھجن. "ادا....!" شبنم ئي ڳالھائڻ جي شروعات ڪري ٻنھي جي وچ ۾ ڇانيل ڊگھي خاموشيءَ کي ٽوڙيو. " ناراض آھين مونکان".؟ شبنم جا چپ ٿَڙڪِي رهيا هئا ۽ زبان بہ ساٿ نہ پئي ڏنس. "نہ ادي نہ". صفدر ھٻڪندي وراڻيو، سندس لھجي ۾ درد ۽ پشيماني ھئي، ھن وٽ ڀيڻ سان نظرون ملائڻ جي بلڪل بہ ھمت نہ ھئي، بي اختيار لڙڪ لارون ڪري وهڻ لڳس ۽ سڄو بدن ڪنبڻ لڳو ھئس. آئون تنهنجو ڏوھاري آھيان، ٿي سگھي تہ مون کي معاف ڪجانءِ منهنجي مٺڙي ڀيڻ". ڀاءُ کي ان ڪيفيت ۾ ڏسي شبنم جو جيءُ جُھري پيو، اکين مان نِير وھڻ لڳس ۽ ھوءَ سُڏڪي پئي، ڀاءُ کي چماٽ ھڻڻ وارو منظر ھڪ دفعو ٻيھر اکين آڏو ڦرڻ لڳس، ھونئن بہ سڄو ڏينهن اھو ئي منظر ھن جي ذھن جي اسڪرين تي ڦرندو رهيو هو، اوچتو شبنم جي دل ۾ ڀاءُ جي محبت ڇلڪي پئي، بي اختيار ھن صفدر کي ڇڪي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو ۽ سندس پيشاني چمڻ لڳي. ڏک، درد ۽ شرمندگيءَ جي سمنڊ ۾ غوطا کائيندڙ صفدر (جنھن ڪجھ گھڙيون اڳ تائين پاڻ کي ڀيڻ سان نظرون ملائڻ جي قابل بہ نہ پئي سمجهيو) اچانڪ شبنم جي ٻانھن جي پناھ ۾ آيو تہ کيس ڪجھ آٿت ۽ دلجاءِ ملي وئي، آھستي آھستي ھن بہ شبنم کي پنهنجي مضبوط ٻانھن ۾ ڀري پھرين سندس ٻيئي ھٿ ۽ پوءِ پيشانيءَ کي چمي ورتو، شبنم پنهنجا ڏڪندڙ چپ ڀاءُ جي انھيءَ ڳل تي رکيا جنهن تي سوير ھن زوردار چماٽ ھنئي هئي، ٻنهي جي نيڻن جا ڪڪر برسي رهيا هئا ۽ ٻيئي بي اختيار ھڪٻئي جي ڳوڙھن سان ڀِنل چھرن کي چُمي رھيا ھئا، اچانڪ شبنم جا شبنمي گرم گرم چپ صفدر جي نرڙ، اکين ۽ ڳلن کان ٿيندا جڏهن چپن تي پھتا تہ ٻنھي جي جسمن مان ڄڻ بجليءَ جي ھڪ لھر گذري ويئي، دلين جو ڌڙڪو تيز ٿي ويو، چپَ چپن سان اھڙي طرح ملي ويا جيئن سندن جسم ھڪٻئي سان چھٽيل ھئا، ان حالت ۾ کين ڪجھ پل، ڪجھ گھڙيون گذري ويون، اوچتو صفدر کي ساگر آڪاش جي ان ڪھاڻيءَ جا منظر ياد اچڻ لڳا جن سندس اکين جي ننڊ ۽ دل جو قرار کسي ورتو ھو، ڪھاڻيءَ جا منظر ياد ايندي ئي صفدر تي ھڪ عجيب سُرور، نشو ۽ وحشت طاري ٿيڻ لڳي، ھن جا ھٿَ تيزيءَ سان حرڪت ڪرڻ لڳا، شبنم جي حالت بہ صفدر کان مختلف نہ ھئي، ھن جا نيڻ خماريل، بدن ڍرڪيل ھو ۽ ھوءَ پاڻ کي ھوائن ۾ اڏامندي محسوس ڪرڻ لڳي ھئي. سال کن اڳ عيد جي ڏينهن شبنم کي ھن جي مڱيندي تحفي ۾ چوڙيون ڏيڻ وقت پھريون ڀيرو جڏهن سندس ڪنوارا چپ چُميا هئا تڏهن بہ ھن بلڪل اھڙي طرح پاڻ کي آسمانن ۾ اڏامندي محسوس ڪيو ھو پر اڄ سندس چپن جو رسُ پيئڻ وارو ھن جو مڱيندو وقار نہ پر سندس ڀاءُ صفدر ھو، کيس ڪو ھوش ۽ ڪا خبر نہ ھئي، ھوش تہ کيس تڏهن اچڻ لڳو جڏهن ھن صفدر جي ھٿن جي حرڪت مان ھن جي غلط ارادن کي پرکيو، خوف ۽ شرم کان ھن جي دل تيزيءَ سان ڌڙڪڻ لڳي ۽ نہ چاھيندي بہ ھوءَ ھڪ جھٽڪي سان صفدر کان ڌار ٿي ڪجھ قدم پوئتي وڃي بيٺي، شبنم پاڻ کي سنڀالي ورتو ھو، ھن جي خُماريل نيڻن مان ڪجھ موتي نڪري ريشمي ڳلن تان ٿيندا وڃي فرش تي ڪريا، شبنم بيڊ تي پيل پنهنجي پوتِي کڻي پنهنجي چپن تان صفدر جي چپن جي آلاڻ کي زور سان مھٽي صاف ڪيو، صفدر جي حالت ان قاتل جھڙي ھئي جنھن کي ڏوھ جو اعتراف ڪرڻ کان پوءِ موت جي سزا جو انتظار ھوندو آھي، ھن کي پڪ ھئي تہ ھاڻ شبنم کيس مُڪن ۽ چماٽن جو وسڪارو ڪري کيس رتورت ڪري ڇڏيندي يا وري ھن جو ڳلو دٻائي کيس موت جي ننڊ سمهاري ھن ڌرتيءَ تان صفدر جو نانءُ ۽ نشان ئي مِٽائي ڇڏيندي پر ان مھل شبنم جي ڪيفيت ان ٻار جھڙي ھئي جنھن پنھنجو پسنديده رانديڪو پنهنجي ئي ھٿن سان ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو ھجي، ھوءَ ڳوڙھا ڳاڙيندي ننڍڙيون ننڍڙيون وکون کڻندي صفدر جي ڪمري مان نڪري اچي پنهنجي کٽ تي ڪمبل ۾ پاڻ کي لڪائي آھستي آھستي سُڏڪڻ لڳي، ڀاءُ کان سوين ڀيرا وڌيڪ پاڻ تي ڪاوڙ ھئس، جيئن جيئن مڱيندي وقار سان ڪيل قول، قرار، وچن ۽ ڪيل واعدا ياد پئي آيس تيئن تيئن پنهنجي وجود کان ٿي ويل نفرت ۾ واڌارو ايندو ٿي ويس، پنهنجي اميدن ڀري چمن کي ڄڻ تہ ھن پنھنجن ئي ھٿن سان تِيلي ڏئي ساڙي ڇڏيو ھو، اڄ دنيا جي ھر رشتي ھر ناتي تان اعتبار کڄي ويو هوس، نيٺ سُڏڪندي، روئيندي پوئين پھر اک لڳي ويس. صفدر اڃان تائين ان نشي ۽ سُرور ۾ مدھوش ھو، شبنم جي وڃڻ کان پوءِ ھن جيئن ئي پاڻ کي بيڊ تي اڇليو تہ ننڊ اچي ويس، صبح جو جڏهن سج اڃان مس اڀريو ھو تڏھن دل ڏاريندڙ رڙين ۽ دانھن جي آواز تي ھن جون اکيون کلي ويون، اھي دانھون ھن جي ماءُ جون ھيون، صفدر کي لڳو ڄڻ قيامت اچي وئي ھجي، خوف سبب رڳن ۾ رت ڄمڻ لڳس، دل جو ڌڙڪو بيھندي محسوس ڪيائين پر ماءُ جون دانھُون وڌنديون ٿي ويون، اوچتو ھن سٽ ڏئي ڪمبل کي پري اڇلايو ۽ ڊوڙي ڪمري ٻاھر نڪري آيو. سامھون وارو منظر ڏاڍو دردناڪ ھو جنھن کي ڏسي ھن وڏي دانھن ڪئي، آڳر تي بيٺل انب جي وڻ ۾ لٽڪيل شبنم جي بي جان جسم کي چنبڙي سندس جيجل ماءُ اُڀ ڏاريندڙ رڙيون پئي ڪيون، صفدر ڊوڙي وڃي شبنم جي بيجان جسم کي وڻ تان لاهي کٽ تي سمھاريو ۽ ماءُ ۽ ننڍن ڀائرن سان گڏ ھو بہ ھيٺ ويهي ريھون ڪري روئڻ لڳو، خبر ناهي ڪھڙي مھل شبنم وڻ ۾ رسو ٻڌي پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو اُجھائي ڇڏيو هو، ڦوھ جوانيءَ ۾ شبنم ڦاھو کائي پاڻ کي ابدي ننڊ سمھاري ڇڏيو ھو، ھونئن بہ ھاڻ صفدر سان گڏ ھڪ ئي گھر ۾ ھوءَ ڪيئن پئي رھي سگِھي....؟. ڪجھ ئي گھڙين ۾ گھر جو پڌر ڳوٺ جي عورتن ۽ مردن سان ڀرجي ويو، شبنم جي اوچتي موت تي ھر اک آلي هئي پر جوان جماڻ ڌيءَ جي خودڪشيءَ ھڪ بيمار ماءُ کي زندھ لاش بڻائي ڇڏيو ھو، صفدر کان سواءِ ڪنهن بہ نہ ٿي ڄاتو تہ ھر وقت کلندڙ، مسڪرائيندڙ ۽ مرڪون وکيرڻ واري ٻھراڙيءَ جي ھڪ سادي، سهڻي ۽ شرميلي ڇوڪري شبنم آخر ڪھڙي سبب پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو اُجھائي ڇڏيو ھو؟، سڀني کان الڳ ھڪ ڪنڊ ۾ اڪيلو ويھي روئندڙ صفدر کي ايئن ٿي لڳو ڄڻ ھو انسان نہ پر ماڻھوءَ جي روپ ۾ حيوان ھجي.