14 مئي ڇا ڏنو ڇا ورتو؟ فقير محمد سنڌي. 14 مئي 1879ع تي شڪاگو ۾ آرٽ انسٽيٽيوٽ قائم ٿيو. 14 مئي 1907ع تي پاڪستان جي اڳوڻي صدر فيلڊمارشل محمد ايوب خان جو جنم ڏينھن آهي. 14 مئي 1914ع تي مشھور اديب، مير گل خان نصير جو جنم ڏينھن آهي. 14مئي 1923ع تي مارنل سين، ڀارتي فلم ڊائريڪٽر جو جنم ڏينهن آهي. 14 مئي 1943ع تي سنڌ جي پھرين وزيراعظم الله بخش سومرو کي شڪارپور ۾ شھيد ڪيو ويو. 14مئي 1948ع تي اسرائيل جي پهرين وزيراعظم ڊيوڊ بين-گورين صيهوني رياست قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. 14 مئي 1950ع تي پاڪستان جي قومي تراني جي خالق ابوالاثر حفيظ جالنڌري جي گولڊن جوبلي ملهائي وئي. 14 مئي 1963ع تي ڪويت اقوام متحده جو رڪن بڻيو. 14مئي 1973ع تي آمريڪا خلائي اسٽيشن اسڪائي ليب ون کي خلا ۾ موڪليو. 14 مئي 1992ع تي غزل جو شهنشاهه ۽ صحافي فيض بخشا پوري ولد مهدي خان ڊومڪي بلوچ وفات ڪئي. 14 مئي 1995ع تي موسيقار ۽ راڳي استاد مٺو ڪڇي اصل نالو محمد اسحاق ولد محمد بچل ڪڇيءَ جو وڇوڙو ٿيو. 14مئي 2017ع تي پاڪستاني نعت خوان منيبه شيخ جو وڇوڙو ٿيو. 14مئي 2021ع تي نامور ڪارٽونسٽ، فنڪار ۽ مزاح نگار فاروق قيصر جو وڇوڙو ٿيو.