شفيق الرحمان شاڪر ٻه ڏينهن پهرين جڏهن پنهنجي ناڪام لانگ مارچ کان پوء خان صاحب ٻيهر بني گالا واپسيء جون تياريون ڪري رهيو هو ته سندس وفادار مشيرن هڪ اهڙو ته تجسس ۽ خوف ڀريو ماحول جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ڄڻ ته خبر ناهي ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن ۾ پاڪستان جو ڇا حشر ٿي ويندو.عمران خان جيڪو لاڳيتو پنهنجي بيانيي مٿان بيانيو بدلائيندو رهيو آهي تنهن اهو راڳ آلاپڻ به شروع ڪيو ته سندس زندگيء کي خطرو آهي ۽ کيس قتل ڪرڻ جي سازش سٽي ويئي آهي.بس پوء ته سندس همنوائن به ساڳيو سر ڪڍڻ شروع ڪري ڏنو. “ ڏاچي هڻي ڏهه ته توڏو هڻي تيرهن ” جي مثل سندس هڪ قانوني مشير اهڙو ته فلمي سين جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي جو ماڻهن ۾ اڻ تڻ واري ڪيفيت پيدا ٿي ويئي.هن صاحب پنهن جي “ جاچ” مطابق اهو پڻ چئي ڏنو ته عمران خان جنهن رات بني گالا پهچندو ته کيس هميشه لاء رستي تان هٽايو ويندو.هن نه رڳو عوام کي ان رات جاڳڻ جو مشورو ڏنو بلڪه اهو به عهد ڪيو ته هو به سڄي رات ڪنهن دريء وٽ بيهي حالتن تي نظر رکندو ۽ ڪنهن خطري جي صورت ۾ ڪنهن عدالت جو دروازو کڙڪائيندو.سمجهه ۾ نٿو اچي ته ان سڄي صورتحال تي ڇا چئجي.اها آهي سياست جيڪا هن وقت هن ملڪ ۾ هلي رهي آهي. هڪ طرف پورو ملڪ سخت معاشي بحران جي ور چڙهيل آهي ته ٻئي طرف اهي انقلاب جا دعويدار آهن جيڪي ملڪ ۾ وڌيڪ بي يقيني واري صورتحال پيدا ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نٿا ڇڏين. جيستائين ڪنهن جي زندگيء کي خطرو هئڻ جي ڳالهه آهي ته هن ملڪ ۾ ڪهڙي ماڻهوء جي زندگي محفوظ آهي؟ شهرن ۾ ڪنهن به وقت ڪا پراڻي عمارت ڪري پوي ٿي يا ڪٿي ڪا باهه ڀڙڪي اٿي ٿي ته گھٽيون ايڏيون سوڙهيون آهن جو اتي ڪا باه وسائڻ واري گاڏي، ڪو امدادي قافلو يا ڪا ايمبولنس پهچي ئي نٿي سگهي.ٻهراڙين ۾ ڪنهن اسڪول ۾ پڙهندڙ ٻارن کي ڪو ڀروسو ئي ناهي ته ڪنهن ڪمري جي ڇت ڪهڙي وقت سندن مٿان ڪري پوي ۽ هو هميشه لاء ابدي ننڊ سمهي پون.روزانو جيڪي نت نيون وبائون ۽ آفتون نازل ٿين ٿيون انهن مان ڪو قسمت سان بچي به وڃي ته بک ۽ بيماري سندس ساه نپوڙيو وٺي.اٽڪل ٻاويهه ڪروڙ ماڻهو روزانو اهڙين ئي اذيتن ۽ عذابن مان گذرن ٿا پر انهن جي زندگي ته ڇا موت تي به ڪنهن کي ڪا تشويش نٿي ٿئي،باقي ملڪ جي هڪ معمولي اشرافيا هر وقت اهڙا انگل آرا ڪندي ٿي رهي ۽ سندن سيڪيورٽيء تي عوام جا ڪروڙين روپيا خرچ ٿيندا ٿا رهن تڏهن به اهي مطئمن ناهن.انهن کان ڪو پڇي ته پاڪستان ۾ جيئڻ جيڪر انهن لاء ايترو ئي ڏکيو ٿي ويو آهي ته هو هن ملڪ ۽ عوام جي جان ڇڏي ڪنهن ٻئي سڌريل ملڪ ڏانهن هليا ڇو نٿا وڃن جتي سندن اکيون ٿڌيون ۽ دل پرسڪون رهي.سچ اهو آهي ته هي ملڪ رڳو انهيء اشرافيا لاء جڙيو آهي ۽ انهن کي رعايتون ۽ آسائشون مهيا ڪرڻ ئي رياست جي ذميداري آهي،باقي ٻيو عوام ته رعيت آهي جن جي حيثيت ڪيڙن ماڪوڙن کان وڌيڪ ڪانهي.سياست،جمهوريت، عوامي بالادستي،آئين جي حڪمراني وغيره اهي رڳو خوبصورت نعرا آهن جن سان ماڻهن کي ريجھائي اقتدار جي ڏاڪن تائين پهچبو آهي. ڪهڙا نظريا ۽ ڪهڙا اصول؟ هتي ٻن طبقن جي جنگ آهي هڪڙا آقا ۽ ٻيا غلام، هڪڙا حاڪم ۽ ٻيا محڪوم،هڪڙا راجا ۽ ٻي رعيت. گذريل ستر سالن کان اها ئي راند ۽ اهو ئي تماشو هلندو پيو اچي. خان صاحب سان مسئلو اهو آهي جو هن جي ريڪارڊ ۾ گذريل ساڍن ٽن سالن جي اقتدار اندر پنهن جي ڪا ڪارڪردگي ڏيکارڻ واري شيء ئي موجود ناهي بلڪه جهڙيء طرح ملڪ،عوام توڙي ملڪي ادارن جي ستيا ناس ڪئي ويئي ان تان ماڻهن جو ڌيان هٽائڻ لاء اهو ئي ڪارگر نسخو آزمايو پيو وڃي ته ماڻهن کي سازش،مداخلت،انقلاب،اسلام جي مختلف اصطلاحن ۾ الجھائي پنهنجو پاڻ کي مظلوم ثابت ڪيو وڃي ۽ مختلف رياستي ادارن تي دٻاء وجھي پنهن جي حق ۾ حمايت ۽ فيصلا حاصل ڪيا وڃن. دل ۾ عظيم “انقلاب” جي هڪ اهڙي “ معصوم“ خواهش آهي جيڪا خان صاحب ۽ سندس ساٿين کي سڪون سان ويهڻ نٿي ڏئي.هڪ اهڙي خواهش جيڪا بنان ڪنهن حقيقي مزاحمت،محنت،تڪليف،مشقت،سختي سواء يا ته ڪنهن جادو،ٽوڻي ڦيڻي ذريعي پوري ٿي وڃي يا ايمپائر جي اشاري سان سموري شڪست “ عظيم فتح” ۾ بدلجي وڃي.جيڪڏهن حڪومت ڪاسختي ڪندي،يا پوليس ڳوڙها گئس يا لٺيون وسائيندي يا عدالتون تحفظ فراهم نه ڪنديون ۽ جيڪر گرمي به گھٽ نه ٿيندي ته پوء ڀلا اهو انقلاب ڪيئن اچي سگھندو؟ ۽ خان صاحب ۽ سندس ساٿين جي چوڻ مطابق جيڪر اهو “انقلاب ” نه آيو ته ملڪ جا ٽي تڪر ٿي ويندا، ملڪ معاشي ڏيوالپڻي تي پهچي ويندو،ملڪ جي فوج تباهه ٿي ويندي ۽ پاڪستان جا نيوڪليئر اثاثا کسجي ويندا.خان صاحب ڏينهن رات ان “ انقلاب” آڻڻ لاء “جهاد” ڪري رهيو آهي.جيڪو به ان ڪم ۾ خان صاحب جو ساٿ ڏئي ٿو سو “محب وطن” ۽ باقي ٻيا سڀ “غدار” آهن.انهيء عظيم انقلاب لاء خان صاحب وري ڪڏهن ٿو لانگ مارچ ڪري ان جو جواب هن وقت خان صاحب وٽ به ڪونه آهي!