سنڌ جو البيلو ڪوي :حسن درس...!

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏14 جون 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    سنڌ جو البيلو ڪوي: حسن درس
    فقير محمد سنڌي
    سڄي دنيا جي ڪاوڙجڻ سان، مون کي ڪا غرض ناهي،
    بس هڪ تنھنجو چُپ رهڻ، مون کي تڪليف ڏئي ٿو.
    بردباري انساني روين کي زنده رکيٿي، دنيا توهان جي مشتاق تڏهن ٿيندي آهي، جڏهن اوهانجا رويا مثبت رهندا آهن. تاريخ اوهان کي ڍنڍڪرون ڏئي روئي ياد ڪندي آهي ۽ وري نوجواني جو موت اندر جو عقل هوش هلاڪ ڪري وجهندو آهي. اهو ان لاءِ ته جنھن مان سڪ ئي نه لھي اهو اوچتو موڪلاڻي ڪري هليو وڃي. فارسيءَ جي هن شعر وانگر ته ، ترجمو: ”حيف جو اکٻوٽ ۾ يار جي محبت ختم ٿي وئي، گل جو مُنھن اڃا ڍَئو ڪري ڏٺو ئي نه هو ته بھار ختم ٿي ويو.“
    اهڙو ئي خوبصورت گل نما سنڌ جو البيلو ڪوي ”حسن درس“ به اسان کان 15-جون 2011ع تي هميشه لاءِ وڇڙي وڃي راهه رباني ورتي. سنڌ جو مھان ڪوي شيخ اياز موت بابت ڪجهه هن طرح چيو آهي ته:
    ناهي موتَ ميارَ،
    ووءِ ميان، ووءِ ميان!
    اُگهو ميان اکيون، پوي جئن نه پچار!
    ووءِ ميان، ووءِ ميان!
    سانڀي رکو ساھَه ۾، پنھنجا قول قرارُ
    ووءِ ميان، ووءِ ميان!
    قومن جي تاريخ شاعرن جي شاعريءَ ۾ سمايل آهي. موت ڪڏهن به شاعر کي مات ڪونه ڏني آهي. ايئن حسن درس به موت کي مات ڏئي پنھنجي هر سِٽَ ۾ سوڀ جو سرجڻھار، گُلن جي هار وانگر، صدين تائين پنھنجي صدا بلند ڪندو رهندو. هن جي شاعريءَ ۾ اتساهه جا بلند مينار نظر اچن ٿا.
    پنھنجي ڳالهه نمايا انداز ۾ رکڻ جو ڏانءُ ڪو حسن درس کان سکي، چوي ٿو ته:
    جو کيڙيندين سو ميڙيندين
    کپئي گوليون کپئي گل کڻ
    بٺيون، بارود جون پوکون
    نه تنھنجي پوءِ لڻڻ جھڙيون
    ورن ۾ نانگ ڪيئن ڪارا
    وجهي جي ميز تي ويھندين
    نه ٻليون پوءِ ٻڌڻ جھڙيون
    نه ڳالهيون سي سڻڻ جھڙيون.
    دوستن سان هرڪو خوش رهي سگهندو آهي. دشمن سان خوشيءَ جو اظھار ڪو شاعر ئي ڪري سگهي ٿو. باقي دنيا داري پھاڙ جي مثل آهي. پر حسن درس پنھنجي ڪمال ڪاريگري سان چوي ٿو دنيا ڇاهي!
    سرتي سانجهي، دور پکيئڙا،
    دنيا ڇاهي؟
    ٽم ٽم تنھنجي، ٻرندڙ ڏيئڙا،
    دنيا ڇاهي؟
    رستي ايندي ويندي، ٿورو اوکي سوکي،
    دنيا ڇاهي؟
    گونگي گرمي، سرتا اوسيئڙا،
    دنيا ڇاهي؟
    جر تي تارا، بر ۾ باهيون،
    دنيا ڇاهي؟
    ۽ تنھنجا، لمحي لمحي پويان ليئڙا،
    دنيا ڇاهي؟
    شاهه لطيف وٽ عشق جو دائرو ايئن آهي ته ”عشق نه آهي راند، جا کيڏن ڳڀرو“، جڏهن ته حسن درس درد جو سڄو ساگر عشق جي اوٽ ڪري رنگين مزاجي سان شاعريءَ جو هنر سکي ورتو هو.
    جيڪو جوڙي ٿو، سو ئي ٽوڙي ٿو،
    بي حد بيٺو آ، ڪيڏو ڊوڙي ٿو.
    عشق ته عشق آهي پر معشوق جي اکين ۾ ڪمال جو حسن آهي جيڪو سڄي زندگي ۾ ميدان عمل رهي ٿو. حسن درس تي جڏهن لکڻ ويٺس ته دنيا جھان جي شاعريءَ اچي منھنجو پاسو ورتو آهي، ڄڻ اڄ شاعريءَ مون سان ڳالهائڻ شروع ڪيو آهي، چوڻ لڳي آهي ته،”اسان کي به هن مضمون ۾ حصو پتي ملندو يا درگذر ٿينداسين.“ معشوق جي حوالي سان فارسيءَ جو شعر اوهان جي نظر ڪندس. ترجمو: ”ڪنھن کي پتو نه پيو آهي ته معشوق جي آخري منزل ڪٿي آهي، ليڪن ايترو پتو پوي ٿو ته ازغيبي آواز پاڻ ڏي ڇڪي رهيو آهي. بانگ جرس مان اهو پتو پوي ٿو ته قطري کي نيٺ قلزم ۾ سمائجڻو آهي.“ حسن درس پنھنجي زندگيءَ ۾ راڳ ۽ شاعريءَ ۾ بلڪل سمائجي ويو هو، توڙي جو حسن درس جو گهراڻو مذهبي سھرورديه سلسلي سان تعلق رکي ٿو پر حسن درس جي طبيعت ۾ ننڍپڻ کان ئي شاعريءَ سان چاهه ويٺل هو. چون ٿا سندس ڏاڏو محمد حسن درس به مدح ۽ مولود جو ناميارو شاعر هو. سندس شاعري درگاهه مشائخ هوٿي سميت تر جي ميلن ۽ محفلن ۾ ڳائي ويندي هئي حسن درس جي شاعريءَ تي مذهبي رنگ ڪٿي ڪٿي نظر اچي ٿو پر پنھنجي اسلوب بيان ۾ سنڌ ڌرتيءَ جو خوبصورت ۽ نمايان انداز جو شاعري آهي. ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو سھڻي نموني سان لکيل نظم آهي.
    حسن درس، نئين ٽھي ۾ جديد سنڌي شاعريءَ جي نمائنده شاعر جو جنم 5 سيپٽمبر 1966ع تي ڳوٺ مشائخ هوٿي، تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي الھيار ۾، حاجي غلام رسول درس جي گهر ۾ ٿيو. حسن درس جا وڏا اصل ۾ لاکا ذات جا آهن، پر سندس ڏاڏي مشائخ هوٿي لاکي کي سھرورديھ سلسلي جي ملتاني بزرگ هٿان خلافت ۽ درس جي خطاب ملڻ کانپوءِ درس سڏجڻ لڳا.
    حسن درس 4 فيبروري 1993ع تي نامور ڪھاڻيڪار ماهتاب محبوب جي ڌيءَ ارم محبوب سان شادي ڪئي، جنھن مان کيس ٻه پٽ روحل ۽ چيزل ۽ هڪ نياڻي ردم آهي. سندس زندگيءَ جا پاسا تمام گهڻا آهن پر نظمن جو ردم ۽ راڳ جا آلاپ هن جي روح جي غذا هئا.
    ڪنھن ماڻهوءَ چيو ته ”راڳ ڳائڻ ۽ ٻڌڻ ڀلي کڻي بدعت ڇونه هجي پر جتي ڳائيندڙ امير خسرو، ٻڌندڙ نظام الدين اولياء هجي ته اُتي اهو راڳ بدعت نه پر عبادت جو درجو رکي ٿو.“ شاعريءَ کي عبادت جو درجو ڏيندڙ حسن درس تمام جلديءَ سان پنھنجي گيتن، نظمن سان گڏ سڄي سنڌ کي سوڳوار ڪري مٽيءَ ماءُ جي هنج ۾ آرامي ٿيو آهي.
    حسن درس جي غزل جا ڪجهه بيت ڀيٽا طور:
    پکي پرديس جا سورج ٻرن پويان لڙي ٿو پيو،
    ورڙ ان واٽ تي ويٺل، اڳيان جت رڻ رڙي ٿو پيو.
    لڳي وئي لاڙ سان آ لنئون، اوهان کي ٻيو ڀلا ڇا چئون،
    اسان کي عشق، سارين جيئن ڇنڊي ڦوڪي ڇڙي ٿو پيو.
    عمر جي آڱرين مان ڏس، ڦلن وانگي ڇڻون ٿا پيا،
    سڄڻ سگريٽ، ستي جيئن سڄو ماڻهو سڙي ٿو پيو.
    اوهان مرڪي ملي آخر، هليا ويا شھر پنھنجي ڏانھن،
    اسان جي ڳالهه جي ڳل تان، اڃان ڳوڙهو ڳري ٿو پيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو