ڪرم حسين “ڪرم” وڳڻ جي شعري مجموعي: “روح جي راحت” تي هڪ نظر فقير محمد سنڌي نيلسن منڊيلا جي زندگيءَ جو تجربو آهي ته: ”زندگي ۾ اڳتي وڌڻ جو سڀ کان اثرائتو عمل هي آهي ته سڀ کان اڳ پھرين وک وڌايو.“مطلب ته پھرين وک کانپوءِ ٻئين وک کي سھارو ملي ٿو. ڪرم حسين ”ڪرم“ وڳڻ کي شاعري، زندگي ۽ دوستن مان ڪيترو سھارو مليو آهي اها سندس کي ئي خبر، پر ڪرم حسين ”ڪرم“ وڳڻ جي پھرين من جي مراد سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد ضرور پوري ڪئي آهي، جيڪا اسان سڀني جي سامھون ”روح جي راحت“ جي صورت ۾ پھتو. ڪرم حسين ”ڪرم“ وڳڻ پنھنجي طبيعت ۾ دلربا شخص آهي. سندس من ۾ مزاح به شامل آهي، جنھن جي ڪري ساڻس ڪچھري ڪرڻ تي دل چوندي آهي. سمبارا پبليڪيشن جي سرواڻ ساجد سنڌي کي جس هجي جنھن ڪرم حسين ”ڪرم“ وڳڻ جي شاعريءَ کي ڪتابي صورت ڏئي صاحبِ ڪتاب کي تاريخ ۾ امر بڻايو آهي. ڪتاب ”روح جي راحت“ ۾ ساجد سنڌي، ڪرم حسين ”ڪرم“ وڳڻ لاءِ لکيو آهي ته، استاد الشعراء ۽ ڪھنه مشق شاعر سائين ڪرم حسين ”ڪرم“ وڳڻ جي شاعريءَ ۾ پڻ اسان جا معاشرتي اهڃاڻ نھايت سادگيءَ ۽ سچائيءَ سان بيان ڪيا ويا آهن. ڪتاب جو مھاڳ سنڌ جي ناليواري محقق ۽ شاعر ڊاڪٽر احسان دانش لکيو آهي. استاد لـقمان حڪيم جي سينئر شاعر هجڻ سان گڏ مھربان طبيعت جو مالڪ ۽ دل جو ڪشادو انسان هيو، هن پنھنجي سھڻي سڀاءَ ۽ شعري اصلاح جي هنر سبب انيڪ شاعرن کي اتساهه بخشيو. انهن ڏينھن ۾ لاڙڪاڻي ۾ شاعرن جي آبادي وڌائن ۾ استاد لقمان حڪيم جو وڏو هٿ هيو. استاد لقمان حڪيم جي اهڙن شاگردن مان ڪرم حسين ”ڪرم“ وڳڻ به هڪ آهي. محبت جي پنڌ ۾ غزل جي خوبصورت شاعر شھمير سومرو به ڪرم حسين ”ڪرم“ وڳڻ لاءِ پنھنجا احساس هن نموني سان بيان ڪيا آهن. ڪرم حسين ”ڪرم“ وڳڻ جي شاعري پڙهڻ بعد مون کي محسوس ٿيو ته هي ڪوي شاعري لکڻ وقت شاعري جي لوازمات کان بي فڪر ٿي پنھنجي اندر جي ڳالهه کي جيئن جو تيئن ڪرڻ کي ئي ترجيح ڏئي ٿو. ڪتاب روح جي راحت 128 صفحن تي مشتمل آهي، جنھن ۾ شآعريءَ جون صنفون حمد، نعت، نوحه، دعائون ۽ قصيده شامل آهن. جن ۾ ڪرم حسين ”ڪرم“ وڳڻ عظمت ڀريا احساس سمايا آهن. ڪرم حسين ”ڪرم“ وڳڻ جي شاعريءَ مان ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ته سڀني صنفن سان سانباهه ٻڌي نڀاءُ ڪيو اٿس، جيڪا ڳالهه حوصلي بخش آهي، ڪرم حسين ڪرم وڳڻ شاعريءَ جي هر صنف کي مَنَ جي آباديءَ سان پوکيو آهي. آبادگار پنھنجي زمين ۾ ٻاجهر، تر، سرنھن، ڄانڀو، گوار، ڪڻڪ ۽ ساريون پوکي ملڪ ۾ خوشحالي آڻيندا آهن. ڪرم حسين ”ڪرم“ وڳڻ، حمد، نعت، نوحه، دعائون، قصيدا، لوڪ داستان، عارفانو ڪلام ۽ مزاحيه شاعري پيش ڪري، مٽيءَ جي دڳن مان طرحين طرحين جي خوشبوء جو واس ڏنو آهي، پنھنجي استاد لاءِ لکي ٿو ته: نه ٿيو آ نه ٿيندو لقمان جھڙو دلبر، شعر و ادب ۾ بيشڪ ئي هو بھتر. ڪرم حسين ”ڪرم“ وڳڻ جو عارفاڻو ڪلام: آهـــي عـــاشـــق پـــاڻ الله مـــيـــان، آهي عشق سان جنھن جو چاهه ميان. و نـحـن اقــرب جــي ڳالهه ڪري پوءِ، پـــيـــدا ڪـــيـــائين ارواح مـــيـــان. *** آيو عشق اندر ۾ هلي هلي، ٿو عشق نچائي ڳلي ڳلي. *** ڪـيــڏو پـيـارو آهـن مـالـڪ کـي، جنھن پيدا ڪيو انسان مٽيءَ جو. لوڪ داستان ۾ سر سسئي سان ذري ذريءَ جي ڳالهه سورن سان ڪئي اٿس. پنھل لئه ڪندس آنءُ ته هيلا هزاري، پنھل جون ٿڪي آهيان واٽون نھاري. *** منھنجو پنھل اديون ڪھڙي پار ويو، ڏئــي ســـور ۽ صــدمــا يــــار ويــــو. ڪرم حسين ”ڪرم“ وڳڻ غزل جي حسناڪي عشق ۾ ڳولهي لڌي آهي. ڀل زمانو ڇا چوي پر عشق کي آهي سلام، عشق وارو حسن جو هر جاءِ تي آهي غلام *** تـعـريف ڇـا ڪيــان مان تنھنجي شباب جي، ڪانهي تنھنجي لبن سان حاجت گلاب جي. غربت، مفلسي ۽ اقربا پروري تي ڪرم حسين ڪرم وڳڻ جي نظر کي تڪليف پھتي آهي. زماني کي لاپرواهي جو آئينو شاعريءَ وسيلي ڏيکاري ٿو. مـھـانـگـي آ هـر شيءَ اٽو کنڊ مصري، غـريـبـن کـان ڀـائـو وئـي عـيد وسري. ڀري فرج ماڻهن رکي گوشت سان پر، غـريـبـن جـي ڏاڍي ڏکي عيد گـذري. ڪنھن جو چوڻ آهي ته، ”ڪن حالتن ۾ ماڻهوءَ جو عقل، بغير ڪنھن سوال جي به جواب ڏيندو آهي. جيڪڏهن اهو جواب يا سوچ تشبيھه واري هجي ته ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ کي ويتر لاجواب بڻائيندي آهي. ڀل ان کي دنيا مزاح به چوي، شاعر جي نظر ۾ اها حقيقت نگاري هوندي آهي. عـشـق تـنـھنجي ۾ مٺا عضوا ڀڃايون ٿو وڃان، پيار تنھنجي ۾ پرين پٽڪو لھرايون ٿو وڃان. *** دور دنيا جو بدليو آ اڄ، مـــرد بــڻــيـا هن مايون. *** وڳــڻ وائــڙو ٿـيــو ڏاڍو ڏسي سھڻن جي ٽولي کي، ڪرم ترڪي پيو ان دم پيس جو پير ڪيلي تي. *** مون کي مجنون نه سمجهو مان ته مجنو جو ابو آهيان، هـمـيـشه حـسن جي پـويـان وجهي ورَ مان ڀڳو آهيان. ڪتاب جو بئڪ ٽائيٽل سنڌ جي سڄاڻ شاعر، محقق ۽ لطيف جي پارکو ڊاڪٽر بشير احمد ”شاد“ لکيو آهي، جيڪو ڪرم حسين ”ڪرم“ وڳڻ جي زندگي ويجهڙائيءَ کان خوب واقف آهي. جنھن جي ڪري پنھنجي خوبصورت راءِ قائم ڪئي. ***