منهنجو نالو سارا سومرو آهي ۽ هن فورم تي اچي مونکي ڏاڍي خوشي ٿي آهي مان هميشه ان ڳولها ۾ هوندي هيم ته ڪو سنڌي فورم ملي ته سنڌي لکڻ ۽ پڙهڻ جو موقعو ملي سو اڄ اُهو پورو ٿي ويو ۔۔۔
جواب: سارا سومرو ادي اسان اوهان کي انتظاميه طرفان خوش آمديد ٿا چئون ادي توهان جي لکڻين جو انتظار رهندو ادي توهان جي سنڌي لکڻي ماشاالله بهترين آهي پر ان ۾ ٿوريون غلطيون آهن جيڪي توهان ٿورو غور ڪندو ته اهي دور ٿئي وينديون سدائين گڏ
جواب: سارا سومرو ادي موسٽ ويلڪم ادي پنهنجن دوستن کي به هن سنڌ سلامت جي باري ۾ آگاھ ڪندا جئين اسان سڀ سنڌي ملي ڪري هڪ سوچ رکي پنهنجن مسئلن کي حل ڪري سگهون، توهان جو ڀاءُ ريحان ڪيريو bhali kareaya
جواب: سارا سومرو سنڌ جي هن اُڀرندڙ فورم تي اسان جي ڀيڻن سنڌياڻين جي وڌندڙ ميمبرشپ کي ڏسي تمام بهتر ٿو لڳي۔۔۔ هن مست جي طرفان به سنڌ سلامت تي اوهان کي دل جي گهراين سان ڀليڪار چئجي ٿو۔۔ ادي سارا اميد ته اوهان کي هي فورم هن جا سيڪشن، ميمبر ۽ ونڊ ڪيل تحريرون پسند اينديون۔۔۔
جواب: سارا سومرو مست بابلا هي ڇا !!!!!!!!!!!!! هاڻي چئبو ته صفا اصل مست ٿئي ويو آهين نه هاڻ منزل اوهان جي قريب آهي بس صرف ٿورو انتظار ڪريو :d:d:d:d:d:d =))=))=)) سدائين گڏ
جواب: سارا سومرو ادا فقير سائين ۔۔۔۔ ڪريڪشن ته اوهان به ڪونه ڪئي آهي، ادا کي ادا ئي رهڻ ڏنو اٿوَ۔۔ باقي لکڻ ۾ رڳو ادي۔۔ ها ها ها ۔۔۔ ٻي راز جي ڳالهه ته ٻڌو۔۔ اسان هينئر تائين رڳون ادن کي ڀليڪار چيو آهي، هاڻي ادين کي ڀليڪار چوڻ واري عادت وجهڻ ۾ ڪجهه ته ٽائيم لڳندو۔۔۔
جواب: سارا سومرو ادا مست ، ڪريڪشن ڪري ڇڏي آهي ان ٽائيم ئي بابلا باقي توهان جي ٻئي ڳالهه ۾ وزن ته پنهنجي جڳهه تي آهي ته ٽائيم لڳندو ها ها ها سدائين گڏ
جواب: سارا سومرو ادا توهان ريزن ۾ ادا کي ادي واري ڪريڪشن ڄاڻايو هو باقي مٿي ساڳو ادا لکيل هو۔۔ ها ها ها ۔۔
جواب: سارا سومرو ڀيڻ ساره کي سنڌ دوست اڱڻ تي ڀليڪار ۔۔۔ اميد ته ڀيڻ اسانجي هن سنڌ سڄڻن جي فورم تي پاڻ ملهائيندي ۽ ڀينرن ۽ ڀائرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي سنڌي ٻولي جي خدمت ۾ سرخرو ٿيندي ۔۔۔ جي حيان نه هارين ڪوهيارل، هي ڏينهن به گهاري وينداسون ڇو پير پساري ويٺو آن، اٿ ڏونگر ڏاري وينداسون۔ رب العالمين اسانکي سنڌ جي خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ۔۔۔۔ آمين