پيار لئه ساجن صديون گهرجن...!

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏19 جولائي 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    پيار لئه ساجن صديون گهرجن :
    فقير محمد سنڌي
    حوصلو حيرت جو، آهي نه مٿي عام،
    سندي محبت مام، ڪورُ پروڙي ڪينڪي.
    (شاھ لطيف)
    سرمد چانڊيو گيت جو باڪمال شاعر آهي جنھن گيت کي ڪيترن ئي رخن سان پيش ڪري سنڌي ادب جي ڪک کي سائو ڪيو آهي. سرمد سائين غزل تي به ڀرپور نموني سان پاڻ ملهايو آهي. منهنجي نظر ۾ وقت کي اهي فرد فتح ڪندا آهن، جيڪي پنهنجي قوم کي فن مهيا ڪن ٿا. بلڪل ائين ئي سرمد چانڊيو به آهي جنھن ادب جي پيروي ڪندي نازڪ صنفن کي فن جي گهاڙيٽي ۾ پرکيو آهي جنھن ۾. گيت، ديوان، وائي، غزل، تحقيق، شاھ لطيف ۽ شيخ اياز جي فني

    پاسن کي اجاگر ڪري سڀ جا سڀ وکرسنڌي ادب کي ارپيا آهن.
    پيار کي هن پيار لاتا چار چنڊ،
    يار کي ڀي يار لاتا چار چنڊ.
    سونهن سرمد سان ملي سڏڪا ڀري،
    سور کي سُڏڪار لاتا چار چنڊ.
    ( ديوان سرمد)
    زندگيءَ جو مختصر خاڪو :
    گيت جو سرموڙ شاعر سرمد چانڊيي جو اصل نالو سونو خان
    پيءُ جو نالو: جمعو خان
    ادبي سڃاڻپ : شاعر، نقاد، محقق، ناول نگار
    جنم جي تاريخ: 20 جون 1950ع
    جنم جو هنڌ: ڳوٺ جمال خان چانڊيو
    تعلقو قمبر.
    اباڻو ڳوٺ: حاجي فقير محمد چانڊيو تعلقو قبو سعيد خان
    ابتدائي تعليم: ڳوٺ نيڪ محمد مغيري تعلقو قبو سعيد خان.
    پرائمري تعليم: تعلقو ميرو خان ڳوٺ ميرڻ ماڇي.
    ادبي خدمتون:
    سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت شاخ قمبر1985ع کان 1988ع
    ضلعي رابطا سيڪريٽري: سنڌي ادبي سنگت ضلعو لاڙڪاڻو 1992ع
    ايڊيٽر: هفتيوار اخبار ”چانڊڪا“ لاڙڪاڻو.
    ”سنڌي ڪلاڪار ساريندڙ سٿ سنڌ “ 1995ع
    (ادبي ۽ سماجي تنظيم جو بنياد وجھندڙ)
    ميمبر: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر
    ڄاڻندڙ ٻوليون: . سنڌي،عربي، فارسي، سرائڪي، بلوچي ۽ اردو.
    عشق سرمد جي سيني ۾ ڪيئي دريا اڪيري ڇڏيا آهن، اھڙي موج ۾ ڪو ڪو تري تار ٿيندو آهي پر سرمد سائين پنهنجي سوچ ۽ قلم کي همراز ڪري هيٺان ڪتاب محبت ڀرين دلين کي حوصلي طور ڏنا آهن.
    ڇپيل ڪتاب:
    1- ڪارا ڪڻڇي ريٽا گيت 1995ع
    2- مون کي سڏ اروڙ جا 1999ع
    3- سانوڻ پهرين بوند 2006ع
    4- جمهوريت جو چنڊ 2007ع
    5- جمهوريت جي شهزادي 2008ع
    6- جمهوريت ڪِي نوِيد (اردوءَ) 2009ع
    7- ڪلام عثمان فقير سانگي 2013ع
    8. حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي ڇند وديا 2016 ع
    9. شاه لطيف ۽ راڳ ويراڳ 2017ع
    10. علامہ اقبال کے منتخب نظمیں. /ترجمو 2017ع
    11. ديوان سرمد. 2018ع.
    12.ڇند وديا جا اصول ۽ سکيا. 2019ع
    13. شاھ لطيف جي شاعري ۽ موسيقي 2022ع.
    دنيا کي سمجهڻ لاءِ سائنسدانن، مفڪرن، عالمن، اديبن ۽ شاعرن وڏا جتن ڪيا آهن ۽ انهن پاڻ به ملهايو آهي. سنڌي ٻوليءَ جو امين شاھ لطيف جا انمول خيال آهن ته :
    پاڻ پردو پاڻ کي، کڻي ڪر سنڀال،
    وِچان جو وصال، سو تان هئڻ هُن جو.
    ( شاھ لطيف)
    شيخ سعدي ٿو چوي ته :
    حجاب نيست، تو آئينه پاک دار،
    زنگار خوردہ چون، بنمايد جمالِ دوست.
    سنڌ جو مهان ڪوي شيخ اياز چوي ٿو ته :
    سڀڪا مومل، سڀڪو راڻو،
    پنهنجي پنهنجي ڪاڪ سڀن کي.
    سرمد سائين چوي ٿو.
    پيار لئه ساجن صديون گهرجن ،
    ڳالھ ته ڏاڍي گوري آ،
    هي حياتي ٿوري آ.
    يا وري
    پيار پوتر آ ازل کان پُڃَ پُڃَ،
    جوءِ ساري ٿي ملهائي جُڃ جُڃَ.
    ڪنهن ڏاهي جي چوڻي آهي ته :
    ”قلم بادشاهه جي هٿ ۾ موت جو مرثيو، جج جي هٿ ۾ مظلوم جي مٿي لاءِ پٿر جو گولو ۽ شاعر جي هٿ ۾ زندگيءَ جو گيت هوندو آهي.“ محبت جي ڀرم کي ساڀيان رکڻ لاءِ سرمد سائين تمام گهڻي ڪوشش ڪئي آهي ان جو ثبوت هيٺان اڻ ڇپيل آهن.
    اڻ ڇپيل ڪتاب.
    شاه لطيف ( ناول)
    شاه لطيف سائين جن جا سورٺا بيت ۽ فن.
    شاه سائين جي وائين جا ڇند ۽ پد.
    ڪلاسيڪل نيم ڪلاسيڪل ۽ جديد وائي.
    شِخ اياز ۽ ڇند وديا.
    سچل سائين جون رندي رمزون.
    سنڌي سئو ڪافيون سئو راڳ.
    لوڪ گيت ( شاعري)
    گيت ( شاعري)
    سنڌڙي تنهجا گيت ( شاعري)
    محفل جو غزل ( شاعري)
    مختلف شاعري جي ڪتابن جا مهاڳ.
    ڪلا سنڌ تنهنجي ( مضمون)
    خدو جي راڻي (ناوليٽ) ترجمو
    اوڻيه صدي ۽ عروضي شاعري.
    فوٽو سنز سسٽم- (ڪهاڻيون)
    شاه لطيف جي ٽيه اکري- ( شاه لطيف جي ٽيه اکري به ڇند تي آڌاريل آهي)
    رسالي شاه لطيف جي علم ڇند وديا مطابق ماتراڪ فهرست-
    (لطيفيات)
    ايمرسن جو قول آهي ته :
    "ڪنھن سٺي ڪم ڪرڻ جي شاباس جو انعام يا عيوضو، اهو ئي آهي يعني ته ان ڪم جو ڪرڻ " سائين سرمد جي زندگي جو پلپل فائدي مند آهي. تڏهن ته محبت ڀريا ايوارڊ سائين جي حصي ۾ شامل آهن.
    مليل ايوارڊ:
    1 - سچل ايوارڊ 2000ع
    2 - پيرل قمبر ايوارڊ
    3 - شهيد زخمي چانڊيو مڃتا ايوارڊ 2013ع
    4 - ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو 2014ع.
    شاھ لطيف ايوارڊ 2020ع
    سائين سرمد چانڊيي جي ڪچهري مان گلن جهڙو پيار، حوصلي جي بلندي ۽ اخلاقي قدر ئي ملندا آهن. علم جي پرچارڪ ۽ فن ڄڻ خمير ۾ شامل اٿس. ديوان سرمد جي غزل جا ڪجھ بيت :
    اسان جو شانُ ۽ شوڪت قلم ڪاغذ،
    اسان جو علم ۽ دولت قلم ڪاغذ.
    اها ئي لوح ۽ محفوظ جي دنيا،
    ڪئي آباد هر حالت قلم ڪاغذ.
    دلين جا راز خط ڏيئي لکيا سارا،
    اکر جي آن ۽ عظمت قلم ڪاغذ.
    سڄي دنيا جو سرمايو ظاهر،
    لتاڙيا پيار سان پربت قلم ڪاغذ.
    جهالت سان ڪئي آ جنگ جا سرمد،
    اها پنهنجي فتح نصرت قلم ڪاغذ.
    حضرت علي عليه السلام جو فرمان آهي ته : "آءُ ورهاست ڪرڻ واري جي ان ڳالهه ۾ راضي آهيان ته، هن مون کي علم عطا ڪيو ۽ جاهلن کي مال ملڪيت، مال ملڪيت فنا ٿيڻ واريون شيون آهن ليڪن علم لازوال آهي. "

    سائين سرمد چانڊيي بيمارين سان جهيڙيندي پنھنجي زندگيءَ جا آخري لمحا ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ 18 جولائي 2022ع ڏئي، سنڌي ادب، ٻوليءَ ۽ پنهنجي عزيزن کي هميشه لاءِ الوداع ڪيائين. سائين سرمد جون سٽون ساجن لاءِ هڪ پيغام ڇڏي ويون آهن.

    ساجن! توکان پوءِ...

    هيج ڀريو هينئڙو،

    ننڍڙو ٿيندو ٿو وڃي!

    ننڍڙو ٿيندو ٿو وڃي!

    ساجن! توکان پوءِ...

    منھنجو هينئڙو ڇا،

    گهر جو هِي لوڙهو،

    ننڍڙو ٿيندو ٿو وڃي!

    ننڍڙو ٿيندو ٿو وڃي!

    ساجن! توکان پوءِ...

    گهر جو لوڙهو ڇا!

    برسيل هِي ويڙهو،

    ننڍڙو ٿيندو ٿو وڃي!

    ننڍڙو ٿيندو ٿو وڃي!

    ساجن! توکان پوءِ...

    ھڪڙو ويڙهو ڇا!

    پنھنجو شھرُ سڄو،

    ننڍڙو ٿيندو ٿو وڃي!

    ننڍڙو ٿيندو ٿو وڃي!

    ساجن! توکان پوءِ...

    شھرُ اڪيلو ڇا،

    سنڌوءَ جو نقشو،

    ننڍڙو ٿيندو ٿو وڃي!

    ننڍڙو ٿيندو ٿو وڃي!

    ساجن! توکان پوءِ...

    سنڌُ جو نقشو ڇا،

    دنيا جو گولو،

    ننڍڙو ٿيندو ٿو وڃي!

    ننڍڙو ٿيندو ٿو وڃي!
    [​IMG]
     
    آخري ترميم: ‏29 جولائي 2022

هن صفحي کي مشهور ڪريو