جن ڏينهن ۾ ڇاپخانا (پرنٽنگ پريس) ڪين هئا، تن ڏينهن ۾ ڪتاب هڪ خاص قسم جا ماڻهو لکندا هئا. جن کي 'ڪاتب' چئبو هو. هڪ دفعي شاھ سائين ڪاتب کي لام سان الف ملائيندو ڏسي، ڪيئن نه ان کي پرينءَ جي پريت سان مشابھ ڪري ٿو. ڪاتِبَ! لِکِين جئن، لايو لام اَلف سين؛ اَسان سڄڻُ تئن، رھيو آهي روح ۾. عربي صورتخطي ۾ لام سان الف هن ملائي لکندا آهن "لا". پر انهن ٻنهي اکرن جي ملاوت اهڙي طرح ٿيو وڃي جو ڪو به سنڌو وچ ۾ نه ٿو اچي. روح ۽ رب جي ملاوٽ هڪ غير محسوس ڳالهه آهي پر ڪاتب لام ۽ الف جو مثال ڏئي هڪ غير محسوس حالت کي محسوس بڻائي ڇڏيو آهي. اھا شاھ لطيف جي باريڪ نظر آهي. جنهن ان مان روحاني سبق حاصل ڪيو آهي. ڪتاب: افڪار لطيف ليکڪ: دادا سنڌي چونڊ: نصرالله ڏاهري