• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شاه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي بيتن ۾ ٻٽا لفظ

نصرالله ڏاهري

سينيئر رڪن
شاه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي بيتن ۾ ٻٽا لفظ
ٻٽا لفظ: ٻٽا معني ٻٽ (گڏ) ٿي ڪم ايندڙ. ٻٽا لفظ هڪٻئي سان ٻٽ ( Together) ۽ لاڳاپيل هوندا آهن. لفظن جا اهڙا جوڙا هڪٻئي جا جوڙيوال هوندا آهن ۽ گڏجي ڪم ايندا آهن.
ڊاڪٽر غلام علي الانا لفظن جي ان جوڙجڪ کي "تڪرار" سڏي ٿو.

تڪرار: ڪنھن لفظ جي سڄيءَ صورت يا ڪنھن جز کي دھرائڻ جي عمل کي چئبو آهي، جنھن جي دھرائڻ سان لفظ يا ان جي حصي ۾ ڪا به تبديلي ڪانه ايندي آهي.
مثال طور:
#جان_جان پسين پاڻ، #تان_تان ناهِ سجود.

مٿين سٽ م جان جان ۽ تان تان لفظن کي مڪمل دهرايو ويو آهي. ان عمل کي تڪرار سڏجي ٿو.
ڪتاب: شاه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو لسانياتي اڀياس
ليکڪ: ڊاڪٽر شازيه سفير

ٻٽن لفظن وارا بيت
پَتَنگُ چائِين پاڻَ کي، تہ ڄيري پَوء ڄاڻِي،
#تان_تان تاڻِج تاءَ ڏي، جان آڳِ نہ اُجهاڻِي،
وِسِهُ وِھاڻِي٠ اَتُ نہ ڏِجي عام کي،
سر ڪلياڻ

#جئن_جئن وَرَقَ وَرائِين، #تئن_تئن ڏٺو ڏوھُ؛
تنھن ڪَھڻِيءَ ڪبو ڪوھُ؟ جي رھڻِيءَ رھيو نہ سُپرين.
سُر يمن ڪلياڻ

#جان_جان ناهِ ضرور، #تان_تان طبيب ناه ڪو،
جهُ سو سَريو سُورُ، ته ڪَر ويڄُ ور پيو.
يمن ڪلياڻ

#وَٽَ_وَٽَ وٽِيءَ ۾، #مَٽَ_مَٽَ مَنڌُ ٻِيو؛
قدر ڪيفَ ڪلال جو، پِياڪَن پيو؛
اَچن دُرسُ دڪان تي، ڪَنڌَ قبول ڪيو؛
سُرھا سِرُ ڏيو، چَکَن سُرڪَ سيَّد چئي.
سُر يمن ڪلياڻ

#جان_جان پَسِين پاڻَ کي، #تان_تان ناهِ سُجُودُ؛
وِڃائي وُجُودُ، تِھان پوءِ تَڪبِيرَ چَئو.
سُر آسا

وَسنِ ۽ وَھسَنِ ، ڏيھاڙِي ڏِسَڻَ لَءِ ؛
#ڏِسِي_ڏِسِي آئِيۡون ، توءِ تَلاشۡون ڪَنِ ؛
ڍاپِيو نه ڍاپَنِ ، پَسَڻَ مَنجھان پِرِينءَ جي
سۡر آسا

#پَلَ_پَلِ ٿٖي پَلِي، ڏَمَ ڏِيهاڻِي ڪيتَرو؛
پَسِي دُورُ دَرِياهَہ جو، وِچان ڪِينَ وَلِي؛
ڪارِيءَ راتِ قَرِيبَ ڏي، مَنجهان حُبَ هَلِي؛
نہ ڪنهن جهولَ جَهلِي، هُئِي سَمُنَ پُورِي سهڻي.
سُر سھڻي

#پَلَ_پَلَ ٿي پَلِيانسِ، پَلُ نہ رَھي پِرِينءَ رٖي؛
جِئَن جهوريءَ کان جَهلِيانسِ، جِهڄِيو تِيئَن جهوريءَ پَوٖي.
سُر رپ

لڏيندي لباس جَتن جيڏو ئي ڪيو، اَچي آري ڄام جو #وَڻ_وَڻ مَنجھان واس، مِرون کينمِ مَاس، ھَڏَ ھلندا ھوتَ ڏي۰
سرديسي

#مُٺِ_مُٺِ سُورَنِ سَڀڪھين مون وٽ وَٿاڻان،
ڀريون ڪِئو ڀُوڻان ،وئا وِھائُو نِڪري.
سر حسيني

#ڀِيڙي_ڀِيڙي ٻَنڌُ، سُورائِتِي! سَندِرو,
ڪيچَ اَڳاهُون پَنڌُ، مَتان لَڪَنِ سين لَڳِي مَرِين!
سر حسيني

#ڪَڏهن_ڪَڏِهن جَيڏِيُون ! ڪو پَهُه اَچِئو پوءِ
سو پڻ ساڙو هوءِ، هِيُ جو ساهُه سَرِيرَ ۾
سُرُ حُسَينِي

#جيئن_جيئن تَپٖي ڏينھن، #تيئن_تيئن تاڻيان پَنڌَ ۾،
ڪو آڳانجهو نينھن، ٻانڀَڻ ٻروچن سين.
سر حسيني

”#جان_جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي،
وڃين ڀون پيٺي، سِڪَندي کي سڄڻين. “
سر سهڻي

جي لوڻ لڱن لائيين، #چيري_چيري چم
مون ڪر اڳي نه ڪيو، اهڙو ڪوجهو ڪم
#جان_جان دعوا دم، #تان_تان پرت پهنوارن سان.
مارئي

نصرالله ڏاهري
 
Back
Top