سر ليلا چنيسر شاهواڻي

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏26 جولائي 2022۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    ليلا چنيسر داستان پهريون
    1
    داغُ تنهنجو دائِما، ماري مَعذُورين،
    سائِينءَ ڪارَڻِ، سُپِرِين وَڃِج مَ ڏُورِين،
    آئُون تو حُضُورين، مَڻِيو وِجهان مَچَ ۾.
    2
    مَڻِيُو وِجهان مَچَ ۾، هائِيءَ هَڻان هارُ،
    ڀري جي ڀَتارُ، ته ميرِيائي مانُ لَهان.
    3
    مَڻِيو وِجهان مَچَ ۾، هائِيءَ هَڻِي هارُ،
    سوڀِي! سُکُ، سَيّدُ چي، ڪَريين ڪوهُه قَرارُ،
    راڄا رِيساڻو گَهڻُو، سَٽاڻو سَردارُ،
    چَؤڏِسِ چَنيسَرَ ڄامَ جو، ڏيهان ڏيهه ڏهڪارُ،
    ٺاڪُرُ اَکِيين ٺارُ، مَڻِيي تي ٿِي مَٽِين.
    4
    چَنيسرُ چَؤرَنگُ، ٻِه رنگو لوڪُ ٻِيو،
    تنهن سين ڇِنيو سَنگُ، وَڃِيو هارَ هَٿُ ڇُهين.
    5
    مَڻِيي تي مُوهِجِي، مُوڙهِي! ڪِيُئِي مَرَڪُ،
    چَئِي چَنيسَرَ ڄام سين، وڌو تو فَرَقُ،
    وَرِي وِيو وَرَقُ آيُئِي ڏَنءُ ڏُهاڳُ جو.
    6
    مَڻِيي تي موهِجِي، هارِي ڳِيئَڙُءِ هارُ،
    ڪوڙِيين ڪِيا ڪيترا، اِنَهِيءَ خَرّ خُوارُ،
    ڀِرِي وِيو ڀَتَارُ، آيُئِي ڏَنءُ ڏُهاڳُ جو.
    7
    مَڻِيي مَٿي جي هُئا، تِنِ چِٽَنِ ڦيريُمِ چِتُ،
    هارُ کَٽَندِيسِ هوڏ ۾، نِيبَهُه ٿِيندُمِ نِتُ،
    ڪَؤنرُوءَ جو ڪِرِتُ، مُونهان مَٿانهُون ٿِيو.
    8
    مَڻِيُو ناهِه مَڻِيُو، جو تُون پَسِي هارُ هِرِکيين،
    اَصلِ آهي اَڳِهين، سَندو ڪُوڙَ ڪَڻِيُون،
    اِنَ گهوڙَنِ هَنئي گَهڻِيُون، دوسَنِئان دُورِ ڪِيُون.
    9
    تو جو ڀانئيو هارُ، سو سُورَنِ جو سَڱرو،
    چَنيسَرُ چِتُ کَڻي، ٿِيو پورهِيَتِ جو پارُ،
    اَوَڻَتِ جو آچارُ ڪانڌُ ڪَنهِين سين مَ ڪَري!
    10
    نَه ڪِين ٻانهَڙِيَنِ ۾، نَه ڪِين ڳَرِ هُئومِ،
    نَه مُون سِينڌِ نَه سُرمُو، نه سِينگارُ ڪِيوم،
    تيلانَهَن ڪانڌُ سَندومِ، رُکوئِي رَءِ ڳِڙي.
    11
    سونا ڪُر ڪَنَنِ ۾، ڳِچِيءَ ڳاڙها هارَ،
    ٻانهُوٽا ٻانهُنِ ۾، سِينِ سَڻَڀا وارَ،
    تيلانهن پِيّ پَچارَ، ڪانڌَ منهنجِي ڇَڏِيي.
    12
    چَنيسَرَ جي چِتَ ۾، ڪِين جو اَڳُ هُئو،
    تِنهان پوءِ ٿِيو، مَڻِيي مَٿي مامَرو.
    13
    جَرُ هارِيو ٿي جَکَري، جَڏِهن رُنو ڏيريدارَ،
    ڍولي تِهن ڍيلِيين، سوڀِي! ٿيَئي نه سارَ،
    چَنِيسَرَ ڀَتارَ، حِيلو ڪِيو هارَ جو.
    14
    اُو ڏَمَرِيو ڏَسُ، حِيلو هُونهين هارَ جو،
    سُڻِهِو سَڀَ سَرَتِيُون! وَرُ نه ڪِهِين وَسِ،
    دَعَويٰ پِهرين دَسِ، ڀَڃِيو ٿو ڀورا ڪَري.
    15
    پُوچا ڏِٺَمِ پير، ڍَڪَڻَ مَٿي ڍولَ جا،
    مون ڀانئِيو تنهن ويرَ، ڪوجِهي ڪَندو پِرِيئَڙِي.
    16
    سوڙِيين سُتَڙِياءِ، پَکو سَهُو وِلاڙِيو،
    چَنيسَرَ ڪانڌاءِ، تان مُون هيئن نَه ڀانئيو
    17
    ڍولا! ڪُڄاڙِياءِ، ٻولائِيو ٻوڏُ چَئين،
    آئُون تو پيراندِياءِ، ڪَرَ موڙِيو، وَرَ! اُٿِيان.
    18
    نَيو، ٻَڌِيو روءِ، اَڱڻِ جهوڪِيو ڪَرَهو،
    ڪو چَنيسَرَ چوءِ، تَه لِيلا وَڃِي لَڏِيو.

    ليلا چنيسر داستان ٻِيو
    1
    ڪِي، پَسِي ٿوڪُ، تِرڪِي، تَڪبُرَ ۾ پَئِي،
    اَچِيو اَچِيو، “اَگِلي”، چَئي ليلان کي لوڪُ،
    اَندَرُ اوڀالَنِ سين، ساڙي ڪِيانئُسِ سوڪُ،
    ٻالاپَڻَ جو ٻوڪُ، وِيو ويچارِيءَ وِسَرِي.
    2
    جيڪُسِ ڪَمَ سَندامِ، جُوٺا ڏِٺا جيڏِيين،
    کَلَنِ سَڀِ مَٿامِ، ساهيڙِيُون ۽ سَرَتِيُون.
    3
    هُئِينءَ تَه گَهڻُو هوشيارُ، ڪَلَ په هُيَئي ڪانڌَ جِي،
    تو ڀانئيو موچارِي ٿِيان، ڳِچِيءَ پائِي هارُ،
    ڪانڌَ ڪُوڙِيءَ جو نه وَڻي، سَئين ڀَتين سِينگارُ،
    وَهَمَ لَهي وِينجهارُ، دِلِيُون پَرَکي داسَڙو.
    4
    چان ڪِ چَڙَهندِيَسِ کَٽَ تي، رِيجهائِيندِيَسِ راءُ،
    اِهَڙوئِي اَللهُ، جو پورِهيتيون پيشِ ڪَري.
    5
    ڏاهِي هُيَسِ ڏيهَه ۾، سَرَتينِ مَنجِهه سُڄاڻِ،
    ڪا جا پييَم ڪاڻِ، جِيئن مُنهن مٿَانهُون نه کڻان.
    6
    اَلا! ڏاهِي مَ ٿِيان، ڏاهِيُون ڏُک ڏِسَنِ،
    مُون سين مُون پِرِيَن، ڀورائِيءَ ۾ ڀالَ ڪِيا.
    7
    وَڏيرِي هُياسِ، ميڙو مُون گَهرِ سَرَتِيين،
    هَٿَ ڇُهَڻَ هارَ جي، ڪَڙِي ڪانڌ ٿِياسِ،
    ڍولي ڍيلِياسِ، آيُمِ ڏَنءُ ڏُهاڳَ جو.
    8
    وَڏيرِي هُياسِ، چَنيسَرَ جي راڄَ ۾،
    دُهِلين، دَمامين، نَقُرين، ٿي پلَپَلِ پُڇِياسِ،
    ڍولي ڍيلِيياسِ، ٿِيَسِ ڏهاڳِڻِ ڏِيهَه ۾!
    9
    هُيَسِ هِندورَنِ ۾، پييَمِ ڪانه پَرُوڙَ،
    مَڻِيي سَندي مامِري، ڪوجهي وِڌِيَسِ ڪُوڙَ،
    سامُهان ٿِيَمِ سُورَ، وِيو وِلُٽِي وَلَهو.
    10
    ڏُهاڳان سُهاڳِڻِيُون، ڪِهَڙي ڏوهه ڪَنبنِ؟
    وَرُ وڏُوڻو اينهين، جيئن جيئن پاڻُ پَسَنِ.
    11
    گهورِيو سو سُهاڳُ، جنهن ۾ پَسين پاڻَ کي،
    ڏوري لَهُه ڏُهاڳُ، جنهن ڪَرَلاهُو داسَڙو.
    12
    سارِجِ سَڀيئِي، ليلان! لَکَڻَ پانهِنجا،
    وَرَ سين وِڙهيو اُٿِيين، ڏوراپا ڏيئِي،
    نَه ڄاڻان ڪيهِي، چَنيسَرَ جي چِتَ ۾!
    13
    چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلان! لَکايوءِ،
    تو جو ڀانيو پانهِنجو، تنهن جو پَرو ڪوَنه پِيوءِ،
    ڪَؤنرُوءَ ڪانڌُ سَندوءِ، دَستِ ڪِيو داسَڙو.
    14
    لِيلان! جِمَ لَکائِيين، چَئِي چَنيسَرَ ساڻُ،
    وَرَ سين وڙِهيو اُٿِيين، مُوڙهِي! مُٺُئِي پاڻُ،
    ڀورِي! ڪِيَئِي ڀاڻُ، تي آيُئِي ڏنءُ ڏُهاڳَ جو.
    15
    لِيلان! جِمَ لَکائِيين، سوڀِي! ساڻُ سُڄاڻَ،
    آهِيين گَهڻُو اَڄاڻَ، مَڇُڻِ پُورِي نَه پُئين.
    16
    لِيلان پُورِي نَه پئين، چَئي چَنيسَرَ ساڻُ،
    تو جو ڀانئيو پانهنجو، سو رِيساڻُو راڄاڻُ،
    پاڻان ڌارَ پِرياڻُ ڪانڌَ ڪنهن جو نَه وَڻِي.
    17
    چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلان! تُون مَ لَکاءِ،
    دوسُ تنهنجو داسَڙو، کاندِ وَڏِيائي کاءِ،
    ته ڍولو ڍَڪَ سَندِياءِ، عَيَبنِ کي آڏو پُئي.
    18
    چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلان! لَکاءِ مَ تُون،
    اِيءُ ڪانڌُ ڪنهن جو نَه ٿِئي، نَه ڪا مُون نَه تُون،
    رُوندِيُون ڏِٺِيُون مُن، اِنَ دَرَ مٿي دادُلِيون.
    19
    لِيلان! حِيلا ڇَڏِ، جي تُون، سوڀي! سِکِيين،
    پائي پاندُ ڳِچِيءَ ۾، پاڻُ غَريبِيءَ گَڏِ،
    هَڏِ نَه چوندءِ لَڏِ، جي ڪارُون آڻِيين ڪانڌَ کي.
    20
    جي ڪارُون آڻيين ڪانڌَ کي، تَه روئِي رِيجهائيج،
    لِيلان! لِيلائيج، اَٿَئِي ماڳُ مِنَٿَ جو.
    21
    جي لِيلائِي نه لَهين، ته پُڻ لِيلائيجِ،
    آسَرَ مَ لاهيجِ، سَڄَڻُ ٻاجِهيندَڙُ گَهڻُو.

    سر ليلا چنيسر داستان 3
    1
    چَنيسَرَ سين چاڳُ، مَتان ڪا مُنڌَ ڪَري،
    جان مُون پوءِ پَروڙِيو، تَه هِيءُ نَه ماڻي ماڳُ،
    ڏَمَرِيو ڏُهاڳُ، سِگهو ڏي سُهاڳِڻِيين.
    2
    چَنيسَرَ سين چاءُ، مَتان ڪا مُنڌَ ڪَري،
    ڪانڌَ ڪِهِين جو نَه وَڻي، گِيرَبُ ۽ گاءُ،
    جي ٿِڙي ٿورَڙِياءُ، ته دوسَ دَسائي داسَڙو.
    3
    سَڀيئِي سُهاڳِڻيُون سَڀنِي ڳِچِيءَ هارَ،
    پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي، سَهَسين ڪَنِ سينگار،
    ڍولُ تَنِين جي ڍارَ، هيٺاهِيُون هَلَنِ جي.
    4
    سَڀيئِي سُهاڳِڻِيُون، سَڀَنِي ڳِچِيءَ هَسَ،
    پَسَڻَ ڪارَڻِ پرينءَ جي، وَڏا ڪِيائُون وَسَ،
    ڍولُ تَنِين جي گَسَ، هيٺانهيُون هَلَنِ جي.
    5
    سَڀيئي سُهاڳِڻِيُون، سَڀَنِي منهن جَڙاءُ،
    سڀڪنهن ڀانيو پاڻَ کي، اِيندو مُون ڳَرِ راءُ،
    پيٺو تَنِ دَراءُ، جي پَسِي پاڻُ لَڄائِيُون.
    6
    اَوَڳُڻَ ڪَري اَپارَ، تو دَرِ آيَسِ، داسَڙا!
    جيئن تو رُسَڻَ سَندِيُون رُوحَ ۾، تيئن مُون ڀيڻِي ناهِه ڀَتارَ!
    سائِينءَ لَڳِ، سَتارَ! ميٽِ مَدايُون مُنهنجون.
    7
    جي مُون مُوڙهِي مَتِّ، ته تُون پاڻُ سُڃاڻجِ سُپِرِيّن،
    اَصلِ اَوايِنِ جا، عَيبَ ڍَڪِيين تُون اَتِّ،
    اِيءَ، پَرِ تنهنجي پَتِّ، جيئن وِلهِيُون ڍَڪِيين، وَلَها!
    8
    لَکَڻَ ڪِيمَ لَکيج، جي مُورانهِين ناهه مُون،
    مُون کي مَلهائيج، وارو ڏيئِي وَلَها!
    9
    تان ڪا وائِي وارِ، دِلاسي جِي داسَڙا!
    تُون منهنجو وَلَهو، آئُون تو ۾ طَمَعُدارِ،
    ڍَڪي ڍولَ! گُذارِ، لَڄَ منهنجِي لوڪَ ۾.
    10
    ڍولا! ڍيلِ مَ مُون، ڪانڌَ! ڪَمِيڻِي آهِيان،
    سِڪَ تنهنجي سُپِرِين! ڀيري وِڌِيَسِ ڀُون،
    مُون وَرُ تونهِين تُون، تو، وَرَ! وَهُون ڪيتَرِيُون.
    11
    تو وَرَ وَهُون ڪيتَرِيُون، مُون وَرُ تون وَريجِ،
    سوڀي اِنَ سُهاڳَ کي، ڀورِي! ڀَرُ مَ ڏيجِ،
    پِرِتان پيرَ ڀَريجِ، مَلَهائِجِ مِسڪِينِ کي.
    12
    ڪوڙيين تنهنجون ڪامِڻِيُون، تُون ڪوڙِيَنِ سَندِو ڪانڌُ،
    مُون کي ڇَڏِ مَ داسَڙا! تَه وَڃان نَه وِڻِواندُ،
    مون ڳِچِيءَ ۾ پاندُ، تو، چَنيسَرَ! هَٿَ ۾.
    13
    ڍولا! اولا نَه سَهان، آڏا اَڏِيَئِي جي،
    تو، وَرَ! وَهُون ڪيتَرِيُون، مُون وَرُ تُون وَري،
    پِرِتان پيرَ ڀَري، مَلَهائِجِ مِسڪِينِ کي.
    14
    لِيلان! لُڇ مَ ايتَرو، اُٿِي اَڱڻُ سورِ،
    اَبو ڏاڏو گهورِ، پاڻَ سُوڌو پِرِينءَ تان.
    15
    لِيلان! لُڇ مَ ايتَرو، اُٿِي سورِ ٻُهار،
    ڍولو اَڱَڻِ پارِ، ڪانڌُ ڪَمِيڻِيءَ آئِيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو