سر ڪاموڏ شاهواڻي

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏26 جولائي 2022۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سر ڪاموڏ داستان پھريون
    1
    تُون سَمون، آئُون گَندِري، مُون ۾ عَيبَنِ جُوءِ،
    پَسِي راڻِينِ رُوءِ، مَتان ماڱرِ مَٽِيين!
    2
    تُون سَمون، آئُون گَندِرِي، مُون ۾ عَيبَ اَپارَ،
    پَسِي لِيءَ لَغارَ، متان ماڱرِ مَٽِيين!
    3
    تُون سَمون، آئُون گَندِرِي، مُون ۾ عَيبَنِ ڪوڙِ،
    پَسِي کِکِي کوڙِ، مَتان ماڱرِ مَٽِيين!
    4
    تُون سَمون، آئُون گَندِرِي، مُون ۾ عَيبَنِ وِيهَه،
    پسِي مِئَڪي ڌِيءَ، مَتان ماڱرِ مَٽِيين!
    5
    تُون سَمون، آئُون گَندِرِي، مُون ۾ عَيبَنِ لَکَ،
    هِنَ منهنجي حالَ جِي، توکي سَڀَ پَرَکَ،
    ڪارَڻِ رَبّ اَلَکَ، مَتان ماڱرِ مٽِيين!
    6
    تُون تَماچِي، تَڙَ- ڌَڻِي، آئُون مُهاڻِي مي،
    مُون کي ڏُهاڳُ مَ ڏي، آئُون جا نالي سُيَسِ تنهنجي.
    7
    تُون تَماچِي تَڙَ- ڌَڻِي، آئُون گَندِرِي غَرِيبِ،
    تو سين ڄامَ! قَرِيبِ، ڪِي ڏَنُ ڇَڏائي ڏيجِ مُون.
    8
    کاڄُ جَنِين جو کِکِيُون، مالَ جَنِين جا مَڏَ،
    سَمي سيئِي سيڻَ ڪِيا، هيڻان جَنِين هَڏَ،
    ڄامَ پَرِتيَئِي لَڏَ، سانگِيَنِ جي، سَيّدُ چئي.
    9
    ڄارا ۽ کارا، مالُ جَنِين جو مَڪُڙيُون،
    تماچِيءَ جي تَڪِيي، اَچَنِ سَوارا،
    مِيءَ مَڇِيءَ مارا، سَمي سي سيڻَ ڪِيا.
    10
    کِکِيءَ هاڻِيُون کارِيُون، ڇِڇِيءَ هاڻا ڇَڄَ،
    پاندُ جَنِين جي پاندَ سين، لَڳو ٿِئي لَڄَ،
    سَمُون ڄامُ سُهَڄَ، اُڀو ڪَري اُنِ سين.
    11
    ڪارِيُون ڪوجِهيُون، ڪُوَڙيُون، مُورِ نه موچاريُون،
    وَٺِي ويٺِيُون واٽَ تي، کِکِيءَ جُون کارِيُون،
    اُنِيَن جُون آرِيُون، سَمي رِيءَ ڪيرُ سَهي؟
    12
    ڄارِيُون، کارِيُون، ڇَڄَ، ڇَپرِيُون، جَنِ جِي محَبَتَ مَڇِيءَ ساڻُ،
    رَهَنِ، وِهَنِ سِرِ ٻانڌِيين، سَڀيئِي بَدِبُوءِ هاڻُ،
    لُڌِڙَنِ جيئن، لَطِيفُ چئي، پاڻِيءَ وِجَهنِ پاڻُ،
    تَنِ مَلاحَنِ جو ماڻُ، سَمي سِرِ ڪِيو پانهنجي.
    13
    گَندَ جَنِي جِي گوڏِ ۾، پاٻوڙا پوشاڪَ،
    اُنِيَن جِيَ اوطاقَ، راجا رِيجهِي آئِيو.
    14
    گَندَ جَنِي جِي گوڏِ ۾، پاٻوڙا پينامُ،
    اُنِيَن کي اِنَعامُ، مَڃَرُ مِڙوئِي ٿِيو.
    15
    گَندَ جَنِي جِي گوڏِ ۾، مَٿَنِ تي مُوڙِيُون،
    اَچَنِ سَنڀُوڙِيُون ، سَمي جي سَلامَ تي.
    16
    ٿِيا تَماچِيءَ ڄامَ سين، مُهاڻان مَحرُومَ،
    نَنڍيءَ وَڏِيءَ گَندِرِيءَ، مٿي ماڙِيءَ ڌُومَ،
    جي ڪِينجُهرِ، جي رُومَ، سي سَڀِ اِنعامِي ٿيا.
    17
    نَه وَڍي، نَه وِڪڻي، نه ماري، نه ڌاري،
    کارو وِڌائِين کُوهَه ۾، نِرِتُؤن نِهاري،
    سائِي پَرِ پاري، جا گَهرِ سَمي جي سَپَجي.
    18
    نہ وَڍي، نَه وِڪِڻي، نَه کَڻي ۾ کاري،
    اُهِڃَ، سُهِڃَ، ساهِمِيُون، ڌُرِيان نَه ڌاري،
    سائِي پَرِ پاري، جا گَهرِ سَمي جي سَپَجي.
    19
    پاٻوڙو پيشِ ڪِيو، نَئُون نُورِيءَ نيئِي،
    حاضُرُ هُيُون هَڪِيُون، سَمِيُون سَڀيئِي،
    نَوازِي نيئِي، گاڏي چاڙهي گَندِرِي.
    20
    مُهاڻِيءَ جي مَنَ ۾، نه گِيرَبُ، نَه گاءُ،
    نيڻَنِ سين نازُ ڪَري، رِيجهايائِين راءُ،
    سَمون سَڀَنِ مُلاءُ، هيرِيائِين حِرفَتَ سين.
    21
    نورِيءَ جي نِيازَ جو، عَجَبُ اَجَهلُ هوءِ،
    سَمون سِرُ سَڀَنِ ۾، مي مُورَڇِيو سوءِ،
    اَچيو اُڀِيَنِ پوءِ، حُجَتَ ڀَڳِي راڻِيين.
    22
    مي مَڇِيءَ ۾ هَٿَڙا، ويٺِي ڪَري ورَنَ،
    راءَ اَڳِهين رَکِيِي، مُهاڻِي مُنجِهه مَنَ،
    تَماچِيءَ جي تَنَ ڳالهيون چَيُسِ ڳُجِهيون.
    23
    هَٿين، پيرين، آرِکَڻين، مُنهُن نَه مُهاڻِي.
    جيئن سَڳو وِچِ سُرُندَڙي، تيئن راڻِينِ ۾ راڻِي،
    اَصلِ هُئِي اُنَ کي، اَهلَ ڄاماڻِي،
    سَمي سُڃاڻِي، ٻِيڙو ٻَڌُسِ ٻانهن ۾.
    24
    تِهَڙو ڪينجهر ۾ ڪِينَ ٻِيو، جِهَڙي سونهن سَندِياسِ،
    مَڏَ، مِياڻِيُون، مَڪُڙا، مِڙَئِي مَعافُ ٿِياسِ،
    مورِڇَلَ مَٿاسِ، اُڀو تَماچِي تي هَڻي.
    25
    تَڙُ تَماچِيءَ ڄامَ جو، تَماچِي تَڙَ- راءُ،
    تَماچِيءَ جي تَڪيي، تُون تَماچِيءَ ڳاءِ،
    تَه تُون تَماچِياءِ، تَماچِي تَڙِ لَهين.
    26
    کوءِ سَمِيُون! ٻَنِ سُومَرِيُون! جي اَچَنِ اُونچي ڳاٽِ،
    وَرُ سي ڪينجُهرَ ڄائِيُون، جَنِ تَماچِيَ جِي تاتِ،
    راڻِنِ مُلا راتِ، ماڻِڪُ مي پِرائِيو.

    سر ڪاموڏ 2
    1
    سِرُ سَلابَتَ سُپِرِين، مَرَڪَڻَ! تُون مَ مَريجِ،
    آهِين ٺارُ اکين جو، وَٽان مُون مَ وَڃيجِ،
    تَماچِي تَڳيجِ، ڪو ڏينهن، ڪينجَهرَ ڪَنڌِيين.
    2
    ڪو ڏينهن ڪِينجَهرَ ڪَنڌِيين، تُون، تَماچي! تَڳُ،
    اُونچو ٿِيومِ اَڳُ، مُون ڪَرُ، مَلاحَنِ ۾.
    3
    هيٺِ جَرُ، مَٿِي مَڃَرُ، پاسي پِرِين سَندامِ،
    ڪوڙيين ڪاڄَ سِڌامِ، اَڻَ سِڌو ڪونَه رَهيو.
    4
    هيٺِ جَرُ، مَٿي مَڃَرُ، پاسي ۾ وَڻَراهَه،
    اَچي وَڃي وِچَ ۾، تَماچِيءَ جِي ساءَ،
    لَڳي اُتَرَ واءَ، ڪِينجُهرُ هِندورو ٿِئي.
    5
    هيٺِ جَرُ، مَٿي مَڃَرُ، ڪَنڌِيءَ ڪَؤنرَ تَرَنِ،
    وَرِئي واهُوندَنِ، ڪينجُهرُ کَٿورِي ٿيئي.
    6
    سَمِيُون ڪَري سِينگارُ، راءُ رِيجهائِڻَ آئِيُون،
    ڄامَ هَٿَ ۾ ڄارُ، ڄُلي ڄَٻيرنِ وِچَ ۾.
    7
    ميءِ هَٿَ ۾ مَڪُڙِي، ڄامَ هَٿَ ۾ ڄارُ،
    سَڄو ڏينهن شِڪارُ، ڪِينجُهرَ ۾ ڪالَهه هُئو.
    8
    نَورِيءَ جي نَوازِيو، ٿِيو تماچِي تي،
    گاڏي چاڙهي گَندِرِي، ماڙهُو ڪِيو مي،
    ڪِينجُهرِ چُوندا ڪي، ته سَچُ سَڀائِي ڳالَهڙي.
    9
    ڄامان اَڳي جي ڄائِيُون، تَنِ جِي نِرتِ نُورِيءَ کي ناهِه،
    نَه مَنهَه نه مارِڪي نه وَڃَنِ ڪنهن وِهانءِ،
    سي ڪِينجُهرَ ڪَندِيُون ڪانهِه، جَنِ تَماچِي تَڪِيو.
    10
    نَه ڪنهن ڄايو ڄامَ کي، نه ڪو ڄامَ وِياءُ،
    نَنڍِيءَ وَڏِيءَ گَندِرِي، سَڀَنِ آهِه سياءُ،
    “لَم يَلِد وَلَم يُولَد”، اِيءُ نِجابَتَ نِياءُ،
    ڪِبرُ ڪِبرِياءُ، تَختُ تَماچِيءَ ڄامَ جو.
    11
    پَکنِ پوءِ پَچارَ، “اَڄُ تَماچِي آئِيو،”
    مَرِڪَنِ مَلاحَنِ جا، مَٿي ٻانڌِيءَ ٻارَ،
    وَڏِي ڄامَ ڄَمار، جنهن مِياڻِيُون موکِيُون.
    12
    پکا پکارِيو، ڄامُ تَماچِي آئِيو،
    گوندَرَ لاهيو، گَندِرِيُون! آتَڻ اُجارِيو،
    ڪِينجُهرَ قَرارِيو، سَمي سامَ بَخشِئِي.
    13
    ڪو جو ڪامَڻُ مي، آهي اَکَڙِيَنِ ۾،
    تَنُ تَماچِي ڄامَ جو، ناڀُون پايو ني،
    عِشقُ ايئن ڪَري، جيئن ڄارو ڄامَ ڪُلهي ڪِيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو