• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سر گهاتو شاهواڻي

صراط بلوچ

سينيئر رڪن
سر گھاتو
1
گَهنگَهرِيا گَهڻَ ڄاڻُ مُوڙهِي مَتِ مَهائِيين،
وِيا گڏِجِي وِيرِ ۾، پِيا مُنهن مهراڻُ،
اَڳِيان پويان ٽاڻَ، وِيا ويچارَنِ وِسَرِي.
2
ماڪَ ڀڄايَنِ مولِهيا، مَٿان راتِ پَئِي،
اولِيُون اُجَهڻَ لَڳِيُون، وِيا وَنجَهه وَهِي،
ڪَلاچِيان ڪَهِي، ڪَڏِهن ڪونَه آئِيو.
3
ڪو جو قَهرُ ڪَلاچَ ۾، جو گِهڙي سو نِئي،
خَبَر ڪونَ ڏِئي، تَه رَڇَ ڪُڄاڙي رَنڊِيا؟
4
ڪالَهه ڪَلاچِيءَ ويا، ڇَتِيُون کَڻِي ڇُڳيرَ،
ڀائَرِن ڀيرو نَه ڪِيو، اَدَنِ ڪئي اَويرَ،
اِهَڙِي خاصِي کيرُ، ڪُنَ وَرائي جَهلِي.
5
تَرِيُون پَسان نَه تار ۾، جُهڳا جاءِ نَه ڪَن،
مادَرِ! مَلاحَنِ، ماڳِ نَه ڍويا مَڪُڙا.
6
ڏِيهاڻِي ڏِٺَمِ ڪيتَرا، جَنِين مَاريو موڪَ،
گَهرَ ۾ گهاتُوئَڙَنِ جا، ٿا مارِينِمِ ٿوڪَ،
لَڏي وِچان لوڪَ، اُونهي وِيا اوهَرِي.
7
ڪالَ ڪَلاچِيءَ وِيا، گهاتُو ڪَري گُهورَ،
مادَرِ! مَلاحَنِ جا، ويٺِي سَهان سُورَ،
مون کي ڪَري مَلُورَ، اُونهي وِيا اوهَرِي.
8
اُڀِي اوسِڙان اُسَ ۾، جَهِليو ڪُنَ ڪِنارَ،
گهاتُو گَهرِ نَه آئِيا، وَڏِي لَڳِيَنِ وارَ،
هُيَسِ جَنِين هارَ، سي موڙي چَڙهِيا مَڪُڙا.
9
کِلِي جان کِينڪارِيان، تان ساٽِي سَڱُ نَه ڪَنِ،
وارِيو وَهِٽَ وَڃَنِ، ڪَنِ سَڀاڳِنِ سامهان.
10
جِتي گهورِيو گهاتُئين، تِتي وارِيءَ بُٺَ،
سَهَسين ساٽِي مُٺَ، سَرُ سُڪو، سُونگِي گَيا.
11
نَه ڪا بُوءِ بازارِ ۾، نَه ڪا ڇِلُرَ ڇَٽَ،
جِتي ڏَنڀَرِيَنِ جِي، اَڳي هُئِي اُگَهٽَ،
سي پِڙَ پَسِيو پَٽَ، ماڙهُو وَڃَنِ موٽِيا.
12
مُون اُڌارِيا مَڇَڙا، اَللهَ! گهاتُو آڻِ،
مِيان! مُدارَنِ سين، مون کي، قادِرَ وِجُهه مَ ڪاڻِ،
هَٺَ منهنجي هاڻِ، قَدُرَ لَڌو جَنِ ري.
13
اوري هُئا ته آئِيا، جيڪُس وِيا پَري،
ساٽِي سَڏَ ڪَري، ماڳَ نِهاري موٽِيا.
14
اَئِين جا لُڏو لوڏَ، اِيءَ پَرِ گهاتُوئَڙَنِ جِي،
ڪُنَ ڪَلاچِيءَ ڪوڏَ، سُکِ نَه سُتا ڪَڏِهِين.
15
گهورِيندي گُهورِ پِيا، اَگهورُ گهورِيائُون،
مَيڪَرُ مارِيائُون، مَلاحَنِ مُنهن سَنَرا.
16
جان گِهڙندا گهاتُوئان، تان رَڇنِ ڏِيو رَڱَ،
سَڳائِيُون ۽ سَڱَ، ڪَلاچِيءَ ڪيرُ ڪَري؟
17
جيئن جُهڳاپائِيين جهولَ۾، اِئين نَه مَرَنِ مَڇَ،
سَٻَرَ ڌارِ سَمُنڊَ جا، ڪي رائُون رَڱِيُون رَڇَ،
هي ڇاڙون ۽ ڇَڇَ، اَڃا اوڙاهه اَڳانهُون ٿِيو.
 
Back
Top