سر سورٺ داستان 1 1 اَللهَ جِي آسَ ڪَري، هَليو هئائِين، چارَڻَ ٻَڌا چَنگَ کي، جُهوڙا ۽ جهائِين، ڏُئِلِي راءَ ڏِياچَ جِي، ڏُوران ڏِٺائِين، وِينَتِي واحِدَ دَرِ، تنهن ويرَ ڪِيائِين: “سَٻاجها سائِين! راءُ رِيجهايين راڳَ سين.” 2 پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، هَلِي آئِيو هِتِ، جاجِڪُ.اُڀو جِتِ، سِرَ جون صَدائُون هَڻي. 3 پَرَديسان پَنڌُ ڪري، هَلي آئِيو هِيءُ، مالُ نَه مَڱي مَڱڻو، جاجِڪُ مَڱِي جيءُ، “وَڍِ، وَهِلو ٿِيءُ، ساعَتَ صَبرُ نَه سَهان.” 4 “پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، هَلِي آئِيو هُون، اُونچو تُون عَرشَ تي، آن ڀُوڻو مَٿي ڀُون، ڪيئن تُسَندين تُون، هِيءُ سِرَ سُوالِي مَڱڻو.” 5 “پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، آيُسِ اَڳاهِينءَ ماءِ، جي وِهاڻِي ويرَمَ ٿِيي، تَه مُون هيرَ ئِي هَلاءِ، سونهارا سورَٺِ وَرَ! ڳالهه هِيئين سين لاءِ، سو مَڱڻهارُ مَلهاءِ، جو وِچان ويرِينِ آئِيو. 6 “پَرَديسان پنڌُ ڪَري، سُڻِي آيُسِ شانُ، مَڱان ڪِهَڙِيءَ مَتِ سين، نِسورو نادانُ، سو ڪو ڏِيارِيين ڏانُ، جو طَمعَ کي تَرَڪُ ڪَري”. 7 “سَردِيءَ سالِمُ نَه رَهان، گَرمِي ٿِيان گُدازُ، اَمُنُ ڏيجِ اَمانَ تُون، سائِلُ هَڻي سازُ، رَبابِيءَ کي رازُ، خالِصُ ڏيجِ خَلِيلَ جو.” 8 “سَردِيءَ سالِمُ نَه رَهان، ڪوسِي سَهان ڪانَه، اَمُنُ ڏيجِ ایمانَ تُون، دُورِ ڪَري ٻِيا دانَ، پانڊَپَ! کائِي پانَ، وِجِهجِ پِڪَ پينارَ تي.” 9 تو دَرِ آيُسِ، راڄِيا! جاجِڪُ وَٺِي جِيءُ، ڪَنان نارُ حامِيہ ، هاڻِ بَچائِجِ هِيءُ، والِي ڏِياريين وِيءُ، جِتِ آهِه “جَنّاتُ عَدَنِ. 10 “تو دَرِ آيُسِ، راڄِيا! هِهَڙو وَٺِي حال، اونائيجِ عَلِيلَ جو، سَٻاجها! سُوالُ، اَڱڻ مٿي آنهِنجي ، ڪَهي ڪِي قَوالُ، ڀَلا ڪَري ڀالُ، اَمُنُ ڏِیو اُنَ کي. 11 “تو دَر آيُسِ، راڄِيا! ٻِيا دَرَ ڪَري دُورِ، سائِلُ ٿو سَئنَ هَڻي، هَردَمِ آن حُضُور، ٻِيو نَه مَڱي مُورِ، اَمُنُ ڏِیو اُنَ کي.” 12 “ تو دَرِ آيُسِ، راڄِيا! ٻِيا دَرَ ڏيئِي ٻَنِ، ڪَهان جو ڪماچَ سين، سو سُڻُ سَٻاجهي ڪَنِ، جا مَڱَ منهنجي مَنِ، سا توکي مَعلُومُ سَڀَڪا. 13 ٻيا دَرَ ڏيئِي ٻَنَ کي، آيُس تُنهنجي دَرِ، سونهارا سوَرٺِ وَرَ! ڪا منهنجي ڪَرِ، ڀلا! ڀيري ڀَرِ، پالهو پاندُ پينارَ جو. سر سورٺ داستان 2 1 جاجِڪُ جُهونا گَڙَهه ۾، ڪو عَطائِي آيو، تنهن ڪامِلَ ڪَڍِي ڪِينَرو، ويهِي وَڄايو، شَهر سَڄوئِي سُرَ سين، تَندُنِ تَپايو، دايُون درِماندِيُون ٿِيُون، ٻايُنِ ٻاڏايو، چارَڻَ ٿي چايو، ته مارِي آهي مَڱڻو. 2 سارِي راتِ صاحِبَ کي، ڳَڙَهَه ڀَرِ ڳايائِين، اُٺَسِ ماڻِڪَ، مِينهن جيئن، هَٿَ نَه ڇُتائِين، تي لائَقُ لَڌائِين، جيئن هو ميراثِي مَڱڻو. 3 نِرتِي تَندُ نِيازَ سين، ٻِيجَلَ ٻُرائِي، راڄا رَتولَن ۾، وَرنائِي وائِي، ڪوٺايائِين ڪوٽَ ۾، ٻارِٽُ ٻاجهائِي، راجا راڳائِي، هَرِدوئِي هيڪُ ٿِيا. 4 نِرِتِي تَندُ نِيازَ سين، ٻُرائِي ٻِيجَلَ، راجا رَتولَنِ ۾، اونائِي اَمُلَ، رازُ ڪِيائين راءِ سين، ڪنهن موچارِيءَ مَهَلَ، “اَنا اَحمَدُ بِلَا مِيمِ،” سَينَ هَنئِي سائِل، ڪنهن ڪنهن پيئِي ڪَلَ، تَه هردوئِي هيڪُ ٿِيا. 5 ڪَنِي ڪَنِي ماڙهين پيئِي ڪَلَ ڪائِي، رَسِيا جي رَمزَ کي، تَن پارسِي پائِي، “اَلاِنسَانُ سِرِي وَ اَنا سِره،” وَرَتِي اِيءَ وائِي، راجا راڳائِي، هَرِدوئِي هيڪُ ٿِيا. 6 راجا رَنگِ مَحَلَ ۾، جاجِڪُ سِرِ زَمِينَ، جا هَنيائِين هَٿَنِ سين، سا سُئِي بالا بِينَ، جِتِ اَچَنِ نَه اُرِدابيگِيون، اُتِ ڪوٺايو اَمِينَ، “تازِي ڏِيوسِ تَڪِڙو، جَوهَرَ پائي زِينَ، ٻِيو مَڱي ڪِينَ، ڌاران سِرَ، سَيّدُ چئي. 7 راجا جو راضِي ٿِيو، تنهن ڏِنا وَڏا ڏانَ، موٽِي ڪَارِيا مَڱڻي، طَرَحَ تُنبي کي تانَ، “مُون وَٽِ مالَ مَتاعَ جِي، ڪَمِي آهي ڪانَ، ڪارَڻِ رَبَ رَحمانَ، سِرُ وَڍِي، سُلطانَ ڏي. 8 سِرَ جِي، هُئائين هَلِيو، چارَڻَ چِتائي، سو مُوڙا جَهلي نَه مالَ جا، ٿو ماڻِڪَ موٽائي، “تو دَرِ آيُسِ تي، جيئن تون ’ناهِه‘ نَه سِکِيو. 9 “پائي پَٽَ ڪڻا، مُون تان مُورَ نَه مَڱِيو، تازِي طَنبيلَنِ ۾، گهوڙا گهرِ گهڻا، هاٿِيءَ ڪارَڻِ هيڪَڙِي، آن ڪا تَندُ هَڻان، جا مَٿي تو مَڻِيا، تنهن سِرَ جو آهِيان سيڪَڙُو.” 10 “جي مِيراثِي مَڱڻا، آئُون پُڻِ مَنجهان تَنِ،” “ڪِي ڪَهُه منهنجي ڪَنِ، اِرس مَنجهارا اُنِ جي. 11 ڪا جا ڳالهه ڳَري، ٻِيجَلِيا! ٻُڌاءِ مُون، پيٺيين جيئن گِرنارَ ۾، تَندُنِ تانُ ڪَري، ڪِ تو پَنڌُ پَري، ڪِ مَڱَ جَهلِيندين مَڱڻا؟” 12 “مَڱَ نَه جَهلِيان مُورِهين، نَه مُون پنڌَ پَري، ڳڻِي آيُسِ ڳالهڙِي، ڳُجهِي تو ڳري، سا سَمُجِهجِ، سَورٺِ- وَرَ! وِيندُسِ ڪِينَ وَري، پُرِيان پيرَ ڀَري، تو لئي آئِيو آهِيان.” 13 مَڱَ نَه تُسي مَڱڻو، نَه مِلڪَ، نَه مالِ، ڏانَنِئُون ڏُورِ ٿِئي، ڪا جا ڳِنِس ڳالِ، آهي اِنَ خيالِ، تَه ڏيٺِي ٿِيان ڏاتارَ سين. 14 سِرُ مَڱي، سِرُ گُهري، سِرَ رِيءَ ٿئي نَه صَلاحَ، غَرِيبَنِئُون نَه گُذَري، ٿو ماري مِيرَ مَلاحَ، نايو نَوابَنِ جا، سورِيو ڪَڍي ساهَه، خالِقَ سَنجِهه صُباحَ، ڪونَه ڇَڏِيندو ڪِٿَهِين. 15 موٽِي مَڱڻَهارَ، شالَ مَ اَچين ڪَڏِهِين، اَٺَئِي پَهَرَ اَجَلَ جو، ڪُنڍو مَنجِهه ڪَپارَ، جنهن تو سَڀَ ڄَمارَ، هَنيا ڇَٽَ پَٽَنِ سين. سر سورٺ داستان ٽيون 1 ڪِي جو ٻِيجَلَ ٻولِيو، ڀِنيءَ ويهِي ڀانَ، راڄا رَتولَنِ ۾، سِيباڻو سُلطانَ، “آءٌ مَٿانهُون، مَڱڻا! مُقابِلِ مَيدانَ، گهورِيان لَکَ، لَطِيفُ چئي، تنهنجي قَدَمَنِ تان قُربان، مَٿو هِيءُ، مِزمانَ! هَلِي آءٌ تَه هِتِ ڏيَئين.” 2 “آءٌ مَٿانهُون، مَڱڻا! چَڙهِي ۾ چَوڏولَ، توکي گهوٽَ گُهرائِيو، راجا مَنجِهه رَتولَ، ٻِيجَلَ! تو سين ٻولَ، وِهاڻِيءَ وَڍَڻَ جِي.” 3 مَحَلين آيو مَڱڻو، کَڻِي سازُ سُرَندو، سِرَ جِي صَدا سُرَ ۾، گُهورَ هَڻِي گُهرندو، مَٿي رِيءَ مَلُوڪَ جي، چارَڻُ نَه چُرَندو، جُهونا ڳَڙُهه جُهرَندو، پُوندِي جهانءِ جَهروڪَ ۾. 4 مَحَلين آيو مَڱڻو، کَڻِي سازُ سِرِي، لَڳِي تَندُ تُنبيرَ جِي، پيا ڪوٽَ ڪِرِي، هَنڌِين ماڳِين هُوءَ ٿِي، تُنهنجِي ٻِيجَلَ! دانَهن ٻُري، جُهونا ڳَڙُهه جُهرِي، پُوندِي جهانءِ جَهروڪَ ۾. 5 ڏاتارَ ۽ مَڱڻي، ڪونَه وَسِيلو وِچِ، سائِي تالَ تَندُنِ جِي، سائِي چارَڻَ چِتِ، جي هُتي، جي هِتِ، تَه ڳالِهه مِڙئِي هيڪَڙِي. 6 جاجِڪَ! تو جُهارُ، ڏَهَه ڀيرا ڏِياچُ چئي، جنهن ۾ مالُ نَه مِرِيءَ جيتَرو، تنهن تُون طَمَعدَارُ، جي اَچيئِي ڪمِ ڪَپارُ، ته وِيهَه ڀيرا وڍي ڏِيَئين.” 7 “ٻيلي ٻَئِي پارَ، جان مُون نيڻَ هَڻِي نِهاريا، چوري رَکِيَمِ چِتَ ۾، ڏِسِيَنِ جا ڏاتارَ، هِيءُ سِرُ توهان ڌارَ، ٻِيجي ڪنهن نَه ٻولِيو.” 8 سو جِيءُ مَڱڻهَارَ، مَ هوءِ، جنهن تو مَٿي سِرَ سَٽو ڪِيو، جو مُون مُلِ مور نَه سَپَجي، تان جي سو گُهرِيوءِ، تَه جُڳان جُڳِ ڏِنوءِ، ڏُنگو ڏاتارَنِ کي.” 9 مَٿو مَٿائِين گهورِيان، مَٿو تو مَٿاءِ، سو مُون ٿِئي نَه هَٿاءِ، جنهن تُون لائِقُ مڱڻا! 10 مَٿو مٿائِين گهورِيان، مَٿو تو مَٿاءِ، هَڏو هِيءُ هَٿِ ڪَري، جاجِڪُ! وَهِلو جاءِ، تُون سين اَنيراءِ، جِمَ واچا ۾ وِلَهو وَهين. 11 مَٿو مُورِ نَه پاڙِيان، تنهنجِيءَ تَندُ تَنوارَ، سِرَ ۾ سَڃَڻ ناهِه ڪِي، موٽُ مَ مَڱڻهارَ، ڪِينهين مَنجِهه ڪَپارَ، لَڄِيندو ٿو لاهِيان. 12 سَؤ سِرَنِ پائي، جي تَندُ بَرابَرِ تورِيان، اُٽَلَ اوڏاهِين ٿِئي، جيڏانهن ٻِيجَلُ ٻُرائي، سَکَڻُو هَڏُ آهي، سِرَ ۾ سَڃَڻُ ناهِه ڪِي. 13 مَٿي اُتي منهنجي، جي هُئا سِرَن سَؤ هَزارَ، ته تنهنجِيءَ تَندُ تنوارَ، هَرَ هَرَ وَڍِيُم هيڪَڙو. 14 مَٿي اُتي منهنجي، جي ڪوڙين هُونِ ڪَپارَ، تَه وارِيو وارِيو وَڍِيان، سِسِيءَ کي سَؤ وارَ، تَه پُڻِ تَندُ تنوارَ، مونهان مَٿانهُون مَڱڻا. 15 جو تو ڏِيَڻُ، ڏِياچَ! لاهِيو اِي سِرُ سَڀُڪو ڏي، ڪي ناهِه جِهَڙو ڏي، جو سَنَدَ ٿِيئي سُوالِيين. 16 “ڏِيَڻُ گَهڻو ڏُهِلو، سِسِي ڏِيَڻُ سُکُ، سو تان ڏِياچَ! ڏُکُ، جو تَعلُقُ رَکي تَندُ سين. 17 جو تَعلُقُ رَکي تَندُ سين، سو ڪِي پَلئه پاءِ، مون کي مَ موٽاءِ، آنءُ اَڳاهُون آئِيو. 18 پَسِي پاٽُ پُرِ ٿِيو، سَندو جادِمَ جُودُ، مَڱَ وِهاڻِيءَ مَڱڻا! مَٿو هيرَ مَوجُودُ، بَلڪِ آهي بُودُ، ناڪَسِيءَ، نابُودَ ۾. 19 چارَڻُ چَنگُ ڪُلهي ڪَري، رَمِي رَهِيو راتِ، صَدا جِي، سَيّدُ چئي، وائِي ڪِيائِين واتِ، ڏيهَ ڏِنا تنهن ڏاتِ، ميڙي مَڱّڻَهارَ کي. 20 چارَڻَ چَنگُ ڪُلهي ڪَري، پيرَ پُرِي پاتا، صَدا جِي، سَيّدُ چئي، وائِي ڪِيائِين واتا، تنهن تي راءُ راضِي ٿِيو، دِلِ وَڏِيءَ داتا، مَرَڪي مَرُ ماتا، رُوڙِي راءَ ڏِياچَ جِي. سر سورٺ داستان 4 1 رِيءَ مَصِلحَتَ مَڱڻا، قَصَرِ ڪِينَ اَچَنِ، نُورَ تَجَلّو نُورَ سين، نَمِيو نيڻَ پَسَنِ، خيمي ۾ کَنگهارَ جي، چانڊُوڻا چَمَڪَنِ، لَڌائِين، لَطِيفُ چئي، سَندا ڏاڻَ ڏِسِيَنِ، تيلانهن مُلڪَ ڌَڻِيَنِ، مَڃِيو مَڱڻَهارَ کي. 2 مَرُ تَه آئين، مَڱڻا! مامَ پَرُوڙِي مُون، جيڪا ڳاهه ڳالهائِيين، سا سَڀَ سَمُجِهي سُون، تنهن ۾ تُسِجِ تُون، جيڪِي پوئِي پَٽَ ۾. 3 چارَڻَ! تنهنجي چَنگَ جو، عَجَبُ آهيم اِيءُ، هَڻِين اُڀو هَٿَنِ سين، جيئرو رَکِيو جِيءُ، راتِ منهنجو رِيءُ، ڪاٽِيو تو ڪُماچَ سين. 4 تانُ نَه آهي تَندُ جو، رُون رُون ڪَري رازُ، هَڻَندَڙَ سندا هٿڙا، سَڀُڪو چَئي سازُ، سَٽَ ڏيئِي شَهِبازُ، ٿِيءُ ته ٿوڪُ پِرائِيين. 5 تَندُ تُمارِيءَ تانُ، ڪَهِيو سو قُبُولُ پِيو، سِرُ تَه آهي سَٽِ ۾، پَرَ ٻِيو ڪِي مَڱِجِ دانُ، خاڪِ، مِٽِي ڪا بانُ، ڪاٽِيا پوءِ ڪُجُهه نَهِين. 6 چارَڻَ ٻولِجِ ڪِي ٻِيو، جو گُهريُئي سو گهورِيان، گَهرُ، سَورَٺِ نَه پَڙي، جي تَندُنِ بَرابَرِ تورِيان، ڳُجِهي آهيم ڳالِهڙي، آءُ اوري تان اورِيان، ڪُلَهِنئُون ڪورِيان، ڪِ، جاجِڪَ! جُسي سين ڏِيَئين؟ 7 چارَڻَ چَنگُ، ٻَنگُ لَهِي، وَڄايو وَڏاڻُ، سِرَ جو هَڏِ آسانُ، پَرَ مَڱڻهَارُ مَٿي وَهي. 8 ڳُجُهه پنهنجي ڳُجَهه سين، رِندَ! رَساڻِي لاءِ، اَجَلُ اُڀو آهِه، پُٺِيءَ تو پلاڻِيو. 9 وَڍِ سِرُ ٿِيءُ سَرَهو، مَ ڪِي آءُ، مَ ڳاءُ، جاجِڪَ! تو مَٿاءُ، مُلڪُ مِڙوئي گهورِيان. 10 ٽيئِي پَرچِيا پاڻَ ۾، تَندُ، ڪَٽارو، ڪَنڌُ، تنهن جِهوئِي ناهه ڪِي، جو تو، چارَڻَ! ڪِيو پَنڌُ، اِيءُ شُڪرُ اَلَحمدُ، جيئن مَٿو گُهرِيوءِ مَڱڻا. 11 ڪَنجهي ڪِيرَتِ ڪِينَرو، واڄو وِلاتِي، هَنئِي تَندُ حُضُورَ ۾، تنهن پارِسَ پيراتِي، ڏِسنديئِي ڏياچ کي، ظاهر ٿيو ذاتِي، ڪڍِي تنهن ڪاتِي، وِڌو ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾. 12 گُلُ ڇِنو گِرنَارَ جو، پَٽَڻِ ٿِيون پِٽِين، سَهَسين سورَٺِ جِهَڙِيُون، اُڀِيُون اوسارِينِ، چوٽا چارَڻَ هَٿَ ۾، سِرُ سِينگارِيو ڏِينِ، نارِيُون ناڏَ ڪَرِينِ، “راڄا راتِ رَمَگَيو!” 13 پاسَنگُ جنهن پيشِ ڪِيو، تنهن ڏِنو ڪِينَ ڏِياچَ مَٿو نيئِي ماچَ، وَڃِي ڏُورِ، ڏُکُ ٿِيو. 14 ڏِنو ڪِينَ ڏِياچَ، ٿو سائِلَ سِڪائي، منهن تي موٽائي، مَٿو هَنيُسِ مَڱڻي 15 سورَٺِ مُئي، سُکُ ٿِيو، خيما هَنيا کنگهارَ، ٿِيو راڳُ، رُوپِ سو، لَڳِي تَندُ توارَ، سو ڍَٽين پَٽين پار، پَسو! راڄا راضي ٿيو. 16 سورَٺِ مُئِي سُکُ ٿِيو، خيما کنيا کَنگهارَ، نَه ڪو راڳُ، نه رُوپُ ڪو، نه ڪا تَندُ تَوار، تِهان پوءِ مَڱَڻَهارَ، ڏِنو سِرُ ڏياچَ کي