مست کٽي آيو خيئر سان۔۔۔۔ هو جمالو

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ رنجيت طرفان آندل موضوعَ ‏17 جولائي 2010۔

  1. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    اسان جو مست مٺو! اسان جو روشن تارو ! مُنهنجو پرين جنهن سان مُنهنجي ملاقات ياهو جي هڪ چيٽ‌روم ۾‌ٿي هئي

    سندس آئي ڊي جيڪا هئي ميرا ڪوئي دوست نهين! تڏهن هي جاني هڪ نيٽ ڪيفي تي ڪم ڪندو هو۔۔۔۔
    مان به هڪ ڪيفي تي ڪم ڪندو هوس۔۔۔۔ اسان جي ملاقات اتفاق سان ٿي۔۔۔ ڏسندي ئي ڏسندي اسان ٻئي هڪ ٻئي جي ويجهو ٿي وياسين۔۔۔۔۔(انٽرنيٽ‌جي ذريعي۔۔۔ مهرباني ڪري دوستانا فلم کي ياد نه ڪندا)

    ڪجهه سالن جي وقفي کان پو‌اسان جي ملاقات ساڳئي ئي ياهو ۾‌ٿي۔۔۔۔ ادو مست پڙهائي ۾‌مصروف ٿي ويو ۽‌مان پنهنجي نيٽ‌ڪيفي ۾۔۔۔۔ پر جڏهن اسان جي اوطاق جا در کليا ۽‌ مون مسڪين هڪ ٻئي فورم تي اوطاق جي لنڪ رکي ته سهڻل سائين دير ئي نه ڪئي جلد ئي اچي جوائن ڪيائين۔۔۔۔۔۔

    ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هو سنڌ سلامت جو هيرو بڻجي ويو ۽ اڄ وري ايڊيٽر بڻجي ويو آهي۔۔۔۔۔

    ادا مولائي فقير وٽ توکي مبارڪون ڏيڻ کان سوا ڪجهه ڪونهي اميد ته قبول ڪندا۔۔۔۔۔۔

    فلم نوري ڄام تماچي‌ مان هي گانو ٺهڪي ٿو بيهي ادي مست لا
    [MP3]http://www.fileden.com/files/2010/7/16/2916492/Ho%20Jamalo.MP3[/MP3]
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مست کٽي آيو خيئر سان۔۔۔۔ هو جمالو

    هل سنگت۔۔۔ دير ئي نه ڪيئي۔۔ ان کي چئبو آهي سٺو دوست۔۔ پل پل جي خبر رکي اٿئي۔۔ هتي مونکي پنهنجي باري ۾ هن تبديلي جي خبر نه پئي پر تون اڳ ۾ ئي ڏسين ويٺين۔۔ مطلب ته رنگ مٽيل هجڻ مان سمجهي وئين ته اڄ ڪا ضرور نئين شئي آهي۔۔ ها ها ها ۔۔
    بس ادا اهي سنڌ سلامت جي دوستن جا ڪم آهن۔۔ ايتري وڏي ذميداري مون تي رکي اٿن۔۔ الله توفيق ڏيندو انشاءَ الله هن ذميداري کي ضرور نڀائي وڃبو۔۔ توهان دوستن جي تعاون ۽ ٿورن سان۔۔
    باقي سنگت مون کي هن فورم تي آڻڻ ۾ تنهنجو ئي وڏو ڪردار آهي۔۔ ان کي ڪيئن ٿو وساري سگهجي۔۔ الله توکي وڏي حياتي ڏئي ۽‌جلدي واپس وطن موڪلي ته جيئن توسان گهٽ ۾ گهٽ پهرين ملاقات ته ڪري سگهون۔۔۔ 6 سالن کان مٿي واري هن انٽرنيٽ جي دوستي ۾ اسان هڪ ڀيرو به ملي نه سگهيا آهيون۔۔ بس اهي تنهنجا وڏا وڙ آهن جو وساريو نه اٿئي۔۔۔
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: مست کٽي آيو خيئر سان۔۔۔۔ هو جمالو

    ادا مست
    توهان کي سنڌ سلامت فورم تي ايڊيٽر جي پوسٽ مبارڪ هجي اسان کي اسپيشل مون کي ان ڳالهه جي خوشي ٿئي ته توهان جهڙو قابل دوست اڄ سنڌ سلامت فورم جي انتظاميه ۾ شامل ٿي ويو آهي اصل ۾ ڇا آهي جو سنڌ سلامت فورم تي سڀ جا سڀ دوست بهترين ڪم ڪري رهيا آهن انهن دوستن جي محنت کي سلام آهي پر وري انتظاميه ڪجهه دوستن کي ڪجهه ايڪسٽرا ذميواريون ڏيندي آهي جن کي نڀائڻو پوندو آهي ايڊيٽر ٿيڻ پڻ هڪ اهم ذميواري آهي جن کي نڀائڻ هاڻي اوهان جو ڪم آهي ۽ سنڌ سلامت فورم انتظاميه ٻين ميمبرس مان به اها ئي اميد ٿئي رکي ته سنڌ سلامت فورم کي ترقي وٺرائن خاطر اپاء وٺن ته اهو ڏينهن دور ناهي جو سندن نالي جو رنگ تبديل ٿئي ويندو.

    ادا مست هڪ دفعو ٻيهر اوهان کي دنيا جي پهرين سنڌي فورم جي ايڊيٽر ٿيڻ تي مبارڪ باد پيش ڪجي ٿئي ​
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مست کٽي آيو خيئر سان۔۔۔۔ هو جمالو

    سائين اوهان وڏن جون مهربانيون آهن۔۔ مونکي سنڌ سلامت جي ايڊيٽر ٿيڻ تي فخر به محسوس ٿئي پيو ۽ وري احساس ذميداري به آهي۔۔
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: مست کٽي آيو خيئر سان۔۔۔۔ هو جمالو

    ادا مست صاحب توهان سنڌ سلامت تي ايڊيٽر جي پوست حاصل ڪرڻ تي اسان طرفان مبارڪ قبول ڪندا، اميد ته توهان اڃان به اڳتي ويندا، ۽ ترقي ڪندا رهندا۔

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    ادا مست صاحب مخدوم صاحب جي هي شاعري توهان جي نانءُ​


    http://www.youtube.com/watch?v=bLfdiykqZus
    http://www.youtube.com/watch?v=G9mAH-vvTZQ&feature=related
     
  6. bakhtawar

    bakhtawar
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 جنوري 2010
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    mir pur khas sindh
    جواب: مست کٽي آيو خيئر سان۔۔۔۔ هو جمالو

    ادا اسان جي طرفان به توهان کي لک لک مبارڪون ايڊيٽر ٿيڻ جون..............
     
  7. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: مست کٽي آيو خيئر سان۔۔۔۔ هو جمالو

    [​IMG]

    Uploaded with ImageShack.us
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: مست کٽي آيو خيئر سان۔۔۔۔ هو جمالو

    دوست اسد ميرجت ڄامشورائي عرف ” مست “ سائين لئه مون وٽ ڪي اهڙا لفظ ناهن جو سندس تعريف ڪيان، ڇاڪاڻ ته ڪجهه ماڻهن جي سچائي ۽ محنت تعريف کان چڙهيل هوندي آهي، اسانجو هي دوست گذريل رمضان جي گذرڻ سان ئي هن فورم تي آيو ۽ اهڙو آيو جو فورم تي ڇائنجي ويو ۔۔۔ سندس جي هر ليک تي نظر، هر ليک تي جاندار قسم جا رايا ڏيڻ ۽ مٿان وري دنيا جون عجيب و غريب شيون ۽ مقالا ۽ ڳالهيون پيش ڪري پنهنجا نوان ليک به موڪليندو رهيو ۔۔۔ خاص ڪري سندس تخليق ڪاڪو آچار ۽ ڪاڪي آچار جو پٽ پپني جون چٽپٽيون ۽ نصيحت آموز آکاڻيون ته دل لڀائيندڙ آهن ۔۔۔

    اسد مير جت ! ، همت، ارڏائي ۽ سهڻي سوچ جو مالڪ آهي، سندس هر ليکُ سچ ۽ خلوص سان ٽمٽار هوندو آهي ۔۔۔ هن فورم تي نون دوستن جي مدد ڪرڻ کين تڪنيڪي ڳالهيون ٻڌائڻ ۽ سمجهائڻ ۾ پڻ اڳ کان اڳرو رهيو آهي ۔۔۔

    دوست مست جي سنڌ سلامت جي انتظامي امورن ۾ شموليت باعث فخر آهي ۽ اميد ته هي دوست پنهنجي نظر اچان مٿي رکندو ۽ هن اڱڻ جي خوشبو ۾ موتيي ۽ گلاب جي سٻنڌ جو اضافو ڪندو ۔۔۔

    دوست سڏائي، سڀڪو جانـــي زبانـــي،
    ٿئي آساني، ڪم پوي ته ڪل پوي۔

    دوست مست!
    اميد ته اوهان سنڌ دوستي وارو ڪردار نڀائيندا ۽ اسانجي رهنمائي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهندا ۔۔۔

    اسانجون نيڪ خوهشون ۽ دعائون اهان سان هميشه گڏ آهن ۔۔۔@};-@};-@};-
    =d>=d>=d>
     
  9. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مست کٽي آيو خيئر سان۔۔۔۔ هو جمالو

    توهان سڀني دوستن جي مهرباني جن منهنجي حوصلا افزائي ڪئي۔۔۔ مان هڪ ناچيز ڪم علم سيکڙاٽ ماڻهو آهيان۔۔ سکڻ جي مرحلن ۾ آهيان۔۔ بس هتي جيڪا مون وٽ جستجو سوچ آهي، اُها اِها آهي ته سنڌ سلامت کي سنڌ جي ماڻهن تائين عام ڪجي، سنڌ سلامت جو جيڪو مقصد آهي ان کان هر سنڌي دوست کي روشناس ڪجي۔۔ جيترو سنڌ سلامت سنڌ جي دوستن کي ملائڻ ۾، سندن کي نيون ڳالهيون سيکارڻ ۾، آءِ ٽي جي تعليم عام ڪرڻ ۾ ۽ سنڌ جي مسئلن تي گڏيل بحث ڪرڻ جو، مشڪلون حل ڪرڻ‌۾، هن مشڪل دور ۾ کلائڻ جو ڪردار ادا ڪيو آهي، اميد ته اهو ئي ڪردار هر دوست پنهنجي اندر ۾ وسائيندو۔ اسان جي ايڊمن جا ته وڏا پروگرام آهن سنڌ سلامت کي عام ڪرڻ، سنڌ ۽‌ سنڌيت جي پرچار جا، منهنجي ڪوشش‌هوندي ته انهن ڳالهين ۾ سندن هر ممڪن حد تائين ٻانهن ٻيلي ٿيان، توهان سڀني دوستن کي به گذارش آهي ته توهان هر لحاظ سان سنڌ سلامت کي سنڌي دوستن ۾ عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو، نيون نيون شيون موڪليو، اچو ته هن سنڌي فورم کي زماني جو بهترين فورم بڻايون، هي ڳالهه اوهان جي مدد کان سواءِ ناممڪن آهي۔۔ اچو، اڳتي وڌو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ‌جي بهتريءَ لاءِ اسان جي قدم ۾ قدم ملايو، اسان جا ٻانهن ٻيلي ٿيو۔۔
     
  10. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: مست کٽي آيو خيئر سان۔۔۔۔ هو جمالو

    ادا اسد ڄامشورائي مست جيتوڻيڪ جو ڪافي سارا ڪم آهن علي جِي شادي جي ڪري ، وڏي مشڪل سان ڪو هڪ اڌ ڪلاڪ ملي ٿو سنڌ سلامت ۽ انٽرنيٽ تي اچڻ جو پر توکي سنڌ سلامت جي ايڊيٽر ٿيڻ تي مُبارڪون نه ڏيان ها ته وڏي بي واجبي ليکجي ها، ادا منهنجون غريباڻيون مُبارڪون پڻ قبول ڪجو، وڏي ائڊمن وڏي قدردان آهي قدر ڪري ٿِي پر ڪنڊن جو وڏو هار گلي ۾ وجهيو ڇڏي، ذميواري جيڪا به هوندي آهي اصل متيون منجهائي ڇڏيندي آهي، مست ماشا الله تون منجهه اهي صلاحيتون آهن جو تون نڀائي سگهين ٿو، هر ڪنهن کي پاڻ سان گڏ کڻي هلي سگهين ٿو۔ اسان جون دعائون توسان گڏ آهن شل زندگي جي هر موڙ تي سدائين ڪاميابيون تنهنجا قدم چُمن۔ رنجيت جون به مهربانيون جو جنهن هن ٿريڊ کي هتي آڻي توسان کوڙ ساري محبت جو اظهار ڪيو۔
     
  11. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مست کٽي آيو خيئر سان۔۔۔۔ هو جمالو

    سائين جيستائين وڏڙا ڀلاري موقعي تي واڌايون نه ڏيندا ته ڪم ڪيئن هلندو۔۔ اوهان جي مهرباني جو مونکي هن عهدي لائق سمجهي منهنجي همت افزائي ڪئي۔۔
     
  12. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: مست کٽي آيو خيئر سان۔۔۔۔ هو جمالو

    مست صاحب اسان غريبن جي طرفان خالي مبارڪ هجي
     
  13. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: مست کٽي آيو خيئر سان۔۔۔۔ هو جمالو

    ادا مست اوهان کي سنڌ سلامت جي انتظاميه ۾ شموليت تي لک لک واڌايون قبول پون۔۔۔۔ مون غريب جي دراصل نظر تمام دير سان پئي ان جي لا به معزرت خواه آهيان۔۔۔۔۔
     
  14. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مست کٽي آيو خيئر سان۔۔۔۔ هو جمالو

    ادا علي اڪبر ۔۔۔ مهرباني۔۔ مبارڪ خالي نه هوندي آهي۔۔ نيڪ تمنائن سان ڀريل هوندي آهي۔۔
     
  15. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مست کٽي آيو خيئر سان۔۔۔۔ هو جمالو

    ادا دير يا سوير۔۔۔ مبارڪ ته ڏني اٿوَ نه۔۔
     
  16. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: مست کٽي آيو خيئر سان۔۔۔۔ هو جمالو

    هن فورم تي ڪافي دوست آيا آهن ۔۔۔ ڪي مسلسل حاضر ته ڪي موسمي ٻٽيرا ۽ ڪي وري بس رجسٽريشن تائين محدود۔۔۔۔۔۔۔ پر انهن کان سواءِ ڪي دوست ته اهڙا به آهن جيڪي انتظامي رڪن نه هوندي به سنڌ سلامت جي مقبوليت ۽ مشهوري لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن۔۔۔ اهڙن دوستن ۾ ادا مست سڀ کان مٿان آهي۔۔۔
    کيس اڳ هڪ ٻه دفعو انتظامي ڪمن جي آڇ ڪئي هيم پر پاڻ اهو چئي انڪار ڪيو هو ته في الحال فورم تي وڌيڪ ايڊيٽرس جي ضرورت نه آهي۔۔۔ پر هن دفعي منهنجي درخواست رد نه ڪري سگهيا۔۔۔
    هڪ سلجهيل ۽ پڙهيل ذهن جو مالڪ ادا مست جتي مذهبي رجحان رکي ٿو اتي کيس انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت غضب جي ڄاڻ آهي۔۔۔ نيٽ گردي سندس مشغلو آهي ۔۔۔ مختلف اردو فورمز تي ڪافي فعال رهيو آهي ۽ کيس ايڊيٽر هجڻ جو اڳي ئي تجربو آهي۔۔۔
    سنڌ سلامت فورم کي فعال، خوبصورت، مشهور ۽ منفرد بنائڻ لاءِ هر وقت والينٽيئر رهندو ۽ صلاح مشورو ڏيندو رهندو آهي۔۔۔ سنڌ سلامت ڪيلينڊر بابت محترم ابوواصف جن سان ملي ڪري ڪافي جستجو ڪئي آهي۔۔۔۔
    مون کي يقين آهي ته هن نئين ذميداري سان بطورِ ايڊيٽر فورم تي ايندڙ رڪنن جي نه صرف بهتر طريقي سان رهنمائي ڪري سگهن ٿا۔۔۔ پر پنهنجي مخصوص مذاح واري مزاج سان لطف ڏيندي پنهنجي بي بها معلومات سنگت سان ونڊيندا رهندا۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو