سر کاهوڙي شاهواڻي

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏27 جولائي 2022۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سر کاھوڙي داستان پھريون
    1
    کاهوڙَيَنِ خَفِيءَ سين، سوجهي لَڌو سُبحانُ،
    عاشِقَ اِهَڙين اَکَرين، لَنگِهيا لامَڪانُ،
    هُوءَ ۾ گڏِجِي هوءِ ٿيا، بابُو جي بِرِيانُ،
    سَڀوئِي سُبحانُ، آيو نَظَرُ اُنَهنِ جي.
    2
    مُون سي ڏِٺا ماءِ، جَنِين ڏِٺو پِرِينءَ کي،
    ڪَري نَه سگهان ڪا، اُنھن سَندِي ڳالهڙِي.
    3
    مُون سي ڏِٺا ماءِ، جَنِين ڏٺو پِرِينءَ کي،
    رَهِي اَچجي راتَڙِي، تَنِ جُنگَنِ سَندِيءَ جاءِ،
    تَنِين جِي ساڃاءِ، تُرَهو ٿِئي تارِ ۾.
    4
    وييُون پَٻِ پَئِي، کِيرون کاهوڙِيَنِ جُون،
    آئُون تَنِ ڏوٿِيَنِ جو، پُڇان پيرُ پَهِي،
    رُڃُنِ راتِ رَهِي، ڏونگَرَ جَنِ ڏورِيا.
    5
    پاران پُڇِي آءُ، خَبَرَ کاهوڙِيَنِ جِي،
    تَه ڏوٿِيَنِ ڏُونگراءُ، ڪَنهن پَرِ ڏورِيو ڏُٿَ کي.
    6
    تُون هَڏِ ڪُڄاڙِيا، سَنجهي سَعيو نه ڪَرِين،
    سَوارا سَنڊَ کَڻِي، کاهوڙِي وِيا،
    آڻِيندين ڪِئا، ڏُٿُ ڏُوراڻي ڏيهَه جو.
    7
    هُو ڏوٿِي، هو ڏينهن، هُو ڏُونگَرَ، هُو لَڪِيُون،
    ڪنهن جنهن نِڌا نينهن، پيا لُوسَنِ لُڪَ ۾.
    8
    ڏيهَه ڏيهائِي ناهِه، جِتي پيرُ نَه پَکِيان،
    تِتي کاهوڙِيان، وَرَ ڏيئِي وَڻَ چُونڊِيا.
    9
    ڏوٿِي سا ڏورِينِ، جا جُوءِ سُئِي نَه ٻُڌِي،
    پاسا مَٿي پاهَڻين، کاهوڙِي کوڙِينِ،
    وِڄا اُتِ ووڙِينِ، جِتِ نِهايَتَ ناهه ڪا.
    10
    کاهوڙِي کِجَنِ، پَسِيو پورِهيَتَ ويسَرا،
    ڏوٿيئڙا ڏُورِ وِيا، رُڃُنِ مَنجِهه رَهَنِ،
    ڪا مُلِ آهي تَنِ، مُون پِرِيان جِي ڳالهڙِي.
    11
    ڀَڪُلِيا ڀُڻَنِ، ڌَڙَ کي گَڏِيو ڌُوڙِ ۾،
    ڳالهِيُون، ڳَهِلي لوڪ سين، پَڌَرِ پَئي نه ڪَنِ،
    ڪا مُلِ آهي تَنِ، مُون پِرِيان جِي ڳالهڙِي.
    12
    تُون وَنءُ ويهِي آءُ، اَڱَڻَ آڌُوتِيَنِ جي،
    جوشُ ڏِنائُون جِيءَ کي، لِڪائي لوڪاءُ،
    ڏوٿِيُنِ ڪنهن ڏُکاءُ، سُمهِي سُکُ نه ماڻِيو.
    13
    ڪِي ڪو کاهوڙِي، ڇَپَرَ ۾ سَڏُ ٿيو،
    اَڳي ٿي سُئِي، اُنهنِ سَندي ڳالهڙي.
    14
    ڏُٿُ گهڻَائِي ڪَنِ، اِنَ اوراهين ڏيهَه جو،
    سَندا کاهوڙِيَنِ، پَري سُڄَنِ پيچِرا.
    15
    ڏُٿُ نَه کُٽو ڏوٿِيين، جيڪِي ڏُٿُ ڪَرِينِ،
    اُهڃاڻِيُون عالَمَ جُون، اورِيائِين آڻِينِ،
    تنِهان پوءِ ڏَسِينِ، پِرِيان سَندي ڳالَهڙي.
    16
    جي ڪو ڏُٿُ ڪَري، ته ڏُونگَرَ ڏورَڻُ ڏاکَڙو،
    ڇَپَرَ ڪِينَ ڏِئي، سُوکِڙِيُون سُتَن کي!
    17
    مُون کاهوڙِي لَکِيا، گَهرين نه گهارِينِ،
    واحِدَ لَڳُ وِلهُنِ ۾، رويو جَرُ هارِينِ،
    گُوندَرِ گُذارِينِ، جُہ ڏوٿِي ڏُٿَ گَڏِ ٿِيا.
    18
    مُون کاهوڙِي لَکِيا، آيُنِ نه آرامُ،
    ڪِيائُون تَنُ تَمامُ، جُہ ڏوٿِي ڏَٿُ گَڏِ ٿِيا.
    19
    مُون کاهوڙِي لَکِيا، ويهِي نه ويرَمَ ڪَنِ،
    ڏينهن تَتي ۾ ڏُونگَرين، ڪارَڻِ قُوتَ ڪَهَنِ،
    جَهنگَلَ ۾ جُهڻِڪَنِ، جُہ ڏوٿِي ڏُٿَ گَڏِ ٿِيا.
    20
    مُون کاهوڙِي لَکِيا، سُمهَنِ ڪِينَ پَئِي،
    سَمَرُ ڪِيائُون سُڃَ ۾، ڏوري ڏُٿُ لَهِي،
    وِيا اُت وَهِي، جِتِ نِهايَتَ ناهِه ڪا.
    21
    رائو، رُڃُ، رَهُون، جِتي نِيهان نِڪَڻِي،
    لَڳِيو پيرَ لَڪَنِ سين، ڇِڄِيو ٿِيَنِ ڇِهُونِ،
    تان ڪا سارَ لَهُون، هوتَ! ڪَمِيڻِيءَ سُپِرِين!
    22
    کاهوڙِيَنِ کَڻِي، ساجُهرُ ٻَڌا سَندِرا،
    ڏوريندي ۾ ڏُونگَرين، ڪِيائُون پاڻُ پَڻِي،
    ڏُکَنِ ڏِيلُ هَڻِي، ڇيهہ لَڌائُون ڇَپَرين..
    23
    ماءُ کاهوڙِي هَلِيا، دُکائي دُونهان،
    ڇَپَرَ جا سُونهان، ڏوٿِيَنِ ڏُٿَ چيتارِيو.
    24
    کَڻَنِ نه ڪيڪانُ، پَنڌَ پَراهين هَلِيا،
    ڏوٿِيئَڙا ڪنهن ڏُٿَ کي، جُنبِيا ڏي جابانُ،
    کاهوڙِيَنِ اُهُڃاڻُ، اَنگِ نَه سَڄِي اَڳِڙِي.
    25
    کَرڪَڻا لاهي، سُکُ نه سُتا ڪَڏِهِين،
    اوسِيَئڙو آهي، کاهوڙِيَنِ کي پَنڌَ جو.
    26
    سُڪا مُنهن سَندِنِ،پيرين پُراڻا کيٿِڙا،
    سا جُوءِ ڏوري آئِيا، سُونهان جِتِ مُنجَهنِ،
    ڳُجهان ڳُجُهون ڪَنِ، تِنهان پَرانهين پَنڌَ جُون.
    27
    سُڪا سَنڊَ ڪَڇُنِ ۾، کَرِڪَڻا پيرين،
    ٽِمَندي نيڻين، آن ڪي کاهوڙِي گَڏِيا؟
    28
    سُڪا مُنهن سَندِنِ، کَرِڪَڻا پيرين،
    وِهاڻِيءَ ويرين، اُڻُ تُڻُ هُيَنِ اَڳَ جِي.

    سر کاھوڑی 2
    1
    پِيو جَنِ پَرو، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جو،
    ڇَڏي کيٽُ کَرو، لوچي لاهُوتِي ٿِيا.
    2
    پيئِي جَنِ پَرَکَ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جِي،
    واري سَڀُ وَرَقَ، لوچي لاهوتِي ٿِيا.
    3
    پيئِي جَن پَڻِي، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جِي،
    ڇَڏي نِنڊَ گَهڻِي، لوچي لاهُوتِي ٿِيا.
    4
    پيئِي جَنِين بُوءِ، گَنجي ڏُونگَرَ گام جِي،
    ڏوري سا جُوءِ، لوچي لاهُوتِي ٿِيا.
    5
    پيئِي جَنِ پَروڙَ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جِي،
    ڇَڏي سَڀِ ضَرُور، لوچي لاهُوتِي ٿِيا.
    6
    پيئِي جَنِين باسَ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جِي،
    ڇَڏي سَڀِ لِباسَ، لوچي لاهُوتِي ٿِيا.
    7
    گَنجو ڏُونگَرُ گامُ، پيهِي جَنِ پَرُوڙِيو،
    ڪَري تَنُ تَمامُ، لوچي لاهُوتي ٿِيا.
    8
    ڪِهَڙو اَٿَئِي ڪامُ، گنجي ڏُونگَرَ گامَ ۾؟
    پَسِي تنهن پَهاڙَ کي، اَچي نه آرامُ،
    مَتان ڏُونگَرُ ڏورِيين، اُڄَهِين ڪوهُه عَوامُ؟
    هَرا ڪَري حَرامُ، کامُ تَه کاهوڙِي ٿِيين.
    9
    پيرُ پَرُوڙي پاءِ، گَنجِي ۾ گُنَ گَهڻا،
    کاهوڙِي کَرا وِيا، نه ڪا اوڏِي ماءِ،
    جَنِين ڏِٺي جاءِ، تَنِين موٽَڻُ مِهَڻو.
    10
    جِتِ نَه پَکِيءَ پيرُ، تِتِ ٽِمِڪي باهِڙِي،
    ٻِيو ٻارِيندِو ڪيرُ، کاهوڙِڪِي کيرَ ري؟

    سر کاهوڙي ٽيون
    1
    اَچي پِيا آٽَ ۾، واٽَ وڃائي جَنِ،
    سي بيرانِ بَرّنِ ۾، انڌا ٿِيو اُڀَن،
    ڪَنَنِ آڏو تاڙِيُون، گُنگَنِ جيئن گُهمَنِ،
    فراقي فرمان جو، آهي ٻَرُ ٻوڙن،
    لنگها ٿيا لاهوت کي، سڪا پيا سڪن،
    کَپَتِ کاهوڙِيَنِ، آهَه اُٿي پِئي نَه لَهي.
    2
    ڏِسِي ڏوري ڏُونگَرين، واٽَ وِڃائِي جَنِ،
    ڪُرَندان ڪِي پَروڙِيو، رَندُ نَه سي رِڙَهنِ،
    پيئِي دارَ دَيُون ڪِيو، پِيرُتِ تان نه پُڇَنِ،
    ڌوڙِ، پِرِيان لَئي، ڌارِ، ڪِيو، ويچارا وِجَهن،
    خَبَرَ کاهوڙِيَنِ، آهي لِکَ لاهُوتَ جِي.
    3
    ويجهو وَنءُ مَ واٽَ کي، ڪَهِج ڏُونهن ڪُواٽَ،
    اُجِهي مَنجهان آٽَ، آديسِي ٿِي آءُ تُون.
    4
    ڪُپيريءَ ۾ پيرُ، ڪَنِين پاتو پيرِيين،
    جِئان مُنجَهڻُ ماڙُهوئين،* سَڄَڻَ تِئان ئي سيرُ،
    اِنَ ڀُونءَ سَندو ڀيرُ، ڪوڙِيَنِ مَنجهان ڪو لَهي.
    5
    ڪُپيرِيان پَري ٿِيا، اَٻُڌِي ٻُڌائُون،
    اُنِين کي آئُون، هِيرَ ڏِسِي آئِيو.
    6
    سُونَهپَ ۾ سَپَ گُهڻا، مَنجِهڻ ماکِي هوءِ،
    پَرو تَنِهين پوءِ، جو اُجِهي پوءِ اُنِ تان.
    7
    ڏوري ڏوري ڏيهَه، ماءُ! کاهوڙِي آئِيا،
    مَيَنِ پيرين کيهَه، ڪُهُه ڄاڻان ڪنهن پارَ جِي؟
    8
    جَهنگَلِ هَلِيا، سي نه ڀُلِيا، راهه هَلِيا ڦُرِجَنِ.
    اَوَجَهڙِ. سي نَه پَوَنِ، ٻيئِي جَنِين ڇَڏِيُون.
    9
    جَهنگُ کامِي پَٽُ ٿِيو، ڀَڳِي چوران لِڪَ،
    سيڪَڙُو ۽ سِڪَ، ٻَئِي گَڏِيا پاڻَ ۾.
    10
    جهَنگَلُ آهِيڙِيَنِ کي، ڀَنَڻُ ڪِيو روءِ،
    نه ڪُتا نه ڪوڙِڪو، چَڙهِيو اُڀو چوءِ،
    هاڻي هِنان پوءِ، لَڳِي لوٺو نه ٿِئي.
    11
    جَهنگَلُ آهِيڙِيَنِ کي، ڀَنڻُ ڪِيو رُوندو،
    نه ڪُتا، نه ڪوڙِڪو، چَڙِهِيو اُڀو چوندو،
    هَڏِهِين نه هُوندو، اِنهان پوءِ عالَمَ ۾.
    12
    ڪُتا نه ڪُوڪارَ، نه سي سَڏَ شِڪارِيين،
    پِٽِيو کَڻي پارَ، جَهنگَلُ آهيڙِيَنِ کي.
    13
    وَرُ سا سُڃِي ويڙهِه، جتي سَڄَڻُ هيڪَڙو،
    سو ماڳُ ئِي ڦيرِ، جِتي ڪوڙُ ڪُماڙهُوئين.
    14
    وَرُ سا ڪارِي راتِ، جنهن ۾ راهه گُمُ ٿِئي،
    نَه ڪا هُنِين جِي تاتِ، هِيءَ پُڻِ وَڃي وسَرِي.
    15
    ڪارِي رات، اَڇو ڏينهن، اِيءُ صِفَتان نُورُ،
    جِتي پِرينءَ حُضُورُ، تِتي رَنگُ نه رُوپُ ڪو.
    16
    تَحقِيقَ جِي ڀَرِي، تُون مَٿي رِيءَ کَڻيجِ،
    هَڪَلَ حَقِيقتَ جِي، ٻوڙو ٿِي، ٻُڌيجِ،
    اَنڌو ٿِي پَسيج، مُشاهِدو مَحبُوبَ جو.
    17
    ڏُونگَرين ڏِسَجَنِ، اَڄُ پُڻ رُون اُنِ جُون،
    ڏوٿِيئڙا ڏُٿَ کي، اَڻ آڻِئِي نه اَچَنِ،
    خِيما کاهوڙِيَنِ، اَڄُ نه اُنهِين ڀيڻِيين.
    18
    ڏُونگَرِ نَه ڏوٿِي، ڏُونگَرُ سُڃو ڏوٿِين ري،
    پُڇان پَرو ٿِي، ڪ ڏوٿِي ڏُٿ اَچِڻا؟
    19
    کاهوڙِي کَرا، سُوڌِي خَبَرَ پَکِيان،
    سوجهي جَنِ ڪِيا، مَٿي اَڱڻِ آهِرا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو