اڇڙي ٿر جي ڪنڌيءَ تي قائم هڪ عجائب گھر جي ڪٿا. ڊاڪيومينٽري اسڪرپٽ

'موبائيل جي دنيا' فورم ۾ غلام رسول چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏30 جولائي 2022۔

  1. غلام رسول چانڊيو

    غلام رسول چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 نومبر 2015
    تحريرون:
    61
    ورتل پسنديدگيون:
    54
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    218
    ڌنڌو:
    نوڪري ۽ لکڻ پڙھڻ
    ماڳ:
    اصل سڪرنڊ، گذريل 30 سالن کان ڄامشورو ۾.
    اڇڙي ٿر جي ڪنديءَ تي قائم ھڪ عجائب گھر جي ڪٿا..........
    غلام رسول چانڊيو
    ھو جڏھن پنھنجي اوطاق جي آڳر کان ٻاھر نڪري، اولھ منھن ڪري ٿو ته سندس نيڻ، سنڌو درياءَ سان وھنجاريل ڌرتي، سنڌ پَسَنِ ٿا، جنھن جي سيني تي وڻن جي رقص سان گڏ، ساوڪ جي لازوال سونھن ملي ٿي، وري جڏھن ھي عاشق اوڀر طرف لئوڻو ھڻي ٿو ته اڇڙي ٿر جِي، اڇڙِي واريءَ جي، ور وڪڙ ڀِٽُن تي، کيس گم ٿي ويل سرسوتي نديءَ جا نشان محسوس ٿين ٿا ۽ ھن کان ٿڌو شوڪارو نڪري وڃي ٿو. جڏھن ھن جون نگاھون چئوڏَسا، ڪنھن اوسيئڙي ۾ نِھارَ ڪن ٿيون ته، ھن جي وجود ۾ سنڌو تھذيب جي سُونھَن اوتِجِي وڃي ٿي. سندس خيالن ۾، وشال سنڌو نديءَ جي ٻنھي ڪنڌين سان، وڏن وڏن شھرن کي ته ڏسي ٿو، پر پريان ڪوئي، ٿرئيي ڏاندن جي جوڙي سان، زمين ۾ ٻج گَڏائي، سائيءَ جا ھر ڪاھي رھيو آھي ته وري ھِن پاسي، ڌنارن جا ڪيئي ڌڻ، پنھنجي مالڪ پويان، چنگ ۽ بوڙينڊي تي، ڪنڌ ڌوڻيندا وڃي رھيا آھن. سندس وجود ۾ گھوڙن جي سُنبَن جا آواز ۽ تراڙين جي چمڪاٽن جون چڙنگون چھٽي به وڃن ٿيون.
    عطا چانھيون! جڏھن ھاڪڙي جي ڪنڌيءَ سان قائم ڳوٺ بانڪو چانھيون ۾ ڄائو ھيو، ته کيس لطيف جي واين جي سُتي ملي ھئي، سندس روئڻ ۽ کلڻ لطيف جي سر سامونڊيءَ وانگر ھيو، وڏو ٿيندو ويو ۽ سنڌ ڄڻ ته پنھنجي اتھاس سميت وٽس اچي دانھين ٿي ھئي. سنڌ جي عظيم تعارف جو سوال ھيو! دنيا سنڌ کي وساري رھي ھئي.
    عطا چانھيون جوڀن چڙھيو ته، کيس لطيف جي فڪر گھيري ورتو ۽ پوءِ ھن لطيف جي شاعري ۾ استعمال ٿيل، انھن سڀن شين جون تصويرون گڏ ڪيون ۽ پاڻ به ڪڍيون، جن کي تصويري ڊڪشنري به چئي سگھجي ٿو، اھا سندس پنھنجي ڌرتيءَ ۽ لطيف سائين سان پيار جي پھرين شروعات ھئي، ھو لطيف جي شاعري جون تصويرون ڪڍڻ لاءِ چولستان ويو، سمنڊ جي ڪنارن سان رليو، اتي اتي ويو جتي جتي لطيف ويو ھيو، ھاڻ عطا وٽ لطيف جي شاعري ۾ شامل ڪيل ڪِرتُن، انھن سامانن ۽ وکرن جون سوين تصويرون ته گڏ ٿي ويون ھيون پر کيس جنون جاڳيو ته ھو اھو نار به ھٿ ڪري، جنھن لاءِ لطيف سائين چيو ھيو ته؛
    جيئن سي کھيءَ نار، وھن واريءَ گاڏئان،
    ھينئڙو پريان ڌار، نبيريانس نه نبري.
    ۽ نار کي ڳولي لڌائين، جيڪو کُھيءَ مان واريءَ گاڏئان پاڻي ڪڍندو ھيو، ھاڻ اھي نار ته ڪو نه رھيا آھن، پر عطا وٽ اھو نار موجود آھي، جنھن کي ھن ساھ سان سانڍي رکيو آھي. عطا جو عشق رڳي نار تائين ختم ڪٿي ٿيڻو ھيو! ھو ” ھڻ ڀالا وڙھ ڀاڪرين“ وارو لطيفي ڀالو به ڳولي آيو، ته اھا تراڙ به، جنھن لاءِ لطيف چيو ھيو ته ”مٿان تيغ تراڙ، مار ته متارو ٿئين“، تير ڪمان کي عطا ڪٿان ٿي وساري سگھيو؟ ”پائي تير ڪمان مان، ميان مار مَ مون“ وارو تير به الائي ڪٿان ڳولي آيو ته ڄڻ ڀٽ تان فقيرن وراڻو ڏنو؛ ” مون ۾ آھين تون، متان تنھنجو ئي توکي لڳي“ ۽ ائين عطا چانھيون جو سفر ڊگھو ٿي ويو، ايترو ڊگھو جو ھاڪڙي جي ڪنڌيءَ تي ھڪ ننڍڙو ئي صحيح پر عالمي سطح جو ميوزم جڙي پيو، نه ڪنھن کان پئسو ورتائين نه پائي، نه سرڪار جي مدد، نه ئي ڪنھن اداري کيس ان ميوزم جوڙڻ ۾مدد ڪئي. اباڻا چار ٻارا ھئس، سو جيڪا اوطاق جوڙائي ھئائين، سا ھڪ شاندار عجائب گھر بڻجي پئي.
    ھاڪڙي جي ڪنڌي، ۽ اڇڙي ٿر جي ڀٽن ڀر ۾، ڪنھن به نه سوچيو ھيو ته ڪو اھڙو عاشق پيدا ٿيندو، جيڪو لطيف سائين جي عشق ۾، سموري سنڌ جي اتھاس کي معني بخشي ڇڏيندو.
    سانگھڙ ضلعي جي کپرو شهر کان ڀڳل ڀريل روڊ تان 12 ڪلوميٽر جو سفر طئي ڪبو ته اڇڙي ٿر جي ڀٽن ۽ دريائي ڪنڌيءَ جي سنگم تي، ڳوٺ بانڪو چانھيو اچي رسبو. چون ٿا ته ھي ڳوٺ ھاڪڙي جي ڪناري تي اڏيل آھي، جنھن ڳوٺ ۾ عطا چانھيو جھڙي عاشق جنم ورتو. ھيءُ آھي عطا چانھيو جي جنم ڀومي، جتي پڪ سريون جايون ته آھن پر چئونرا به اڇڙي ٿر جا ساکي بڻيو بيٺا آھن.
    اجھو ھيءَ آھي اھا عمارت، جيڪا عطا طرفان اوطاق لاءِ جوڙائي وئي ھئي، پر لطيفي عشق، ھن اوطاق کي عجائب گھر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. ھن ئي اوطاق واري عجائب گھر ۾ سنڌ جي تاريخ جون ڪيئي ناياب شيون، سنڌ جي عظيم تھذيب جون شاھد بڻيو بيٺيون آھن. اوڏڪي ڀت ۾ جڙيل، لوھي دروازو جيئن ئي ٽپجي ٿو ته، موھن واري ڏاند گاڏي، نارُ، ھرُ، بگيِ، ڪجائو، گھڙا منجي ۽ سنڌو تھذيب جون ٻيون انيڪ شيون آڌرڀاءُ ڪن ٿيون.
    اجھو پاڻ ھن ميوزم ۾ اندر داخل ٿي رھيا آھيون، ۽ ھي آھن سنڌ جي سنگيت جا ساز! ساز ۽ سوز سنڌ جي تھذيب جا اھي اثااثا آھن، جن تي گھورجي لطيف جي راءِ ڏياچ سر گھوري ڇڏيو ھيو. ھتي رڳي لطيف جو تنبورو نه پر کُماچ به آھي ته سارنگي ۽ سرندو به موجود آھي. مرلي تي نظر پوي ٿي ته لطيف جو سر رام ڪلي ياد پوي ٿو ۽ جوڳين، سنياسين، ڪاپڙين ۽ ڪنوٽين ڪن چيرن جا قافلا، ھنگلاچ کان نانيءَ ڏانھن ويندي محسوس ٿين ٿا. رباب، بين ۽ بوڙينڊي تي نظر پوي ٿي ته لطيف جي بيت جي سٽ ياد اچي وڃي ٿي، ”رڳون ٿيون رباب،وڄن ويل سڀ ڪنھن“. يڪتارو به آھي ته چنگ به، جنھن جي ڏسڻ سان وجود ۾ لھرا پيدا ٿين ٿا. عطا جي ھن عجائب گھر ۾ بينجو به آھي، جيڪو ھاڻ آھستي آھستي ناياب ٿيندو پيو وڃي، ڪنھن زماني ۾ بينجو ھر فنڪار سان سنگت ۾ ھوندو ھيو ۽ فنڪار جي آلاپ کان اڳ جڏھن وڄندو ھيو، ته ڄڻ موسيقي ڪنھن وجدان ۾ اچي، پاڻ رقص ڪرڻ لڳندي ھئي. ھن ميوزم ۾ چترال ۽ آفريڪا جو يڪتارو به آھي ته گٽار ۽ وائلن سان گڏ، ٻيا به ڪيترائي سنگيت جا سامان موجود آھن. ھي آھي گراموفون جنھن تي ڪنھن زماني ۾ سنگيت سُڻبي ھئي ۽ ريڊيو گرامو سميت، ھن عجائب گھر ۾ سنگيت جي ھڪ دنيا جڙيل آھي.
    جڏھن اوائلي ھٿيارن تي نظر پوي ٿي ته سنڌ جو جنگي منظرنامو سامھون اچي وڃي ٿو، ڀالا جنھن سان جوان مُنھان مُنھن ٿي جُنگاڻ مچائيندا ھيا، اھي ته آھن ئي پر تراڙيون، ڪاتر، تير ڪمان، گھوٻاٽا، چيلھ سان ٻڌي ھلڻ وارو کڙدم، سونٽو، ڏڦو، منھن ڀرڻيون بندوقون، ڪارتوسي پستول، روالور ۽ ٻيا ھٿيار به ھن عجائب گھر ۾ ھوندي، سنڌ جي جنگي جھان جا قصا ٻڌائي رھيا آھن.
    عطا محمد جي ميوزيم تاريخي ماڳن کي به ناھي وساريو، رتوڪوٽ، نهوٽو، سامي جي مڙهي، چانهون جو دڙو ۽ قبول جي دڙي سميت مختلف ماڳن مان مليل مٽي جا ٿانون به ھن ميوزم جي سونھن بڻيو بيٺا آھن، انھن ٿانون ۾ دلا، دکيون، کنجيون، چاڏيون، گھگھيون، مٽ توڙي ٽرامي جون تاساريون، وٽا، گلاس ۽ ٻيا انيڪ ٿانون پيل آھن جن کي ڏسي سنڌ جي مھذب ھجڻ جون عظيم ثابتيون ملن ٿيون.
    هن ميوزيم ۾ سنڌ جي آڳاٽي زماني ۾ ماپ تور لاءِ استعمال ٿيندڙ ساهمي، تورا، ٽويا، پاٽا، گهڙيون، ڪانان ۽ ٻيون ماپ تور جون شيون سنڀالي رکيل آهن جنھن مان لڳي ٿو ته سنڌ حسابن ۽ ليکي چوکي جي پڻ وڏي مھارت رکندي ھئي. هن عجائب گھر ۾ سنڌ جي ثقافتي راندين جون شيون به موجود آھن. ھي آھي شطرنج جنھن جي راند تمام گھڻو مشھور پئي رھي آھي ته وري چوپٽ به آھي ته چاڪري به! سنڌ ۾ شينهن ٻڪري ۽ نوکڻي توڙي 12ساري راند به ڪنھن زماني ۾ وڏي شوق سان کيڏي ويندي ھئي جنھن جا سامان به ھتي سنڀالي رکيل آھن.
    رڳي راندين جا سامان نه پر سنڌ جي اقتصادي علامت طور سڃاتو ويندڙ ارٽ به آھي جنھن تي ڪاپائتيون شُٽ ڪتي ڪپڙو ٺاھينديون ھيون جيڪو ڏيھان ڏيھ مشھور ھيو ۽ لطيف سائين ته ان تي ھڪ شاندار سُرُ ڪاپائتي به لکي ڇڏيو، ڪاپائتيون جڏھن ڪپڙو تيار ڪري وٺنديون ھيون ته وڻجارا وري وڻجارين کي وڇوڙي جا وڍ ڏئي ڏيساور لاءِ اھو ڪپڙو ۽ ٻيون انيڪ جنسون کڻي ڏيساور لاءِ اُسھندا ھئا. ائين لڳ ڀڳ مختلف ڪِرتن ۾ ڪم ايندڙ شيون عطا چانھيو سنڀالي رکيون آھن. ھي آھن ڍڳي گاڏيون ته ھن پاسي وري نار توڙي هرلو به رکيل آھي جنھن وسيلي سنڌ جي زراعت ۽ پوکي راھي لاءِ پاڻيءَ جو بندو بست ڪيو ويندو ھيو، نار ۾ جڏھن اٺ جوٽي اڇو اجرو پاڻي سنڌ جي سيني کي سيراب ڪندو ھيو ته سنڌ وري موٽ ۾ ڪڻڪ، ڪپھ، ميوا، ڀاڄيون ۽ مال ڀٽاري لاءِ گاھ جا مڻ موٽائي ڏيندي ھئي. ھتي نيئر به آھي جنھن لاءِ لطيف ”نو نيئر ڏھ ڏانوڻين“ جھڙيون سِٽون سرجيون ھيون.
    گاسليٽ تي هلندڙ پکو، ڀوڻ، فانوس، سِڪا به آھن ته وري خط ڪتابت توڙي لک پڙھ جو سامان به آھي. ڍالون، بڻڇون، ويراڳڻيون ته آھن ئي پر اٺن جون مهارون به آھن، ” ميا توکي مھار، سڄي پارايان سون جي“، ھي اٺن جا پاکڙا به آھن ته وري گھوڙن جا هنا به، جن ھنن کي گھوڙن تي سنجي جڏھن جوان پٽڪي کي ڄاڙي ور ڏئي اڙي ھڻند ھيا ته گھوڙا ھڻڪار ڪري مُنن ۽ رَلن واري لوڏ تي تير ڪمان وانگر تيز ڊوڙندا ھيا. اٺ سگھو سو ان کي ناڪيليون وجھجن ته متان مَيو مستي نه ڪري وجھي! ۽ ائين جانورن جي لوڏ تي سنگيت ڇيڙيندڙ چڙن کان ويندي سانڀر تائين، سڀ ڪجھ ھن عجائب گھر ۾ موجود آھي. کڙڪيون، مٽر، لارون، ڪرڪ، گولا، بتيون، ڏيئا ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ناياب شيون ھن عجائب گھر ۾ محفوظ آهن.
    عطا چانھيون لطيف سائين جو عاشق آھي ۽ ھن رڳي لطيف سائين تي لکيو ناھي، پر لطيف جي شاعري ۾ استعمال ٿيل ھر ان شئي، توڙي ماڳ کي سنڀاليو آھي جيڪي لطيف جي شاعري ۾ ڳڻايل آھن.
    عطا چانھيون جو ھڪ ڪتاب ”ڳنڍيون مجهه ڳنڍير“ ثقافت کاتي پاران ڇپايو ويو آهي جڏھن ته ھن ٻيو به کوڙ سارو علمي پورھيو ڪيو آھي جنھن کي ڇپائڻ جي ضرورت آھي.
    اڇڙي ٿر جي ڪنڌيءَ تي قائم ھن عجائب گھر کي ڏسڻ لاءِ پاڪستان جي سڀني صوبن کان علاوه ، فرانس، جرمني، اٽلي ۽ ٻين ملڪن کان سياح ايندا رهندا آهن. ھي عجائب گھر جيڪو عطا چانھيو پاران پنھنجي ھڙان وڙان خرچ ڪري جوڙيو آھي ۽ ان ۾ سنڌ جي تاريخ، تهذيب، ثقافت تي مشتمل ناياب شيون هميشه لاءِ ساھ سان سانڍي رکيون آھن، ان عجائب گھر لاءِ ڪا جامع حڪمت عملي جوڙي وڃي ۽ سندس لطيفيات جي تصويري پورھئي کي ثقافت کاتي طرفان ڇپايو وڃي ته جيئن دنيا لطيف سائين کي تصويري اک سان ڏسي سگھي. ھن عجائب گھر تائين پھچڻ لاءِ اھو پڻ ضروري آھي ته کپري شھر کان بانڪو چانھيو ڳوٺ تائين 12 ڪلوميٽر روڊ ٺھرايو وڃي ته جيئن سياح آرام سان ھن عجائب گھر تائين پھچي، سنڌ جي حسين ماضيءَ کي ڏسي سگھن ۽ هن ميوزيم کي به عالمي سطح جو درجو ملي سگهي، جديد دنيا ۾ ھنن جا ميوزم ئي سياحن لاءِ اھم ھوندا آھن ۽ ھو پنھنجا ميوزم ڏيکاري ئي پنھنجي مھانتا کي پيش ڪندا آھن سو سرڪار کي گھرجي ته ايندڙ نسل تائين سنڌ جي اوائلي استعمال ۾ ايندڙ سازن، هٿيارن، وڻج واپار جي سامان، زيورن، سڪن، راندين ۽ لباس سميت، آڳاٽي زماني واري سنڌ جي طرز زندگيءَ جي حقيقي ڪھاڻي پھچي سگھي.
     
  2. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,767
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    سائين !

    مون اوهان کي پڙهيو آهي،اوهان جو اسلوب ۽ گهاڙيٽو وڻندڙ آهن، سٺو لکو ٿا..جس هجيوَ..
    عطا چانهيو جو پن پورٽريٽ (خاڪو) لکي سندس اورچائپ ۽ کاهوڙائپ جي نشاندهي ڪئي..

    ا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو