TAHIR SINDHI
سينيئر رڪن
دعا
ڪنڌِي سارِيان ڪانَ، يا اَمَنُ! اَمانَ!
يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀانئِيان.
ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناه ڪو،اَپَرِ ٿيا عِصيانَ،
خَبرَ ناه قَبَر جِي، نِسورا نِسيانَ،
والي! رَسجِ وَهِلو، اَرَکِ ٿيا اِنسانَ،
سُڻُ سَٻاجها سُپريِن، نَعرو نِگهبانَ!
مَدِيوُن پَسِي منهنجون، شَرِمايا شَيطانَ!
هن منهنجي حالَ تي، هيء هيء ڪن حَيوانَ!
سائِين! سُکاڻِي آهِئين، ساموُنڊِي، سُبحانَ!
تُرَهو ڇِنم تارِ ۾، رَسِجِ تون رَحمانَ!
ٻيلِي جو ٻُڏَنِ جو، مون تي موٽي مانَ،
ويٺو پِني پِنَڻو، ڪر ڀيرو مٿي ڀانَ،
خالِقَ تان خوبُ ڪيا، گولَنِ جا گُذِرانَ،
آئوُن پڻ اَنڌو اُنِ ۾، ويٺو پِنان پانَ،
سڀِ سُوالي سَمَگيا، داتا ڏيئِي دانَ،
وِلها سڀِ وَنهِيا ڪيا، تنهنجي جوُدَ، جُوانَ!
متان موُنکي ڇَڏئين، ٻيلِي سندا ٻانَ!
وِيرَ! وَسِيلو آهِئين، داڙوُ ۾ ديِوانَ
لاءِ ڏُهارينِ ڏينهنَ کي، خيِمو اَڏِيو خانَ،
اُتي عبد اللطيف چئي، سُڻِجِ ڪا سُلطانَ!

(سر سريراڳ، داستان ٻيو)