• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منظور سخيراڻي ويٺي واٽ ڏٺم وسڪاري ۾ آئين ڪونہ پرين

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
ويٺي واٽ ڏِٺم وَسڪاري ۾،
آئين ڪونہ پِرِين، آئين ڪونہ پِرِين،
مھراڻ مزو نہ ڪِناري ۾، آئين ڪونہ پِرين...


ھيل ڪانہ وڻيا مونکي وَسڪارا
سُڃا سڀ ٿي لڳا گُل ڦُل سارا
نَڪِي نينھن لڳو ڪنھن نظاري ۾
آئين ڪونہ پِرين، آئين ڪونہ پِرين...

جيئن ٿڌڙين ھِيرن زور ڀَريو
تنھنجي يادن جو اوٿَر ڪو وَريو،
اچي وِرھ جي ويس مان واري ۾،
آئين ڪونہ پرين، آئين ڪونہ پِرين.

سانگي ساوڻ ويو ٿِي سرءُ سُڪي
اَچ سارين جي آ پوکَ پَڪِي
سُرِي ھيلَ تہ اچجان سياري ۾،
آئين ڪونہ پرين، آئين ڪونہ پرين...


ٻول : علي گل سانگي
آواز : منظور سخيراڻي

 
Back
Top