• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻول : ڏک ھيئي مون تي مونکي چوين ھا _ فوزيہ سومرو

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
ڏُک ھُيئي مونتي، مونکي چوين ھا
ڌارين کي منھنجي دانھن نہ ڏين ھا
پير ڀري تون مون ڏي اچين ھا
مونسان اچي تون پاڻ ملين ھا
پھرين مياري مونکي ڪرين ھا
پوءِ مٺا تون مونکي ڇڏين ھا
عقل کان ٿورو ڪم وٺين ھا
ڌارين کي منھنجي دانھن نہ ڏين ھا...

توکان ڪئي مون ناھي جُدائي
پاڻهي ڪئي تو آھي پَڪائي
جيڪا ڪئي مون توسان چڱائي
کڏ ۾ وئي منھنجي ساري ڪمائي
سِر سڄي مان تنھنجي ٿيان پر
ڪونہ ڪندين تون مونسان وفائي
پيارا پرين! جي پنھنجو ھُجين ھا
ڌارين کي منھنجي دانھن نہ ڏين ھا...


واھ پرين تو واھ جي ڪئي آ
تنھنجي بہ خبر ھاڻي پئي آ
دل تہ پنھنجي پاڻ ڀڳي آ
مونکي بہ تو مان ھاڻ لڳي آ
ڳالهہ اھا مون سوچي ڇڏي آ
تو مان چڱائي دوکو ٺڳي آ
راز تون پنھنجو بند رکين ھا
ڌارين کي منھنجي دانھن نہ ڏين ھا...

لُڙڪن ۾ علي محمد ساريان
ڪيئن توکي اڏيرائي وساريان
زھر کائي جو پاڻ کي ماريان
تنھنجي غصي واري دل کي ٺاريان
نٿي مان ڇا جو ڪيئن جياريان
نڪي مان ڪنھن سان گڏ گذاريان
رُسي ڀلي تون مونکان وڃين ھا
ڌارين کي منھنجي دانھن نہ ڏين ھا...

ٻول : علي محمد اُڏيرائي
آواز: فوزيہ سومرو

 
Back
Top