• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻول : تنھنجي عارضي محبت ھئي تنھنجو عارضي پيار ھيو

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
تنھنجي عارضي محبت ھُئي
تنھنجو عارضي پيار ھيو
بس ڏينھن ٻہ چار ھيو
بس ڏينھن ٻہ چار ھيو
وقتي اھي خوشيون ھيون
وقتي اھو قرار ھيو...

تو ۾ پيار کان سواءِ ٻي لالچ حرام ھُئي
پر تنھنجي دل مونسا نہ ھُئي ٺلهي رام رام ھُئي
توکي پنھنجو مطلب ھو منھنجو ڪونہ لاچار ھيو.
بس ڏينھن ٻہ چار ھيو...


جيڪي ٿيو مونسان ٿيو، تون خوش پيو رھين
ڏک سک ۾ ڀائيوار ھئين، سار بہ نٿو لھين
ڪڏھن تنھنجي ٻانھن جو مونکي پاتل ھار ھيو
بس ڏينھن ٻہ چار ھيو...
تنھنجي عارضي محبت ھُئي تنھنجو عارضي پيار ھيو


واسطا توسان غلام سرور ڪنھن ڪم جا ڪونہ ٿيا
توکي خوشي نصيب ٿِي منھنجا سُڪون ويا
نہ تہ توتي بہ شوق منھنجو، ير مٿي کان تار ھيو
بس ڏينھن ٻہ چار ھيو....
تنھنجي عارضي محبت ھُئي تنھنجو عارضي پيار ھيو



ٻول : غلام سرور
آواز : فوزيہ سومرو

 
Back
Top