سر رامڪلي شاهواڻي

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏30 آگسٽ 2022۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    رامڪلي داستان پھريون مڪمل
    1
    نُورِي ۽ نارِي، جوڳيئڙا جَهان ۾،
    ٻَرِي جَنِ ٻارِي، آئُون نَه جِيئندي اُنِ ري.
    2
    جوڳِيَئڙا جَهانَ ۾، هئا مَنجِهه حَمامَ،
    آرامان اَرَڳُ ٿِيا، اوڏا نَه آرامَ،
    ڪيائُون قِيامَ، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.
    3
    لَکين ڪِيا لِسانَ سين، لاهُوتِيَنِ لوڙا،
    گهوڙا ڙي گهوڙا! آئُون نَه جيئَندِي اُنِ ري.
    4
    ڳولِيانِ ۽ ڳُنڌِيانِ، وِيا ويراڳِي نِڪِري،
    صُحِبَتَ جا سَندِيانِ، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.
    5
    مَران، مَٿو پِٽِيان، نِهارِيان نيڻانِ،
    سُخُنَ جي سَندانِ، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.
    6
    وارو! ويراڳِيَنِ کي، ويل مَ وساريجِ،
    قَدَمَ ڪاپَڙِيَنِ جا، لِيلائي لَهيجِ،”
    پِيرَتَ پَسِيو پَٿَ جِي، وَڃَڻَ کي وَڃيجِ،
    راتو ڏينهن رِڙهيجِ، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.
    7
    قَدَمَ ڪاپَڙِيَنِ جا، لَڳا ۾ لاهُوتَ،
    جَنِين سين ياقُوتَ، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.
    8
    واڄَٽَ ويراڳِيَنِ جا، مُون وَٽِ وَڏِي وَٿُ،
    سونُ سَڀوئِي سَڳِيُون، پَسِي ڪِينَ مَ ڪَٿُ،
    ويساهي ويلَ ڪَنهِين، پُورَبِ وِيندو پَٿُ!
    هُلَ کَنيائُون هَٿُ، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.
    9
    واڄَٽَ ويراڳِيَنِ جا، مُون وَٽِ وَڏو مالُ،
    مَقالان مَھَندِ ٿِيا، ڪونِهي وَٽِنِ قالُ،
    حاصُلُ جَنِين حالُ، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.
    10
    سُتِي سيجَ هُياسِ، مون کي آهَه اُٿارِيو،
    جَنِين جاڳاياسِ، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.
    11
    جان ڪِي مُون کي نينَ، پَڳَهَه پائي پاڻَ ڏي.
    پَهَه پَروڙِيان پَٿَ جا، ڪِينَرَ مَنجهان ڪي،
    هاڻي جي هَنيَئي، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.
    12
    جان ڪِي مون کي تاڻِ، پَڳَهه پائي پاڻَ ڏي،
    هُو جي هَنيَئي هاڻِ، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.
    13
    جان ڪِي مُون کي نِيو، پَڳَهَه پائي پاڻَ ڏي،
    قُوتُ منهنجو ڪاپَڙِي! سِڱِيُنِ مَنجِهه سِهو،
    ڪا ڦِرِي ڦُوڪَ ڏِيو، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.
    14
    سُوڌو سِڱِڙِيَنِ سين، ڪِي جو ڪَهِيائُون،
    هُو جا هَنيائُون، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.
    15
    صُبُحِ سِڱِڙِيُون کَڻِي، وِيا دُکائي دُورِ،
    ٿِيا ڏيٺائِيان ڏُورِ، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.
    16
    صَبُح سِڱِڙِيُون کَڻِي، وِيا وَڄائي وِيرَ،
    ڏورِيان ڏورِيان نَه لَهان، تَنِ بيراڳِيَنِ بَهِيرَ،
    جَنِ جي آسَڻَ مَنجِهه عَنبِيرَ، آئُون نَه جيئَندِي اُنِ ري.
    17
    ميڙِيو ڀاڻُ ڀَرِيُون ڪِيو، جوڳِي جَلائِينِ،
    سامِي سِڱِڙِيَنِ سين، خُودِيءَ کي کانئِينِ،
    هو جي تارِ تَڳائِين، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.
    18
    پَسِيو آسَڻَ اُنِ جا، اَچي نَه آرامُ،
    ڪِينَرَ ڪُٺِي آهِيان، تَنِين جي تَمام،
    مون کي ٿِيو ماتامُ، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.
    19
    پَسِيو آسَڻَ اُنِ جا، اُڌِما اَچَنِ،
    ڪِينَرَ ڪاپَڙِيَنِ جا، صُبُحِ تان نه سُڄَنِ،
    جي رائي مَنجِهه رَهَنِ، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.
    20
    آسَڻَ وَٽ آهُون ڪَرِيان، وَسِ نه منهنجي واتُ،
    لَڳُمِ لاهُوتِيَنِ جو، مَنجهان ڪِينَرَ ڪاتُ،
    هَلَڻَ کي هَيهاتُ! آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.
    21
    پَسِيو آسَڻَ اُنِ جا، ٻانهُنِ وِجهان واتُ،
    هُو جي ڪَهِيا ڏُھون قَلاتُ، آئُون نَه
    جيئندي اُنِ ري.
    22
    وَٽَنِ ويٺِي آهِيان، ڏِسيو ڪِينَ ڏِسانِ،
    جنهن جِهو ئِي ناهه ڪِي، سا ڪا سُونهن سَندِيانِ،
    پَسِيو ڪِينَ پَسانِ، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.
    23
    بابُو بِيکارِي ٿِيا، اَڄُ نَه آسَڻُ وَٽِ،
    خُودِي کانئي هَلِيا، پيرُ نَه لائِينِ پَٽِ،
    هَئي هَئي جَنِين هَٽِ، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.
    24
    بابُو بِيکارِي ٿِيا، ڀَڃِي ڇَڏِيائُون ڀاڻُ،
    نِسورو ئِي نينهن جو، نانگَنِ وَٽِ نِڌاڻُ،
    سِرِکَنڊُ جَنِين ساڻُ، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.
    25
    نانگا نانِيءَ هَلِيا، سامي سَڀيئِي،
    وِهَڪَ مُون ويئي، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.
    26
    نانگا نانِيءَ هَلِيا، ويچارا ويا،
    ڪِينَرَ ڪاپَڙِيَنِ جا، صُبُحِ تان نَه سُئا،
    هُو جي هِتِ هئا، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.
    27
    نانگا نانِيءَ هَلِيا، چيلِهيا چيلِهه ٻَڌَنِ،
    هو جي هُتِ هَلَنِ، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.
    28
    نانگا نانِيءَ هَلِيا، هِنگلاجان هَلِي،
    ديکِي جَنِ دُوارِڪا مَهيسِنِ مَلِي،
    آڳَهُه جَنِ عَلِي، آئُون نه جيئندِي اُنِ ري.
    29
    جُسي سَندو، جوڳَ ري، مُون نه گُهرِجي ماهُه،
    سامِي منهنجو ساهُه، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.
    30
    ڪالهوڪو ڪاڏي وِيو، سَندو جوڳِينِ جوشُ،
    پَسِي تنهن پَٽَ کي، هَڏِ نَه رَهِيو هوشُ،
    آسَڻَ ۾ اَفسوسُ، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.
    33
    پاڻهِين ويٺا پاڻَ سين، پَرِ ۾ پَرِياڻِينِ،
    هُو جي هَلَڻَ سَندِيُون، ڳالهيون ڳالهائينِ،
    وَڃَڻُ وِڃائِين، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.
    34
    ويراڳيَنِ وَرَنُ، ڏِسَڻُ گَهڻُو ڏُهِلو،
    هِڪُ ٻولڻُ ٻوڙَنِ سين، ٻِيو سَندا فانِيَنِ فَنَ،
    ڪِي گُهرِجَنِ ڪَنَ، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.
    35
    جُز وِڃايو جوڳِيين، ڪُلّ سين آهينِ ڪَمُ،
    آسَڻُ جَنِ عَدَمُ، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.
    36
    وَڄائي واٽَ ٿِيا، جوڳِي جُڳاڻي،
    هُئا جي هاڻي، آئون نَه جيئندِي اُنِ ري.
    رامڪلي 2 مڪمل
    ڪِيَم ڪاپَڙِيَنِ جِي، پِهرِيين ڏينهن پَرُوڙَ،
    سَگها ساعَتَ نَه هيڪَڙِي، چارَئي پَهَرَ چُورَ،
    سَدائِين، سَيّدُ چئي، هُونِ سَناسِي ۾ سُورَ،
    جوڳِي ساڻُ ضَرورَ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
    2
    ويهِي ويراڳِيَنِ جو، ٻئي ڏينهن ٻُڌُمِ حالُ،
    تَنِ جا ڌاڄا ڌُوڙِ ڀَڪُلِيا، جاڳوٽا زَوالُ،
    اُنِ ڄاڻِي جَٽائُون ڇَڏِيُون، چوٽا چَڱِيءَ چالِ،
    ويچارا وُجُودَ جِي، ڪنهن سين ڪَنِ نَه ڳالِ،
    نانگا ٿِيا نِهالُ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
    3
    ٽئين ڏينهن ٽِمڪائِينِ، دُونهِيُون دائِرَنِ ۾،
    ميڙِيو ڪَڙِڄ ڪاٺِيُون، جوڳِي جَلائِينِ،
    سَندِيُون کامَڻَ خَبَرُون آديسِيَنِ آهِينِ،
    ڳُجُهه نه ڳالهائِينِ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
    4
    چوٿين ڏينهن چَوگانَ ۾، ڪنهن جنهن پھ پِيا،
    وَهَمَ پِرِيان جي وَڍِيا، تَنِ ۾ ڪُوڙَ ڪِها،
    اَندَرِ آديسِيَنِ کي، اچَنِ جوشَ جِها،
    سامِي سونُ ٿِيا، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
    5
    پَنجين ڏينهن پَئِي، ڪنهن جنهن پُورَ پَچائِيا،
    اَندَرِ آديسِيَنِ کي، سُورَنِ شاخَ ڪَئِي،
    مَحَبَتَ جي مَيدانَ ۾، لاشَڪُ پِيا لَهِي،
    اُنِ کي سارِي راتِ، سَيّدُ چئي، گُوندَرَ ۾ گِئي،
    ڪَرِيو سيڻَ سَهِي، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
    6
    ڇَهين ڏينهن ڇَڻِي، پِيا ڪنهن پَرِياڻَ ۾،
    اَندَرِ آديسِيَنِ کي، ڌُرِيائِين ڌَڻِي،
    ٻَري ٻاجهارا ڪِيا، کانئين خاڪ کَڻِي،
    پِنِيو پَنجَ- ڪَڻِي، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
    7
    سَتين ڏينهن سِيّدُ چئي، ڌاڄا ڌوتائُون،
    اُڀِي اَلَکَ سامُهُون، ٻانهُون ٻڌائُون،
    وَڏِيءَ ڪنهن وِلاتِ جا، اُهُڃَ آندائُون،
    رُوحُ پنهنجو رامَ سين، پَرِ ۾ پوتائُون،
    کَڻِيو کِدائُون، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
    8
    اَٺين ڏينهن اُڀِي وِيا، جوڳِي جاءِ بَجاءِ،
    ساپَرِ سامي سِکِيا، جا پَرِ جوڳَ جُڳاءِ،
    ويروتارَ وجُودَ ۾، اُنِ کي رام رھيوئي آهِه،
    ڪنهن جنهن ڪَمائِيءَ لاءِ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
    9
    نائين ڏينهن نيڻانِ، اوجاڳي اُجارِيا،
    سَٻاجهي ٻاجَهه ڪئي، سُڃاڻِي سيڻانِ،
    جِتي نَطَرُ ناٿَ جو، اُتي اوتارانِ،
    اِهي اُهُڃاڻانِ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
    10
    ڏَهِين ڏينهن ڏِکَ ٿِيا، پرين پاٻوهِيا پَسُ!
    وَرَقُ جي وِصالَ جو، سو واري ڪِيائُون وَسُ،
    لَڌائُون لَطِيفُ چئي، سندو گُرُوءَ گَسُ،
    جوڳِيَنِ کَٽِيو جَسُ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
    11
    ڪارِهين ڏينهن ڪَرَمُ، وَرِيو ويراڳِيَنِ جو،
    جوڳِيَنِ جاٽائُون پُنِيُون، هَلِي وِيا حَرَمُ،
    دائِمُ جَهلِيو دَمُ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
    12
    ٻارِهين ڏينهن ٻيئِي، مَنَ مُرادُون پُنِيُون،
    جوڳِي اِنَ جاٽا کي، ٿي سِڪِيا سَڀيئِي،
    رامڪلي داستان 3 مڪمل
    1
    ڪنهن جنهن سَناسِيءَ سُورَ، جُہ وَهَلُورُ وَتَنِ،
    اَٺَئِي پَهَرَ اَلَکَ جو، ڪو وَڍُ ويراڳِيَنِ،
    سَدائِين صاحِب ڀَئِي، ٿا ڪاپَڙِي ڪَنبَنِ،
    جي راتو ڏينهن رَمَنِ، هلو! ته تَڪِيا پُسون تَنِ جا.
    2
    ڪنهن جنهن سَناسِيءَ سُورَ، جُہ وَتَنِ ۾ وَهلُورَ،
    ٻَهَرِ ٻولِي ٻِي ڦِري، گَهٽَ ۾ گهايَلَ گُهورَ،
    چِتَ جَنِين جا چُورَ، هلو تَه تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
    3
    سَدائِين سَفَرَ ۾، رَمَنِ مَٿي راهَه،
    پُرَنِ پُورَبَ پَنڌُ ڏي، مَنجِهه مَوالِي ماهَه،
    جَنِ جِي اَلَکَ سين آگاهَه، هلو تَه تَڪِيا پَسُون تَن جا.
    4
    ڪَنَ- ڪَٽَ، ڪاپَٽَ، ڪاپَڙِي، ڪَنوٽِيا ڪَنَ چِيرَ،
    سَدا وِهَنِ سامُهان، عاشِقَ اُتَرَ هِيرَ،
    تَسِيا ڏيئي تَنَ کي، ساڙِيائُون سَرِيرَ،
    هو جي فَنا ٿِيا فَقِيرَ، هلو تَه تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
    5
    ڪَنَ-ڪَٽَ، ڪاپَٽَ، ڪاپَڙِي، ڪَنَ جي ڪَٽائِينِ،
    لاهُوتِي، لَطِيفُ چئي، ماڳُ نه مَٽائِينِ،
    جي خودِيءَ کي کانئِينِ، هلو تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
    6
    ڪَنَ- ڪَٽَ، ڪاپَٽَ، ڪاپَڙِي، ڪَنوٽِيا، ڪَنَ- ڪَٽَ،
    دُونهان جَنِ دُکائِيا، هَلِي مٿي هَٽَ،
    خاڪِ جَنِين جِي کَٽَ، هلو تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
    7
    ڪَنَ- ڪَٽَ، ڪاپَٽَ، ڪاپَڙِي، لانگوٽِيا لالَ،
    لاهُوتِي لَطِيفُ چئي، موهِيا ڪنهن نه مالَ،
    هِهڙا جنين حالَ، هَلو تَه تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
    8
    ڪَنَ- ڪَٽَ، ڪاپَٽَ، ڪاپَڙي، ڪَنوٽِيا، ڪَنَ ڍار،
    هَلَنِ جي هِنگِلاجَ ڏي، بابُو ڇَڏي بارَ،
    جي ڪِينَ قَبُولَڻَهارَ، هلو تَه تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
    9
    تَڪِيا پَسُون تَنِ جا، هَلِي مَنجهان حالَ،
    ڪوڙيين ڪَنوٽيَنِ جا، ڀينَرُ! ڀانيان ڀالَ،
    سامِيَنِ جي سَنڀال، منهنجو چِتُ چَڱو ڪِيو.
    10
    تَڪِيا تاڪِيائُون، وِيا رَمَندا رامَ ڏي،
    کِجان، خَبَرَ نَه لَهان، تَنِ آدِيسِنِ آئُون،
    ڪِنهن کُوڻِ کَنيائُون، ڪاڏي وِيا ڪاپَڙِي.
    11
    سامِي کامِي پِرِينءَ لَئي، ڪُسِي ٿِيا ڪَبابُ،
    نه ڪو ڏِسَنِ ڏوهَه کي، نَه ڪو ڪَنِ ثوابُ،
    اوتينِ اَرتي گاڏُئون، مَنجهان اَکِينِ آبُ،
    سَندو ذاتِ جَوابُ، تُون ڪيئن پُڇِين تَنِ کي.
    12
    سامِيَنِ سَمَرُ سُورَ، گُوندَرَ گَبَرِيَنِ ۾،
    جَڙي ٻَڌائُون جانِ ۾، پيغامَنِ جا پُورَ،
    آديسِي اَسُورَ، وَڄائي واٽَ ٿِيا.
    13
    سامِي! مَڙهِي سَندِياءِ، سامُهِين مُون سيلَھہ ٿِي،
    سا تان ڪُهُہ اَڏِياءِ، جان نانگا وَڃين نِڪِرِي.
    سَمانا سيئِي، جي گُرَ گَڏِجِي آئِيا.
    رامڪلي داستان 4 مڪمل
    1
    جي ڀانيين جوڳِي ٿِيان، تَه سَڱَ سَڀيِئي ڇِنُ،
    وَڃِي دَرِ دوسَنِ جي، نانگا ڪِيمِ نِنُ،
    پَٽِ تَنِين جي پِنُ، جَنِ ٻُجِهي نَه ٻُجِهيو.
    2
    جي ڀانيين جوڳِي ٿِيان، تَه سَڱَ سَڀيئِي ٽوڙِ،
    جي ڄاوا نَه ڄاپندا، جِيءَ تَنِين سين جوڙِ،
    تَه تُون پَهُچِين توڙِ، مَحَبّتَ جي مَيدانَ ۾.
    3
    جي ڀانيين جوڳِي ٿِيان، تَه پَرِ گُروءَ جِي پارِ،
    هَوائُون هِنگِلاجَ ڏي، وِيندي سَڀِ وِسارِ،
    نانگا! ناٿُ نِهارِ، سامِي وَڏِيءَ سِڪَ سين.
    4
    جي ڀانيين جوڳِي ٿِيان، تَه طَمَعَ ڇَڏِ تَمامُ،
    گولا جي گولَنِ جا، تَنِ جو ٿِيءُ غُلامُ،
    صَبَرَ جِي شَمِشِيرَ سين، ڪَرِ ڪِيني کي قَتلامُ،
    تَه نانگا تنهنجو نامُ لِکِجي لاهُوتِيَنِ ۾.
    5
    جي ڀانيين جوڳِي ٿِيان، تَه ٿِي گُرُوءَ جي گَسِ،
    ڏُکَ پاڻَ کي ڏَسِ، سامِي! وَڏِيءَ سِڪَ سين.
    6
    جي ڀانيين جوڳِي ٿِيان، تَه مَنُ پوري مَنجِهه مارِ،
    دائِمُ دُونهِين دِلِ ۾، مَنَ سين مالِها وارِ،
    سَهُه سَڀڪا آر آڳي جِي آدَبَ سين.
    7
    جي ڀانيين جوڳِي ٿِيان، تَه ڪِينَ پِيالِي پِيءُ،
    ناهه نِهاري هَٿِ ڪَر، “آئُون” سين اُتِ نَه ڀِيءُ،
    تَه سَندو وَحدَتَ وِيءُ، طالِبَ! توڙان ماڻِيين.
    8
    جا ڀانيين جوڳِي ٿِيان، تَه مُنهن ۾ مُنڊا پاءِ،
    ڪَنين ڪِينَ وِڃائِيو، جَنِ ۾ ڪوڙيين ڪَڪَرَ وِڌاءِ،
    ڇَڏِ چادَرَ، ٻَڌُ چَمِڙا، جُتِي تو نَه جُڳاءِ،
    ته سامِيئڙا! سَندِياءِ، گُرَ وٽِ گِلا نه ٿِئي.
    9
    جوڳينِ جوڳُ جڳُاءِ، جوڳُ بہ سُونهين جوڳيين،
    جوڳينِ سَندِي جان ۾، ڳُجُهه ڳُجهاندَرُ آهِه،
    هاءِ! مُون کي واءِ، جو آئُون جوڳُ نَه سِکِي.
    10
    جوڳُ نَه جوڳو تُون، ڪَرِين پَچارُون جوڳ جون،
    هِڪِڙو پَنڌُ پَرِيَنِ ڏي، ٻِي تَتِي ڀُون،
    سامِي سيڻَنِ ڏونهن، رُوندا رَتُ وِيا.
    11
    جوڳِي هُون نَه جِيئرا، پائي جوڳُ مَ جِيءُ،
    هارِيا! هِنِ ڪَنَنِ سين، سُڻُ سَنِيهو اِيءُ،
    “وِڃائي وُجُودُ کي، پاڻان پاسي ٿِيءُ،”
    هَڏِهين ڪونِهي هِيءُ، اَسارا، آئون چُوِين.
    12
    جا جياري جوڳِيين، سا ماڻھنِ مُصيبَتَ،
    سامِيَنِ سُورُ صِحَتَ، جي پُورِبِيا! پَرُوڙِيين.
    13
    جوڳِي تنهنجي جوڳَ ۾، ڳالِهه گُهرِجي ڳَچُ،
    وَڍِيو، چِيرِيو، چِچِرِيو، پَرِ ۾ اُڀو پَچُ،
    سوئِي ٻارِجِ مَچُ، جو آتَشان آبُ ٿِئي.
    14
    جان تان جوڳِي ٿِيءُ، نَه تَه نِرِڄا! وَنءُ نِڪِرِي،
    ڪُوهُه ٿو ڪَنَ ڪَپايين، جان نَه سَهيين سِيءُ،
    ڀَڄُ! پَرانهُون ٿِيءُ، مَتان ٻِيا لَڄايين.
    15
    جوڳِي ٿيَنِ نَه يارَ، ڪنهن سين قَرابَتِي،
    مان مُلاقِي تَن جو، جَنِ پُورَبَ جِي پَچارَ،
    اَٺَئِي پَهَرَ اُنِ جي، آهِه نانِيءَ ڏي نِهارَ،
    لائي وِيا، لَطِيفُ چئي، اَندَرَ مَنجِهه اَپارَ،
    سامينِ ساڻُ، سَتارَ! لاهُوتي لالُ ٿِيا.
    16
    گولا جي گَراهِه جا، جُوٺا سي جوڳِي،
    ڦِٽَلَ اُو ڦوڳِي، جَنِين شِڪَمَ سانڍِيا.
    17
    جُدا هو مَ جوڳَ ري، جِندا! جوڳُ مَ لاهِه،
    ڪُوڙِي ڪِجِ مَ ڪَڏِهِين، سَچِي ڪِيمَ سَلاءِ،
    پَهَڄَڻُ پارينداءِ، مَتان رامُ رُسايين.
    18
    ڪَنِ ڪورائي ڪاپَڙِي، جندا! ٿِيءُ مَ جوءِ،
    سِرَ سِپاهِيَنِ وِڪِيا، سو ڪه نه سامِي! سوءِ؟
    جيڪي پُڇين، پُڇُ سو، گُونگا نِينِ نَه گوءِ،
    وَڃُ لاهُوتِي لوءِ، عِجِز کي آڏو ڪَري.
    19
    ڪَنَ ڪورائي ڪاپَڙِي، جندا! ٿِيءُ جُوانُ،
    ڪاهِه تَه لَڳيئِي ڪانُ، نانگَنِ هَٿان نينهن جو.
    20
    نِسورو تُون نينهن جو، دِل ۾ دُودُ دُکاءِ،
    آڻي آڳِ عِشقَ جِي، ٻاري جانِ جَلاءِ،
    جِندا! ايئن جَڳاءِ، جيئن آتِشان آبُ ٿِئي.
    21
    ڪَنَ ڪورائين ڪاپَڙِي، اِيءُ زَنانو جوڳُ،
    سامِيَنِ سُڃاڻَڻُ پِيو، هِڪُ دَهِي، ٻِيو دوڳُ،
    جَنِين ڀانيو ڦوڳُ، رام تنِين کي ريبِيو.
    22
    هُو جي ڪَنَ ڪَپارَ جا، سُوڌو سي نَه سُڻِينِ،
    اَندَرِ جي آهِينِ، سُڻُ سَنِيهو اُنِ جو.
    23
    هي ڪَنَ گاڏِهان وِڪِڻِي، ڪَنَ ڪي ٻِيا ڳِنهيجِ،
    تَنِين ساڻُ سُڻِيجِ، پِرِيان سَندِي ڳالهڙِي.
    رامڪلي داستان 5 مڪمل
    1
    مونا طُورِسِينا سَندا سَناسِيَنِ،
    سَجِدي ۾، سَيّدُ چئي، گوڏا گودَڙِيَنِ،
    “فَڪَانَ قَابُ قَوّسَينِ اَوّ اَدنَيٰ“، ٿا نانگا ايئن نَمَنِ،
    “ڪُلُّ مَنّ عَلَيّهاَ فَاّنِ“ باقِي ڪِينَ بَچَنِ،
    1
    اَللهَ وَلِيّ الّذِينَ آمَنُوا يُخّرِجُهُمّ مِنَ الظّلُماتِ
    اِلي النّورِ، اِهَڙِيءَ پَرِ پُرَنِ،
    “خَرّ مُوسيٰ صَعِقاَ“ جوڳِي جُنگَ جَلَنِ،
    “ما زَاغَ البصَرُ وَ ما طغَيٰ“، اِهَڙِيءَ رَوِشَ رَوَنِ،
    1
    مُشاهِدو مَحبُوبَ جو، اُتي آديسِينِ،
    بِي يُبصِرُ بِي يَسمَعُ، بي وِصالَ وِهَنِ،
    بِي يَمشِي بي يَنطِقُ، ٿا اِهَڙِيءَ چالَ چَلَنِ،
    سَيّدُ چئي سَندِيَنِ، تُون ڪَلَ پُڇين ٿو ڪِهَڙِي؟
    2
    مونا طُورِ سِينا، سَندا سَناسِيَنِ،
    پُورَبِ کَنيو نَه پاڻَ سين، بُعدُ بيراڳِيَن،
    رِدا آهي رازَ جِي، اوڇَڻُ آديسِيَنِ،
    قُربُ ڪاپَڙِيَنِ، نَنهن چوٽِيءَ سِينءَ ڍَڪِيو.
    3
    مونا طُورِسِينا، سندا سَناسِيَنِ،
    “طالِبُ الَموليٰ مُذَّڪَر“، اِيءُ ڪَلامُ ڪِيائُون ڪَنِ،
    سُکَڻَ کي سَڀِين پَرِيين، ٻُجِهي ڏِنائُون ٻَن،
    اَلفُ آديسِيَنِ، چُونڊي رَکِيو چِتَ ۾.
    4
    مونا جَنِ مِحِرابُ، جُسو جامِعُ تَنِ جو،
    قِبِلي نُماءُ قَلبُ ڪَري، تَنِ کي ڪِيائُون تَوابُ،
    تَحقِيقَ جِي تَڪبِيرَ چئي، جِسِمان ڪِيائُون جوابُ،
    تَنِ ڪِهَڙو ڏوهُه حِسابُ، جَنِ هينئڙي هادِيءَ حَلُ ٿِيو.
    5
    مُنهن مِحِرابُ پرينءَ جو، جامِعُ سَڀَ جِهانُ،
    اُڏامِي اُتِ وِيو، عَقُلُ ۽ عِرِفانُ،
    سَڀوئِي سُبُحانُ، ڪاڏي وَڃِي نِيتِيَان.
    6
    پايو مُنهُن مونَنِ ۾، ويٺا سي وِهُسَنِ،
    جوڳِي جاٽا ڪَنِ، آيا اُلُوهِيَتَ ۾.
    7
    آيا اُلُوهِيَتَ ۾، لاهُوتُ لَنگِهيو جَنِ،
    مَنجهان تَنِ جُسَنِ، حَرفُ نه سُڄي هيڪَڙو.
    8
    راهَه شَرِيعَتَ هَلِيا، تَفَڪُرُ طَرِيقونِ،
    حالَ حَقِيقَتَ رَسِيا، معرِفَتَ ماڳونِ،
    ناسُوتُ، مَلَڪُوتُ، جَبُروتُ اِيءُ اِنعام لَڌونِ،
    پَسُ لاهُوتُ لَنگِهيونِ، هاهُوتان مَٿي هَلِيا.
    9
    نِڱِيا ناسُوتان، مَڻِيائُون مَلِڪُوتَ ڏي،
    جوڳِي جَبروتان، وَڄائي واٽَ ٿِيا.
    10
    جَنِ اُجِهيو تَنِ نَه ٻُجِهيو، ويٺي گَڏِيُنِ وِيرُ،
    ڏوري ڏِٺائُون ڏُکَ سين، پاڻ مَنجهان ئِي پِيرُ،
    لَٿو تَنِ، لَطِيفُ چئي، جُسي جو زَنجِيرُ،
    ڪِينَ ڏِٺو هو ڪاپِڙِينِ، ڪابُلُ ۽ ڪَشمِيرُ،
    سَچُ جَنين جو سيرُ، تَنِ گُر ويٺي ئِي گَڏِيو.
    11
    نااُميدِي آجِڪو ، اوڇَڻُ آدِيسِين،
    ڪَڏِهن تازِيءَ پُٺِ تي، ڪَڏِهن هيٺِ هَلَنِ،
    ساميئڙا سَمُونڊَ ۾، تُنبي جيئن تَرَنِ،
    جي واڳُونءَ واتِ وَڃَنِ، تہ بہ ڪُسَنِ ڪُڇَنِ ڪِينَڪِي.
    12
    لالُ ڪي لالَ ٿِيا، لالُ لَنگِهيو جَنِ،
    عَدَمَ جي اوڙاهَه تي، ڪِيا آسَڻَ آڌوتِيَنِ،
    گَردانِيو گُنگَنِ، گِردابَ کي گِيانَ سين.
    13
    نامُرادِي نِجُهرو، عَدَمُ اوتارونِ،
    رَضا راڄُ سَندونِ، مُورُ نَه مَڱَنِ ڪِي ٻيو.
    14
    ڪِهَڙِي پُڇين ڪالِهه، ڪَرِ نَه ڪا اَڄُ صُباحَ،
    وَنءُ تَنِين سين واڳِيو، جيڪي پَسين مَنجِهه پَساهَه،
    رَمُ رَبانِي راهَه، مَٿي حالَ هوشيارُ ٿِي.
    15
    کَڻِيو تَڪَبُّرَ تَڪِيا، حِيلا ڪِيو هَلَنِ،
    مُوڙها تان نَه لَهَنِ، لَمِي راهَه، لَطِيفُ چئي.
    سر رامڪلي داستان 6 مڪمل
    1
    ڪنهن جنهن ڪُٺا ڪاتَ، جيئن سامِي مُورُ نه سَنرا،
    ڏِينهان ڏُکِي ڏِيلَ ۾، سُورَ سَڄِيائِي راتِ،
    جوڳِيان سَندِي ذاتِ، جِيجان! آهِه جَڏائُڙي.
    2
    روحَ ۾ رَهِيُنِ رامُ، ٻَهَرِ ٻولِنِ ڪِي ٻِيو،
    پِيالو پُرِ ڪَري، جوپُ پِيتائُون جامُ،
    تِنهان پوءِ تَمامُ، تَنِ تَڪِيا تاڪي ڇَڏِيا.
    3
    رامُ رَهِيُنِ ۾ روحَ، ٻَهَرِ ٻولِنِ ڪِي ٻِيو،
    سَدائِين سَفَرَ ۾، مَٿا ٿِيَنِ مُوءَ،
    سامِيئَڙا صُبُوحَ، سارِيان گَهڻُو، سَيّدُ چئي.
    4
    مَٿا مُوءَ ٿِيانِ، سَدا سُوئِيتا ڪاپَڙِي،
    ڪوٺي ڪنهن نه پُڇِيا، اَندَرِ اَندوهِيانِ،
    جيڪي ڄمارانِ، سا مَنجِهه گُوندَرَ گُذِرِي.
    5
    ويٺي جَنِھن وَرِهَيه ٿِيا، مَٿي سين ميري،
    اَکِيُون جنهن جُون اَلَکَ ڏي، ڀُونءَ ڏي نَه ڀيري،
    ڪاراڻِيان ڪَڪا ٿِيا، ڄَراٽِيا ڄيري،
    لُڙِڪَ لالُ، لَطِيفُ چئي، ڪَنبي ۽ ڪيري،
    نينهن نَه نِبيري، سُورَ چَرَندي سَنِرو.
    6
    ويٺي جَنِين وَرِهَه ٿِيا، مَٿي ميري ساڻُ،
    ڪاراڻِيان ڪَڪا ٿِيا، ڄيري وِجِهي ڄاڻُ،
    خُودِي کانئي هَلِيا، پُٺِ تي ڇَڏي پاڻُ،
    سي ڪيئن ٻَهَرِ هَڻَنِ ٻاڻُ، جَنِ گَڏِيو گُرُ گِردانَ ۾.
    7
    نانگنِ ڪِينَ نَمايو، ناٿُ نَمايو نِينهَن،
    مَڙھِنِ اُٺا مينهَن، جوڳِيان سَندِيءَ ذاتِ کي.
    8
    نَه ڪِي نَمَنِ ناٿَ کي، ناٿُ نَه نَمائِين،
    جاٽا ڪَنِ نه جوڳَ جِي، جوڳُ نه جُهارِين،
    آديسِي آڻِينِ، اهڃاڻِيُون اَلماسَ جُون.
    9
    هَرَ هَرَ ڪَنِ هَرنامُ، ڌُونِ ڏِيهاڙِي ڌوتِيا،
    جَنِ نه رِيجهايو رامُ، ناٿُ، نَه نَمي تَنِ کي.
    10
    هَرَ هَرَ ڪَن ”اُميس“، ڌُونِ ڏِيهاڙِي ڌوتِيا،
    جَنِ نَه مارِي ميسَ، ناٿُ نَه نَمي تَنِ کي.
    11
    تَهِڙا ڪَڙِڄَ ڪَڪِرا، جِهڙا جائن ڦُلَ،
    تَنِ سامِينِ جي سَڌَ مَران، جَنِ جي گودِڙِيَنِ ۾ گُلَ،
    اَندَرِ مُلَهه اَمُلَ، ٻَهَرِ ڪوجها ڪاپَڙِي.
    12
    يادِ گُرُو ڪَنِ گودِڙِيا، ڀَرِ بازارِ بِيٺا،
    پَڙهَنِ سُورَ سُبُحانَ جِي، پِيَنِ تنهن پِيٽا،
    جيلاه مُنهن مِيٺا، تيلاہ نشا چاڙهِيائُون نينهن جا.
    13
    ريڳَڙيارا رَمِيا، لُوٺِيَسِ لانگوٽِيَنِ،
    منهنجو جِيءُ جَلائِيو، اَندَرِ آدِيسِينِ،
    لانجُهون لاهُوتِيَنِ، چوري ڏِنِيُون چِتَ کي.
    سر رامڪلي داستان 8 مڪمل
    1
    رَهيا اَٿئِي راتِ، صُبُحَ وِيندَءِ صابِرِي،
    لُونءَ لُونءَ مَنجهه، لَطِيفُ چئي، ڪَرِ تَنِين جِي تاتِ،
    سَندِي جوڳِيان ذاتِ، ٻئي ڀيري مَسَ مِڙي.
    2
    اَڱڻِ آهِينِ اَڄُ، صُبُحَ وِيندَءِ صابِرِي،
    ڪَجِ ڪو ڪاپِڙَينَ مان، رُوحَ رُچَندو رَڄُ،
    پيرَ تَنِين جي پُڄُ، مَتان سِڪِين سَناسين کي.
    3
    تان ڪِي ساڻُنِ اورِ، جان آهِنِ اوطاقُنِ ۾،
    ڏهَه ڏهَه ڀيرا ڏينهن ۾، پاڻُ مَٿائُنِ گهورِ،
    وِيا جي هِنگِلورِ، ته ڪَرَمِ مِلَندَءِ ڪاپَڙِي.
    4
    تان ڪِي وَٽِنِ ويهُه، جان آهِنِ اوطاقُنِ ۾،
    سامِي سَفَرِ هَلِيا، ڏُورِ چِتائي ڏيهُه،
    ڇَڏي سُکُ ساڻيهُه، مَٿي گَنگا گَجِيا.
    5
    تان ڪِي وَٽِنِ وَڃُ، جان آهِنِ اوطاقُنِ ۾،
    سامِي سَفَرِ هَلِيا، رائو چِتائي رُڃَ،
    اِهَڙا جَنِ اُهُڃَ، سي ڪَرَمِ مِلَندَءِ ڪاپَڙِي.
    6
    تان ڪِي وَٽِنِ آءُ، جان آهِنِ اوطاقُنِ ۾،
    وِيو تَنِ نه وِسَرِي، لاهُوتِيڪو لاءُ،
    فَنا ۽ فِراق جو، سامين چَکِيو ساءُ،
    وَٽان تو وِيندا، ڪاپَڙِي ڪابُول ڏي.
    7
    اَڄُ نَه اوطاقُنِ ۾، جاڳَرُ جوڳِيئَڙَنِ جو،
    ساري سَناسِيَنِ کي، رُوندين تان رو،
    پَسُ! پارِئان تو، لاهُوتِي لَڏي وِيا.
    8
    اَڄُ نَه اوطاقُنِ ۾، طالِبَ تَنوارِينِ،
    آدِيسِي اُٿي وِيا، مَڙهِيُون مُون مارِينِ،
    هُو جي جِيءَ جِيارِينِ، سي لاهُوتِي لَڏي وِيا.
    9
    اَڄُ نَه اوطاقُنِ ۾، سَندِي جوڳِيَنِ جوڙَ،
    ساري سَناسِيَنِ کي، کامِي ٿِيَسِ کوڙَ،
    مَنَ جَنِين سين موڙَ، سي لاهُوتِي لَڏي وِيا.
    10
    اَڄُ نَه اوطاقُنِ ۾، سَندِي جوڳيَنِ ذاتِ،
    ساري سَناسِيَنِ کي، رُنُم سارِي راتِ،
    مُون تَنَ جَنِين جِي تاتِ، سي لاهُوتِي لڏي ويا.
    11
    اَڄُ نَه اوطاقَنِ ۾، تازا پَٿَرَ ڪَکَ،
    آديسِي اُٿِي وِيا، پيئِي اُڏامي رَکَ،
    سامِي کَڻِي سَنکَ، وَڄائي واٽَ ٿِيا.
    12
    جِياسُون جوڙَ ٿِي، جوڳي ڏِٺوسُون،
    ڪَنان تَنهِين مُون، حاصُلُ ڪِي حالُ ڪِيو.
    13
    جِياسُون جوڙَ ٿِي، جوڳِيءَ لاٿو جارُ،
    سَندو پُورَبَ پارُ، آڇيائِين ايندنِ کي.
    14
    جِياسُون جوڙَ ٿِي، جوڳِي ڏٺوسُون جان،
    مُون سَڱُ جنهين سان، سامِي سو سانڀيٽيو.
    15
    جِياسُون جوڙَ ٿِي، نانگو ڏٺوسُون نِتُ،
    چُنجهو هوسون چِتُ، کُلِي اَڄُ سُو باغَ ٿِيو.
    16
    هَئي! جي هُئا هِتِ، تَه مَٿِنِ هُوندَ حَقُ ٿيو،
    مَڙهِيُون، مُورَتَ، مَتِ، مَنَ وِسَرِيُون ڪي لَهان.
    17
    هَئي! جي هُئا هاڻِ، تَه مَٿِنِ هُوندَ حَقُ ٿِيو،
    پيهِي وِيا پاڻِ، اَڏِيا مَڙَهَه مارِينِ مُون.
    رامڪلي 9 مڪمل
    1
    بُکَ وِڌائُون بگِرِيين، جوڳِي ڪندا جُڃَ،
    طَلَب نَه رَکَنِ طَعامَ جِي، اوتِيو پِيئَنِ اُڃَ،
    لاهُوتِين، لَطِيفُ چئي، مَنُ ماري ڪِيو مُڃَ،
    سامِي جهاڳي سُڃَ، وَسِينءَ کي ويجها ٿِيا.
    2
    نَه گِندا، نه گَبرِي، نه لانگوٽِيءَ لِکَ،
    جيڏانهن ڀَرِينِ وِکَ، تيڏانهن صاحِبُ سامُهُون.
    3
    نَه گِندا، نَه گَبَرِي، نَه لانگوٽِيءَ لِيڙَ،
    جيڏانهن ڪَرِينِ ڀِيڙَ، تيڏانهن صاحِبُ سامُهُون.
    4
    جيئن ٿا پُڇَنِ اَنَ کي، تيئن جي پُڇَنِ پَنڌُ،
    تَه رِڙهِي لَڌائُون رَندُ، لَٿِيَنِ لُکَ لَطِيفُ چئي.
    5
    جيئن ٿا پُڇَنِ اَنّ کي، تيئن جي پُڇنِ اَللهَ،
    ته رِڙهِي لَڌائُون راهَه، لَٿِيَنِ لُکَ، لَطِيفُ چئي.
    6
    نَه گِندا، نَه گَبَرِي، نَه ڪَڇِينِ ڪاڇوٽِي،
    سامِيَنِ ٻارِي سَڃُ ۾، بابُنِ باهوٽِي،
    جوڳِي جَبرُوتِي، وَڄائي واٽَ ٿِيا.
    7
    ڪَڇي ڪاڇوٽِي، نانگَنِ ٻَڌِي نِينهن جِي،
    جِهَڙا آيا جَڳَ ۾، تَهِڙا وِيا موٽِي،
    اُنِين جِي چوٽِي، پُورَبِ ٿِيندِي پَڌِرِي.
    8
    سُٻيرِيءَ، سَيّدُ چئي، جي ٿا پُڇَنِ اَنُ،
    تَنِ ڪاپڙِيَنِ ڪونهي ڪَنُ، جوڳِي چائِينِ جاڙَ ٿا.
    9
    جا بَرادَ بُتَنِ جِي، سا اُڃَ بُکَ آديسِيَنِ،
    روزا رِندَ رَکنِ، عِيدَ نه اوڏا ڪاپَڙِي.
    10
    جنهن سناسِي سانڍِيو، گَندِي ۽ گِراھُ،
    اُنِينءَ کان اَللهُ، اَڃا اَڳاهُون ٿِيو.
    11
    ويٺو پُڇِين پَرُ، ڪَرِ ڪا هِنيارَ هَلَڻَ جِي،
    اَڄُ آدِيسِي! مَرُ، صُباحَ مَرَندو سَڀُڪو.
    12
    پَرِينديئِي پيرَ ٿِيا، ڇَڏي گَنجو گامُ،
    ويهِي ڪِيو نَه وِچَ ۾، تَنِ آديسِيَنِ آرامُ،
    رَهَه ۾ گَڏِيُنِ رامُ، پَنڌان ڇُٽا ڪاپَڙِي.
    13
    اَکِيُون آلو ماهُ، سَدا سَناسِيَنِ جُون،
    واري نيڻَ نِنڊاهُه، جاڳِي جَهلِيا جوڳِيين.
    14
    اَڌَ لَڳِيُون آهِينِ، آيَلِ! آديسِيَنِ جُون،
    ويهِي وِهائِينِ، ڪا قَضاني راتَڙِي.
    15
    اَڃا سي آهِين، جي سَزاوارَ سِڱِيُنِ جا،
    ويٺا وَڄائِينِ، جي سناسِي! سُڻِيين.
    16
    نسورِيائِي ناهه جِي، دِلِ ۾ دُونهِين دُکاءِ،
    آڻي آڳِ عِشقَ جِي، لاهوتِي! تَنَ لاءِ،
    جِندان تِيئن جاڳاءِ، جيئن آتَشِيان آبُ ٿِئي.
    17
    مَرَڻُ مُسَلَّمُ جَنِ، واحِدُ تَنِ نه وِسَري،
    مَٿي سَڳَرَ ڪاپَڙِي، نانگا نِنڊَ نَه ڪَنِ،
    نيڻَ سَدائِين تَنِ، اوجاڳي اُجارِيا.
    18
    پُوري پَئِي رَهُہ، اُپَٽي اُجُهه مَ ڪاپڙِي!
    اُلا جي عِشقَ جا، سي تُون سَهِيو سَهُہ،
    پُڇُ پاڻ کي پَهُہ، هِنگِلاجِ هَلَڻَ جو.
    19
    ڏورِڻُ گَهڻُو ڏاکَڙو، ڏورِجِ مَ ري ڏِيئي،
    تان تان هوئِجِ حُجِري، جان سين يارُ جِيئي،
    جَڏِهن پاسي پاڻُ ٿِئي، تَڏِهن ڇَڏِجِ تَڪِيو.
    20
    ڏورِ مَ ڏِيئيان ڌارَ، ڏورِڻُ گَهڻُو ڏاکَڙو،
    ڪوڙيين لَکَ هَزارَ، هِنَ اونداهِيءَ اَنڌا ڪِيا.
    21
    سامِي تُون سُلُوڪَ کي، هَٿان هَڏِ مَ ڇَڏِ،
    لَڏِيندَنِ سين لَڏِ، نَه رَهِين تُون راڄَ ڪَري.
    22
    وِيندَنِ کي ويڪَ ٿِئي، هُوندَنِ ڪونهي هَنڌُ،
    ”مَن لّہُ المَوليٰ فَلَہ الڪُلّ“، اِيءُ پَروڙِجِ پَنڌُ.
    23
    عاشِقَ، شَهَرَ فَقِيرَ، دَرِ دَرِ هَڻَنِ سَئينَ،
    ”مَن عَرِفَ اللهَ ڪَلّ لِسانُہُ،“ اِهڙا ئي اَمِينَ،
    جِتي پَسَنِ ڪِينَ، تِتي ڪَن تڪِيا.
    24
    لَنگِهه لاهُوتان، ڪاپَڙِي! دُونهِين ڪا مَ دُکاءِ،
    اوري ڪَرِ مَ آسَرو، پَري پَيرُ مَ پاءِ،
    جَنِ جِي جاءِ، نه ماءِ،، وَنءُ تَنِين سين واڳِيو.
    25
    ڀِنِيءَ ڀَڙَڪَ ڪَنِ، باهِيُون بيراڳِن جُون،
    هَلو تَه سيڪِيُون هَٿَڙا، مَٿي تَن مَچَنِ،
    مُلا سَناسِيَنِ، مُون جَڙَ لَڳِي جانِ ۾.
    26
    هُو جي ٿِيا هَرِ ڪيسَ، تَنِ لَڳي ڪِينَ لِباسَ سين،
    وَتَنِ وِلهي ويسَ، لاهُوتي، لَطِيفُ چئي.
    27
    بُکَ اُنِين جي بِکِيا، ڌوڙِ تَنِين جو ڌُوپُ،
    ڪِيائُون سوئِي رُوپُ، جِيان لوڪَ لَڄَ ٿِئي.
    28
    سِڱِيُون، سِيلِيُون، گَبَرِيُون، ٽيئِي ٽولَ ٽَڳو،
    پَٽُ هَڻِي پَٽَ سين، ڀيري تَنِ ڀَڳو،
    لاهُوتُ جَن لَڳو، سي مَڙهِيان مُورُ نَه نِڱِيا.
    29
    کوءِ گودَڙَ! ٻَنِ گَبَريُون! نيئِي کِدائُون کانءِ،
    جيڏانهِين جوڳُ وِيو، نيڻَ تيڏانهِين ناءِ،
    ڀُڻو ايئن ڀانءِ، ته سِڱِيُون شُومَتَ هَٿَ جون.
    30
    کَڻُ گودَڙَ، ٻيونُ گبرِيُون، کانءِ مَ کِدائُون،
    جِندا! وَڃِي جوڳَ سين، لَهِجِ ڪِي لائُون،
    اِيئَن ڪُهُه اُتائُون، ته سِڱِيُون شُومَتَ هَٿَ جُون.
    31
    جا گُرَ ڏِنِي گودَڙِي، سا مُون کي ٿِي مَرَڪُ،
    چيلا ماري چَرَخُ، اوڍي ويهُه اَدَبَ سين.
    32
    جا گُرَ ڏِنِي گودَڙِي، سا ٿِئي لاهِيندي لَڄَ،
    سَندا تِنهِن سَهَڄَ، چيلو چُوندا ڪيتَرا؟
    33
    جا گُرَ ڏِنِي گودَڙِي، سا مُون گَهڻُو سُهاءِ،
    نيئِي رَساڻي ماءِ، اوڍِين جي اَدَب سين.
    34
    اَندَرِ رِلا رِلِيُون، ٻَهَرِ پَٽولا،
    گَڏَهَہ جا گولا، اِنِين پَرين ڪاپَڙِي.
    35
    ٻَهَرِ رِلا رِلِيُون، اَندَرِ پَٽولا،
    خُدا جا گولا، اِنِين پَرين ڪاپَڙِي.
    36
    گُلَ گُلَ پَسِي گودَڙِيا! گَهڻا مَ ڀانئيج،
    سوئِي سُڃاڻيجِ، هِيءُ هُو آهي هيڪَڙو.
    37
    پَٽَ ڇَڏِيائُون پَٽَ ۾، ڏَنڊَ ڇَڏِيائُون ڏِسُ!
    سَڀَ ٽولَنِئان اَڳي ٿِيا، موٽِي ٿِيَنِ نَه مِسُ،
    هِيءُ ڇَڏِيائُون حِسُ، وَڃِي ڪالَهه ڪُلُّ ٿِيا.
    38
    ٻولِي ٻُجهارَتَ، جوڳِيان سَندِيءَ ذاتِ جِي،
    ڏورِڻُ گَهڻُو ڏاکَڙو، هَلَڻَ ۾ حيرَتَ،
    عَجَبُ عِبادَتَ، پَهُه پَرُوڙَڻُ اُنِ جو.
    39
    جنهن ڪارَڻِ جوڳِي ٿِيا، جان جان
    سو نَه پَسَنِ،
    تان تان سناسِيَنِ، وِهُه وِهامي راتَڙِي.
    40
    نَه کِلَنِ، نه کِينِ ڪِي، نَه ڪِي ڳالهائينِ،
    ڪنهن جنهن ۾ آهِينِ، سا پَرُوڙَڻُ ڏاکَڙو.
    41
    راتِيان رِجَهنِ رامَ سين، ڏينهان ڪَنِ سَنانُ،
    جوڳِي سي اَنانُ، وَٽُون جَنِ وِراهِيُون.
    42
    ڪِي جو ڏِٺائُون، ڏَهَڪِجِي ڏُورِ ٿِيا،
    وِهَڪَ نَه ڪِيائُون، اُڀَيَڪَ عَيبُ اُنِ جو.
    43
    نَه ڪِي طعامُ تُنبِيَنِ ۾، نَه ڪِي گَبَرِيَنِ،
    مُون پُڻِ مُلا تَنِ، حاصُلُ ڪِي حالُ ڪِيو.
    44
    دَلَقَ ڍَڪائِجِ دِلِ کي، لائِجِ ڪو مَ لِباسُ،
    پُوري کانئِجِ پنهنجو، مَڙهِيان اَندَرِ ماسُ،
    تَه ويراڳِي! تو واسُ، بَرَ ۾ بُيُون موڪِلي.
    45
    جِتي عَرشُ نَه اُڀَ ڪو، زَمِينَ ناهه ذَرو،
    نَه ڪو چاڙَهائو چَنڊَ جو، نَه ڪو سِڄَ سَرو،
    اُتي آديسين جو، لَڳو دَنگَ دَرو،
    پَري پِيُنِ پَرو، ناٿُ ڏِٺائُون ناهه ۾.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو