ساڙ سنڌ سان يا سنڌي ماڻهن جي وڌندڙ ساک کان ؟؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عمران درويش سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏17 جولائي 2010۔

  1. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    23 مئي تي خبرون ٻڌندي جڏهن اوچتو ٽيليوزن تي هڪ چئنل لڳي ويو ته هڪ عجيب ۽ حيران ڪندڙ واقعو منهنجي اکين ۽ دماغ کي سڀ ڪم وساڻ لاءِ مجبور ڪندڙ هيو.
    مون ڏٺو ته هڪ غير امن نالي واري خانگي صحافتي اداري جي ٻاهران چند ماڻهون هيا جيڪي پنهنجا مطالبا مڃائڻ لاءِ اعليٰ اختيارن سان ملڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، پر هي ڇا.......؟ اچانڪ پوليس جي گاڏين جا سائرن ٻڌڻ ۾ آيا، ۽ مون اهو سوچي چئنل تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته شايد هميشه وانگر اهڙي قسم جا مظاهرا ڪندڙ پوليس جي مار کان ڊڄي ڀڄي هليا ويندا... پر هن دفعي ڳالهه ڏيکاءَ جي نه پر جذبات جي ظاهر ٿي رهي هئي. ڇو ته جڏهن غير امن نالي واري خانگي صحافتي اداري پاران پنهنجي (نه سُوهندڙ) نالي واري چئنل تي مظاهرين تي الزام مڙهيندي اها خبر هلائي ويئي ته احتجاجين سندن دفتر گهڙي ۾ مارڪٽ ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي آهي ته احتجاجين جا هم خيال ۽ گهرن ۾ ويٺل ساٿي به پنهنجي جذبات تي قابو نه رکي سگهيا ۽ انهن جو ساٿ ڏيڻ جي لاءِ نڪري پيا.
    مٿي نه سُوهندڙ نالي جو ذڪر ان لاءِ ڪيو آهي ڇو ته جتي جنگ هوندي آهي اتي ڪوبه جي نه سگهندو آهي.
    منافقت جي انتها تڏهن ٿي ويئي جڏهن پوليس پاران هڪ طرفي همايت ظاهر ڪندي ڏاڍ جو ساٿ ڏيئي پر امن مظاهرين جي مٿان لٺين جو وسڪارو ڪري اظهار جي آزاديءَ جو جنازو ڪڍيو. پر انجي باوجود به مظاهرين جي تعداد ۾ مسلسل اضافو ٿيندو رهيو ۽ غير امن نالي واري خانگي صحافتي اداري جي انتظاميا کي سر جي لڳڻ لڳي. مظاهرين جي تعداد ۾ ٿيندڙ مسلسل اضافي شايد پوليس بي رحم لٺين کي به احساس ڏياري ڇڏيو ته مظاهرو ڪندڙ شايد حق تي آهن ۽ انهن جا مطالبا به جائز آهن.


    اهو به ڄاڻائڻ تمام ضروري آهي ته اهي مطالبا ڇا ۽ ڪهڙي حيثيت جا هئا؟؟؟
    مطالبا:
    1. غير امن نالي واري خانگي صحافتي اداري پاران سنڌي زبان سان تعلق رکندڙ صدر بي وجهه تنقيد ڪري عوام ۾ سنڌ دشمنيءَ جو تاثر پيدا ڪندڙ اينڪرن کي بر طرف ڪيو وڃي.
    2. سنڌي حڪومت جي خبرن کي خلاف ۽ منفي طور تي پيش ڪندڙ سنڌ دشمن ماڻهن کي پڻ بر طرف ڪيو وڃي.
    3. غير امن نالي واري خانگي صحافتي ادارو سنڌ دشمن پاليسي ختم ڪري.

    سوال اهو آهي ته آخر انهن مطالبن جنم ڇو ورتو.......................................................؟
    اهي مطالبا تڏهن پيدا ٿيا جڏهن غير امن نالي واري خانگي صحافتي اداري سنڌ دشمني جي پراڻي روايت کي دهرائيندي سنڌي ماڻهن کي اقتدار ۾ ويٺل نه سَٺو ۽ پنهنجي چئنل تي گستاخ خاڪا ٺاهڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيوجيڪو اڄ به جاري آهي، هميشه ڪنهن به ڳالهه کي اهڙي خبر جي طور پيش ڪيو ويو جنهن سان عوام ۾ حڪومتي مقبوليت ۾ گهٽتائي ٿئي، 18 ترميم جي نالي تي سنڌي صدر کي هميشه تنقيد جو نشانو بڻايو ويندو هيو پر جڏهن جمهوريت جي پاسداري ڪندي پنهنجا اختيار وزيراعظم کي منتقل ڪيا ته اهو عمل غير امن نالي واري خانگي صحافتي اداري جي سنڌ دشمن اينڪرن مٿان ڏمر ٿي ڪريو، ڇو ته انهن کي پگهار ئي صدر تي تنقيد ڪرڻ جي ڪري ملندي هئي، ۽ ان وقت سموريون سياسي قوتون صدر جي حمايت ڪندي نظر اچي رهيون هيو. پر چوندا آهن ته ڪُتي جو پڇ سئو سال نڙ ۾ وجهجي پر ساڳيو ٽيڙو ئي ٽيڙو.
    انکانپوءِ اڃان تائين به اهو غير امن نالي واري خانگي صحافتي ادارو مسلسل سنڌي حڪومت ۽ عدليه وچ ۾ ٽڪراءَ جي صورتحال پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳل آهي. اهڙي قسم جا اينڪر پاڪستان ۾ ميڊيا جي آزادي ۽ سينئر صحافي ڪردارن جي مٿان ڌٻو آهن.
    حيرت ان وقت ٿي جنهن وقت اهو معلوم ٿيو ته احتجاج ڪندڙ پارٽي جو حڪومت سان ڪوبه تعلق نه هيو ۽ هو ٻئي ڪنهن سياسي جماعت جي رهنمائي ڪري رهياهئا. تيز رفتار دور ۾ وقت تمام گهڻي اهميت رکي ٿو پر مظاهرين قيمتي وقت جي قرباني ڏيندي سنڌ ڌرتيءَ سان محبت ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي روايتن جي حفاظت جي لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ پنهنجا سنڌ دوست مطالبا مڃائڻ لاءِ سخت گرمي ۽ پٿريلي روڊ تي ويٺل نظر آيا. اهو ڏسي غير امن نالي واري خانگي صحافتي اداري پنهنجي چئنل تي سياست چمڪائڻ جو دڪان کولي فري جي سيل لڳائي ڇڏي ۽ مختلف سياسي ماڻهن کان مذمت جو چندو وصول ڪندا رهيا.
    سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته آخر ڪيسيتائين هن حڪومت ۾ ويٺل سنڌي ماڻهن سان وير واري روايت کي ورجايو ويندو ۽ مختلف معاملن ۾وڪوڙي عوامي مسئلن سان منهن ڏيڻ جو وقت نه ڏنو ويندو.


    عمران درويش سومرو
    [​IMG]
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ساڙ سنڌ سان يا سنڌي ماڻهن جي وڌندڙ ساک کان ؟؟

    اها نئين ڳالهه نه آهي ادا۔۔ سنڌين کي جڏهن به مملڪت ۾ براءِ نام ئي ڪو سٺو عهدو مليو آهي ته انهن جي خلاف اهڙين ننڍن ننڍن اشوز کي گڏائي سندن شخصيت جو وقار گهٽائڻ لاءِ اهي حربا ٿيندا رهيا آهن۔۔۔ هينئر ته حڪومت به اهڙي آهي جو جيڪي سندن لاءِ کڏ کوٽين پيا انهن کي ئي ڀاڪر ڀري پنهنجي ڀرسان ويهارين ٿا ۽ پنهنجي چاهيندڙن کي تڪليفن ۾‌ ڏسندي به ڪجهه نه ٿا ڪن۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو