سر پورب داستان 1 مڪمل 1 ڪَري ڪانگَ ڪُرِنِشُون، پيرين پرينءَ پَئيج، آئُون جو ڏِيَئِين سَنِيهو، وِچِ مَ وِساريجِ، لِللہِ لَڳِ، لَطِيفُ چئي، ڳُجهو ڳالِهائيجِ، چُئان تيئن چُئيجِ، ته کِنياتا! خوش هُئين. 2 اُڏُر لَڳِ اَلله، ويلو ڪَرِ مَ وِچَ ۾، آئُون جو ڏِيَئِين سَنِيهو، سانڍِ بَرابَرِ ساهہ، سَندِي ڳُجهاندَرَ ڳاهه، ڪَهِجِ مَ قَرِيبَنِ ري. 3 آءُ اُڏامِي ڪانگَڙا، پارانڀانِ پَچارِ، ويهِي هِتِ وِصالَ جو، تان ڪو تِرُ تَنوارِ، جي ڏِسَڻَ ۾ ڏيسارِ، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين. 4 پارانڀانِ پَچارِ، مَٿي لامَ لَطِيفُ چئي، ڦيرُ مَ فَضِيلَتَ تُون، جا ڪُرَ اوهان جِي ڪارِ، جي ڏٺي ۾ ڏيٺارَ، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين. 5 وَهِلو وَرُ، وَرِيا پِرِين، آءُ ڪانگا وَڻِ ويهُه، جَنِين ڏُورِ چتايو ڏيهُه، سي اُڏامِي آڻ پِرِين. 6 وَهِلو وَرُ، وَرِيا پِرِين، آءُ ڪانگا لَنءُ لاتِ، وِيا جي قَلاتِ، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين. 7 ڪانگَلَ سي ئِي ڪوٺِ، پِرِين جي پَرَڏيهه وِيا، جَنِين رِيءَ جهانَ ۾، اَکَڙِيَنِ اَروٺِ، لِللہِ لَڳِ،لَطِيفُ چئي، ڪِجِ ڳاراچو ڳوٺِ، جي ڏَمَرِيا ڪنهن ڏوٺِ، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين. 8 پِرِين جي پَرديسَ ۾، تَن جِي ڪانگا ڪِجِ خَبَرَ، ته سَڀِ مَڙهايان سونَ سين، پَکِي تنهنجا پَرَ، گُهمِي مَٿان گَهرَ، ڏِجِ پارانڀا پرينءَ کي. 9 آءُ ڪانگا! وَڻِ ويهُه، سُڌِيُون ڏي ساڻيهَه جُون، چَڱا ڀَلا سُپِرين، ڪِه سُکِ وَسي ساڻيهُه، پِرِينِ لئي پَرڏيهُه، مون تان گَهڻُو نِهارِيو. 10 ڪَرَ کَنيو ڪانگُ لَنئي، مُنِيءَ تي مَضبوطُ، آڻِيو ڏي آتَڻَ ۾، سَنِيها ثابُوتُ، ڪانگَلَ! اَٿئُون قُوتُ، پيغامَ پِرِيَنِ جا. 11 مَٿان مَنَهَه مُنهنجي، ڪنهن اُڏايو ڪانءُ؟ ڳِنِهِي آيو ڳالَهڙِي، سَندِي سُپيرِيانءُ، جيڏِيُون جاڙَ ڪِيانءُ، سُيئُمِ هوند سَنِيهَڙو. 12 ڪَڍِي ڪانگا! تو ڏِيان، هِنيُون ساڻُ هَٿَنِ، وَڃِي کاءُ وِلاتَ ۾، اَڳِيان عَجِيبَنِ، پِرِين مانَ چَوَنِ، ته هيئن قُرِبانُ ڪيرَ ٿِي؟ 13 ڏائي چَڙهِي ڏارَ تي، ڪِي جو ڪانگَ ڪَهِيو، سوريتِيءَ سُورِ پَئِي پَهو پَٽِ هَنيو، کامِي اَرٽُ کَنيو، ويچارِيءَ وِرِهَنِ مان. 14 ڏائي چَڙهِي ڏارِ تي، ٿو زاغُ ڪَري زارِيُون، آڻِيو ڏي آتڻ ۾، سَنِيها سارِيُون، ماٺِ ڪَرِيو مارِيُون! ڪَهِيو سُڻان ڪانگَ جو. 15 ڏائي چَڙهِي ڏارِ تي، ڪا جا لاتِ لَتِي، آتَڻَ ۾ اَندوهُه ٿِيو، سَگهي ڪانَ ڪَتِي، ويڙِھِي مَنجِهه وَتِي، ڪِي جو ڪانگَ ڪَمائِيو. 16 ڪِي جو زاغ زَبانَ سين، لَنيو مَٿي لامَ، پَهچايائين پرينءَ جا، سَرَتِيُون! راتِ سلامَ، ڪاڪِيُون! ڪَتي ڪا مَ، ته ڪَهِيو سُڻان ڪانگَ جو. 17 اَچِيو اَچِيو پُونِ، واڪا ڪِيو وَڻَنِ ۾، سَنِيها سيڻن جا، چوٽِيءَ چَڙهِيو چُونِ، ڪانگَ نه ڪُوڙا هُونِ، پِرِيان سَندي پارَ جا. 18 پِرِيان سَندي پارَ جو، ڪانگَلُ نَه ڪُوڙو، اَچي وڃي وِچَ ۾، مَٿي دَرَ دُوڙو، جو اَندرِ اوسِيئَڙو، سو لاٿائِين لَطِيفُ چئي. 19 ڪانگَلَ قَريبَنِ جا، اَچِي وائيءَ وَڻُ، تو ۾ بُوءِ بَهارَ جِي، مُشِڪَ کَٿُورِيءَ مَڻُ، اَچِي عَجِيبَنِ جو، اورانگهِجِ اَڱڻُ، توکي پَسِي تَڻُ، سُورَنِئان صافُ ٿئي. 20 آندِيُون ڪانگَ قَرِيبَ جُون اَڄُ واڌايُون، واهَه! مَنَ مُرادُون پُنِيُون، ٿِيُون سراهِيُون ساهَه، آندا پِرِين اَللهَ، سَڏَ منهنجا سابِ پِيا. 21 ڪانگَل! ڪوهُه ٿِيوءِ، پِيو آهِين پَٽَ ۾؟ اَڳي اُسَ تِڙڪو نه سَهِين، اَڄُ سارو ڏينهن سَٺوءِ، پَسِي حالُ سَندوءِ، ڪانگنِ ڪانگورو ڪِيو. 22 هُئين وَسِيلو وِچَ ۾، ڪانگَلَ! پاڙِيَئِي ڪانَه، اُتئِي ڪِينَ عَجِيبَ کي، ظاهرِ ساڻُ زِبانَ، توڙِ پهُتين تان نه، اورِيان ئِي آڻِيو ڏِيئين. 23 ڪانگَل! تنهنجي ڇانگَ، جَڏو جِيءُ جِيارِيو، مَٿان لامُنِ لَتَ ڏِيو، ٻولِيين سِرِ ٻيلانگَ، اُڏِرُ مَٿان ڦانگَ، تَه گهرِ آوَن مون پِرِين. 24 ڪانگَلَ! نيئِي ڪانگِ، منهنجي ڏي مَحبُوبَ کي، ”لالَنَ! لايَئِي ڏينهڙا، ڪنهن سَٽاڻي سانگِ، اوهان رِيءَ اَڙانگِ، ويٺِي وِرِهَه وَسائِيان.“ 25 رِيءَ پِرِيان پَرَديسَ ۾، وِرِهه وَڌِي ڪِي وَسَ، اَکِيُون پارِ پِرِيَنِ جي، ٿِيُون گامَ نِهارِينِ گَسَ، ڏيندا پانڌِي ڏَسَ، کِينءَ جُون آڻي خَبَرُون. 26 زاغَ تنهنجي ذاتِ جو، ٿورو مَٿي مُون، اُڏامِجِ، عَبدُاللطِيفُ چئي، صُبحَ سيڻَنِ ڏُونهن، ڪِجِ وينَتِيُونِ وِتَرِيُون، ٻاجهائِجِ ٻَهُون، تَه لالَنَ! ڪونَه لَهُون، جِهو تو جَهانَ ۾. 27 قَرِيبَنِ جو ڪانگَڙو، مَٿي ٽارَ ٽِلي، کَڻِيو کِيانتو خَبَرون، کِيرُون ڏِيو کِلي، لائِي جنهن لالَنَ سين، منهنجِي باتِ بِلي، سو وَرُ چَشمَنِ تي چَلي، جو دَرِبارِي دوسَت جو. 28 ڪُتو جي ڪانءُ، پِرِيان سَندي پارَ جو، اُنِهين مَٿان آنءُ، ڪوڙين قُرِبانِي ٿِيان. 29 سو ڪانگُ مَ قاصِدُ ڪَرِ، جو سَدا ڍونڍي ڍونڍ کي، ڪِ ڪَندو پَنهنجي پيٽَ جِي، ڪِ وِيندوِ دوسَنِ دَرِ، جنهن جِي ٻولِيائِي ”ٻَرِ ٻَرِ“، سو نياپا نيئِي رَهِيو! سر پورب داستان 2 مڪمل 1 سَدا شَوقَ پِرِيَن جي، ڦِران ڦيرِيدارُ، مانَ سَڃيهُون يارُ، اَڳِيان اَکَڙِيُون کَڻِي. 2 تَنِ اَکِيُنِ اُتان ”سُکَ“، کِلَندي کَڻَنِ جي، پِرِيَنِ پاٻوهَڻَ سين، ڏُورِ ڪِيا سڀِ ڏُک، ماڙُهن ليکي بُکَ، ساميَنِ سُورَ سنها ڪيا. 3 وِچِينءَ ويراڳِيَنِ جِي، مَٿي ڪُڻُڇَ ڪُوڪَ، مَحَبَتِي مَلُوڪَ، ساري سِڪَ سَنها ڪِيا. 4 سامِي چايين، سُکُ طَلَبِيين، سِکِيين نه، سامِي! اَڃا اورِيين پَنڌَ ۾، ويٺين وِسامِي، گُرَ کي تون نه گڏِيين، چايين انامي، دائِمُ مُدامِي، پُورو رَهِجِ پِرينءَ سين. 5 سامِي چايين سُکُ طَلبِيين، تَسا ڏِيين نَه تَنَ، ماڻهُنِ ڏانهن مُنهن ڪِيو، پِنِين اَٽا ۽ اَنّ، ڪاپَڙِي تو ڪَنَ، ڪِ چِيرايا چَشَن لَئي. 6 پُورَبِيا پُوري وِيا، آسَڻَ آڌِيءَ راتِ، سُئيَمِ نه سَناسين جون، پَچارُونِ پرڀاتِ، ڪا جا جوڳِيءَ ذاتِ، مِٽَ نه مَعذُورِينِ جا. 7 پُورَبِيا پُوري وِيا، آسَڻَ اَڄُ صُبُوح، خَستُورِيءَ خوشبوءِ، آهي آدِيسِينِ ۾. 8 مَٿي راهه رَوان ٿِيا، پُورَبِ پُورِيائُون، هِي گَهرَ گهورِيائُون، اَڳانڍِيائُون اَڳِيان. 9 پُورَبَ ۾ پيهِي، مون تان گَهڻو نِهارِيا، سُڌِ نه مُڪِي سَڄڻين، جيهِي نَه تيهِي، هُئا پَرَڏيهِي، وَڄائي واٽَ ٿِيا. 10 پُورَبَ مارِياسِ، ڪنهن درِ ڏِيان دانهَڙِي؟ مَتِيُون ڏِيندي لوڪَ کي، چَرِي پاڻَ ٿِياسِ، جَنِين نه جيهاسِ، مان لنئُون لَڳو تَنِ سين.