سر ڪارايل شاهواڻي

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏30 آگسٽ 2022۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سر ڪارايل داستان پھريون مڪمل
    1
    ”وَحدَهُ“ وائِي، چَڙهَندي چَيائِين،
    سو لُڙُ لَنگِهيائِين، جِتي پارَکَ پَکيان.
    2
    ٻَگَهنِ سين ٻاڻُ هَڻِي، اُڏاڻو آڪاسِ،
    جِتي پِرِين سَنداسِ، سو سَرُ مَڻي هَنجَڙو.
    3
    اَکِڙِيُون اوڙاهه ۾، اُڀو تَڪي تارِ،
    پِٿُون جي پاتارِ، هَنجُ تَنِين جو هيرئُون.
    4
    وَڃِين نه پيهِي، پِٿُن لَئي پاتارِ ۾؟
    ڪَنڌِيءَ تي ڪيهِي، هاجَ تُنهنجِي هَنجَڙا؟
    5
    اُونِهي ۾ اوڙاهُه جو، هَنجُ تِتَهِين هوءِ،
    اِيءُ ڪانيئَرو ڪوءِ، جو ڇاڇَرِ ۾ ڇيرُون ڪَري؟
    6
    ٿِيو حُضُورِي هاڻِ، سوجها پِيَسِ سَرَ جِي،
    کُنڊي لَڌِي کاڻِ، پَکِيئَڙي پاتارِ ۾.
    7
    اَڇو پاڻِي لُڙُ ٿِيو، ڪالُورِيو ڪَنگَنِ،
    اِيندي لَڄَ مَرَنِ، تِنهن سَرَ مَٿي هَنجڙا!
    8
    ويٺو جيئن وماسِيين، حَيرَتَ پؤ مَ هَڏِ،
    لاتِيُون جي لِباسَ جُون سي ڇُپائي ڇَڏِ،
    ”آئُون“، ”اَسِين“ ڪَنِ جي، پاسي تَنِ مَ اَڏِ،
    تَنُ طالِبَنِ گَڏِ، ته ويجهو ٿِيين، وِصالَ کي.
    9
    ويٺو جيئن وِماسِيين، حَيرَتَ پؤ مَ هورِ،
    اُونِهو جو اَڇو وَهي، گِهڙِي تِيائِين گهورِ،
    ڏَنِيون هَڏِ مَ ڏورِ، گهورِيو گَبُ گَسَنِ جو.
    10
    ويٺو جيئن وِماسِيين، حَيرَتَ پؤ مَ هاڻِ،
    لَلَنِ کي، لَطِيفُ چئي، اَڇي ساڻُ آراڻِ،
    ڪَنگَنِ لَٿِي ڪاڻِ، گڏِيو هَنجُ حَبِيبَ کي.
    11
    پَکِي پيهِي نِڱيا، مَنجهان لِتڙِنِ لَکَ،
    ڪَنِين ماڻِڪَ ميڙِيا، ڪَنِين رَتا پَکَ،
    پُٺيءَ لائي لَکَ، گَڏِيو هَنجُ حَبِيبَ کي.
    12
    هَنجَنِ سين هيڪارَ، جي ڳَڻَ ڪَري نِهارِيين،
    ٻَگَهنِ سين ٻِيهارَ، ٻيلَهه نه ٻَڌِين ڪَڏَهِين.
    13
    هارِيا هَنجَ! ٻَگَهنِ سين، ڪيهِي ٻڌِين ٻيلَهه؟
    ميرو مَٽائيجِ تُون، اَڇي ڪَرِ اُڪيلَ،
    ڪَنگَنِ ساڻُ ڪُويلَ، لَلا! جِمَ لُڙ پِيين.
    14
    اَڇو پِيو اَڇاهُه! تَه اَڇائِيءَ اُبَهو،
    وِهَڻُ وَڙُ نه آن جو، پاڻِيءَ لُڙَ لَلاهُه،
    سُسَرِ ڏِجي ساهُه، ڪُسَرِ ڪَنگَنِ قَبُرون.
    15
    ڪُسَرِ ڪَنگَنِ قَبَرُون، سُسَرِ ساڱاهيجِ،
    هَنجَ هُتي جِي ڳالهڙِي، ٻَگَهنِ سان مَ ٻوليجِ،
    ماڻي تُون مُڙيج، چَئيجِ مَ ڪنهِين چُهِنجَ سين.
    16
    سَرَ سُڪي سالَ ٿِيا، هَنجَ هَرِيوئِي پير،
    ڪَنگُ ويچارو ڪيرُ، جو رَسي اِنَهِيءَ رَمزَ کي؟
    17
    آءُ اُڏامِي هَنجَڙا! سَرَ ۾ سارِينَئِي،
    مَتان مارِينَئِي، پاڙِهيرِي پَهُه ڪَري.
    18
    سَرَ ۾ پَکِي هيڪَڙو، پاڙِهيرِي پَنجاهَه،
    سَندِيءَ آسَ اَللهَ، لُڏي لَهرِيَنِ وچ ۾.
    19
    دَلِبو مَنجِهه دَرِياهَه، پَکِي پَسِي آئِيا،
    ويچارا ويساهَه، آڻي اُتِ اَڙائِيا.
    20
    پَکِي جنهن پُڄائِيا، تنهن ۾ ساهُه نه ماهُه،
    مَنجِهه ڪَرَنگَهرُ ڪاٺَ جو، مَٿي پَکَنِ گاهُه،
    ويچارن ويساهه، مٿي پکِنِ آئيو.
    21
    جيئن قَطَرُ چُڻِيو ڪُڙِ ڀَرِيين، ٻولَ ٻُجَهندين هَنجَ!
    موتِي جي مِهِراڻَ جا، پُورا چُڻج پَنجَ،
    اَڄُ ڪِ صُباحَ سَنجَهه، ٿو ڍَٻِيءَ ۾ ڍيرُ ٿِيين.
    22
    ڪَؤّنرَ پاڙُون پاتارِ ۾، ڀَؤنّرُ ڀِري آڪاسِ،
    ٻِنِهِي سَندِي ڳالِهڙِي، رازِقَ آندِي راس،
    تنهن عِشقَ کي شاباسِ، جنهن مَحَبتِي ميڙِيا.
    23
    ڪَؤنرَ پاڙُون پاتارِ ۾، ڀؤنرُ ڀِري ۾ سُڃَ،
    ٻِنهي سَندِي ڳالهڙِي، عِشقَ اِيءُ اُهَڃَ،
    توءِ نه لَهينِ اُڃ، جي پِيئو پِيئَنِ پاڻَ ۾.
    24
    ڪَنڌِيَنِ ۾ ڪوهُه ڪَرِيين؟ گَسنِ ۾ مَ گُذارِ،
    وَڃِي وَحدَت وِيءَ ۾، گُهتُون ڇَڏي گهارِ،
    شَرِيعَتَ جو سَرُ لَهِي، تَنُ تِئائِين تارِ،
    حَقِيقَتَ هَنجَنِ سين، طَرِيقَتَ تَنوارِ،
    25
    جيهَر لوڪُ جَهَپَ ڪَري، اوهيرَ اُڏامَنِ،
    پِٿُون جي پاتار جا، چيتارِيو چُڻَنِ،
    ڪوهُه ڪَندا کي تَنِ، پاڙِهيري پَهُه ڪَري؟
    26
    ماڻِڪَ چوڻو جَنِ جو، هَنجَ حُضُورِي سي،
    چِلُرَ ۾ چُهِنبَ هَڻِي، مَڇِي کِينِ نه اي،
    لوڪَ نه لَکِيا تي، جيلانهَن ڀوڻَنِ ٻَگَهنِ گَڏِيا.
    27
    هَنجَ مِڙوئِي هَنجَ، ميرو مَنجِهنِ ناهِه ڪو،
    جِتي رَهَنِ سَنجَهه، سو سَرُ ڪَنِ سُرَهو.
    28
    سَرَ اُهي ئي ساڳِيا، پَکِي ٻِيا ٻِيا،
    جَنِ لَمِيو لاتِيون ڏِنِيُون، سي ويچارا ويا،
    پاٽُوندَرَ پِيا، وَڃِي ڪينجَهرَ ڪَنڌِيين.
    29
    وِيا مورَ مَرِي، هَنجُ نَه رَهِيو هيڪَڙو،
    وَطَنُ ٿِيو وَرِي، ڪوڙَنِ ڪانيئَرنِ جو.
    30
    سُرَهو سَرُ وِڃائِيو، ڪُوڙَن ڪانيئَرنِ،
    رُٺا روهُه وَڃَنِ، ڪنهن هِيڻائِيءَ کان هَنجڙا.
    ڪارايل 2 مڪمل
    1
    سو پَکِي، سو پِڃِرو، سو سَرُ، سو ئِي هَنجُ،
    پيهِي جان پَرُوڙِيو، مُون پنهنجو مَنجُهه،
    ڏِيلَ جنهن جو ڏَنجُهه، سو مارِي ٿو مَنجَهه ڦِري.
    2
    ڪارايَل جِي ڪوڏَ، مُون ڪِينجُهرُ سَڀِ نِهارِيو،
    وَرِي واهيري نَه وَرِيا، لَلا لاکِيڻِيءَ لوڏَ،
    هِنئين جَنِين هوڏَ، سي هَنجڙا سڀِ هَلِي وِيا.
    3
    سَنَهان ڀانءِ مَ سَپَ، وِياءُ واسينگَنِ جا،
    جَنِين جِي جَهڙَپَ، هاٿِي هَنڌان ئِي نَه چُري.
    4
    سَنَهان ڀانءِ مَ سَپَ، سُڪا جَنِين پيٽَ،
    جنِين جِي جَهپيٽَ، جُنگَنِ کي جوکو ٿئي.
    5
    آسَڻَ جَنِ اَرِيجَ ۾، اُو ڪَڇَرَ وِهَه کَري،
    تَن جا منهن مَلَڪَنِ جِهَڙا، ٽِڪو تان نَه ٽري،
    جي اُنهِين ساڻُ اَڙي، تَه ڪانِهي جاءِ جَرِيءَ جِي.
    6
    آسَڻَ جَنِ اَرِيجَ ۾، تَنِ جي وِهَه وَرَنُ ٻِيو،
    تَنِ جو ڪَنڊو ئِي ڪَمُ ڪَري، جي مَٿِسَ پيرُ پِيو،
    پُرِيَنِئان آهي پَڌَرو، تَنِ نانگَنِ جو نِهو،
    ڪِلي ويلَ ڪِهو، جو سامُهُون ٿِئي سَپَنِ کي؟
    7
    ڪنهن ڪنهن ڪارِيءَ ذاتِ کي، مورَ بِه مَٽائِينِ،
    جي چَتُرا چَکِيا ڪَري، ته وَڳَ وَرائي ڏِينِ،
    ساٿَ سَمورا نِينِ، مَٺين ڀائي موٽِيا.
    8
    پِهِرِين ڪاري نانگ جِي، ڪو ڇِرِڪِيَلُ ڇيڙَ ڪَري،
    جي هَڻي ڏَنگُ ڏَسائِيو، تَه ويجهو تان نَه وَري،
    جيڪِي ٺُپِ مَري، جيڪِي سِڪي صِحَتَ کي.
    9
    کَپُرَ گاروڙِيَنِ سين، وَڏو وِڌوءِ ويرُ،
    نانگَ! نَه وِيندين نِڪِرِي تو ڏَرَ مَٿي پيرُ،
    هِيءُ تَنِين جو ڍيرُ، جَنِ جُهوناڳَڙهه جَلائِيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو