غار جا گمراھ قيدي، پاڇا ۽ سچائي

'تعارف' فورم ۾ ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو طرفان آندل موضوعَ ‏28 سيپٽمبر 2022۔

  1. ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو

    ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 مارچ 2022
    تحريرون:
    54
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    ڌنڌو:
    استاد (اسسٽنٽ پروفيسر، شعبو تعليم)
    ماڳ:
    سيوھڻ
    *غار جا گمراہ قيدي، پاڇا ۽ سچائي*
    پروفيسر ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو، سيوھڻ

    اسان جي سنڌي قوم ھن ايڪيهين صدي ۾ رھندي بہ نہ رڳو نظرياتي، ذھني ۽ تھذيبي طور تي ڪيتريون ئي صديون پوئتي آھي پر سماجي زندگيءَ ۾ پڻ اوترو ئي پوئتي پيل آھي. سماجي زندگي جي ترقي جا توڙي ھڪ فلاحي رياست جي قيام جا ڪجھ عام پيمانا ھي آھن: ھر ماڻھوءَ چاھي اھو ڪھڙي بہ مذھب، رنگ ۽ نسل سان تعلق رکندو ھجي، کي زندہ رھڻ جا برابر حق ميسر ھجن؛ ھر شھري کي روزگار، صحت، تعليم ۽ تفريح جا مناسب ۽ برابر حق حاصل ھجن؛ ھر شھري لاءِ مناسب رھائش، پيئڻ جو صاف پاڻي، کاڌخوراڪ، گندي پاڻيءَ جي نيڪال جا انتظام وغيرہ ميسر ھجن؛ ھر شھري جي جان، مال ۽ عزت جي حفاظت جا انتظام ميسر ھجن؛ ھر شھري کي پنھنجن فطري صلاحيتن جي نشونما جا ڀرپور ۽ ھڪ جيترا موقعا ميسر ھجن؛ ھر شھري کي پنھنجي عقيدي مطابق عبادت ڪرڻ جي آزادي ميسر ھجي؛ ھر شھري کي تقرير ۽ تحرير جي آزادي ميسر ھجي؛ھر شھري کي ڪنھن ٻئي شھري يا اداري طرفان ارادي يا غير ارادي طور ڇيھي يا نقصان پھچائڻ جي صورت ۾ ھڪجھڙو، غيرجانبدار ۽ تڪڙو انصاف ميسر ھجي؛ ترقي پائدار ھجڻ گھرجي يعني اھا ڪنھن بہ گروھ جي موجودہ فطري وسيلن لاءِ ايندڙ وقت ۾ تباھي جي قيمت تي نہ ھجي، وغيرہ.
    مٿيان حق، شيون، سھولتون ۽ نظام اسان جي سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن لاءِ يا تہ سندن عذاب بڻيل زندگيءَ ۾ سھڻا خواب رھيا آھن يا وري اھي انھن کي مرڻ کان پوءِ واري ڪنھن خيالي جنت جا مزا محسوس ٿيندا آھن.
    پاڪستان جي قيام کان وٺي ھڪ طاقتور ٽولي اسان جي ملڪ ، خاص طور سنڌ، سنڌ جي ماڻھن ۽ سنڌ جا وسيلن، کي يرغمال رکندا آيا آھن. ان طاقتور ٽولي ھٿ وٺي اھڙو سماجي نظام ٺاھڻ جي ڪوشش ڪئي آھي (ھينئر اھا ڪوشش ان ڌر کي پنھنجا گھربل نتيجا ڏئي رھي آھي) جنھن ۾ شعور ۽ معاشي ترقي پيدا ڪندڙ ادارن ۽ نظامن جي اھڙي ريت چيلھ ڀڃي وڃي جو اھي ڪيترن ئي ڏھاڪن تائين پنھنجن پيرن تي بيھي نہ سگھن، پر اھي دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ فقط نالي ماتر ادارن طور ڪم ڪندا ھجن. اھو ان ڪري ڪيو ويو آھي تہ جيئن عوام پيٽ گذر ۾ ڦاٿل رھي ۽ ٻي ڪنھن شي ۽ سھولت جو سوچي ئي نہ سگھي. ڏتڙيل عوام فقط زندہ رھڻ کي ئي غنيمت سمجھي. ھن وڏي ڪم لاءِ طاقتور ٽولي کي ھر ضلعي، شھر ۽ ڳوٺ ۾ ھيٺين سطح تائين ڀروسي وارن بي ضمير فرمانبردارن جي ضرورت پوندي آھي. اھا ضرورت ھڪ پاسي تہ وڪاميل پيرن، مرشدن، وڏيرن، سردارن ۽ ڀوتارن منجھان ڪجھ کي سندن ذاتي زندگي جي عيش عشرت جي سامان عيوض عوامي ۽ اجتماعي مفادن تان غير شعوري توڙي شعوري طور ھٿ کڻائي ۽ اليڪشنن ۾ چونڊرائي کين پنھنجن مفادن لاءِ استعمال ڪري پوري ڪئي ويندي آھي، تہ ٻئي پاسي وري پنھنجن ھم خيال ۽ بي ضمير اشرافيہ يا سي ايس پي آفيسرن پنھنجي ڄار ۾ سوگھو ڪيو ويندو آھي، ۽ ڪجھ اٽي ۾ لوڻ جيترن ايماندار آفيسرن کي انھن جي ايمانداري جي سزا طور مٿن نا ڪردہ گناھن جي پاداش ۾ مٿن انڪوائريون ڪرائي کين ميدان عمل تان ھٽائي انھن کان ڪلارڪي وارو ڪم ورتو ويندو آھي. اھو سڀ پنھنجي ذاتي ۽ ناڪاري مقصدن جي مسلسل آبياري جو ماحول جوڙڻ لاءِ ڪيو ويندو آھي تہ جيئن باضمير ماڻھو انھن ڪرتن ڌرتن ماڻھن کي خدا سمجھڻ لڳن ۽ خاموشي اختيار ڪن. ھن قسم جي بدعنواني جي ڪري عوام ۾ شعور جي آبياري روڪي ويندي آھي ۽ انھن کي پنھنجن حقن کان اڻواقف رکيو ويندو آھي، ايستائين جو اھي پيٽ گذر کي بہ حڪمران طبقي طرفان وڏو ٿورو سمجھڻ لڳندا آهن.
    ساڳي ريت ھڪ سوچيل سمجھيل چال تحت طاقتور ٽولي جي آشرواد سان انھن ڀوتارن ۽ سردارن طرفان ھڪ اھڙي سوچ جوڙي ويندي آھي جو پنجن سالن ۾ فقط چونڊن واري وقت ۾ انھن جو عوام جي تڏي تي ھلي اچڻ ۽ گذاري ويل وارثن ۽ مائٽن جي دعا گھرڻ ئي کين ووٽ جو حقدار ھجڻ جو ھٿ ٺوڪيو معيار ٺاھيو ويندو آھي. نتيجي ۾ بد عنوان سياستدان ۽ اشرافيہ طرفان عوام جي ٽيڪس جي اربين ۽ کربين روپين جي بجيٽن تي راتاھا ھڻڻ ۽ ان ۾ مسلسل خرد برد ڪرڻ جو سامان جوڙيو ويندو آھي.
    سچائي ۽ حقيقت متعلق سقراط طرفان پيش ڪيل اونداھي غار جي قيدين جو ھڪ خاڪو پيش ڪيو ويو ھو. مون کي ان خاڪي ۾ ۽ اسان جي ننڌڻڪي عوام جي حقيقي زندگي ۾ ڪافي ھڪجھڙائي نظر اچي ٿي. سقراط چوي ٿو تہ فرض ڪريو تہ ھڪ اونداھي غار ۾ ڪجھ قيدي اھڙي ريت قيد آھن جو اھي ھڪ ھنڌ ويٺل آھن ۽ غار جي فقط ھڪ پاسي واري ڀت ڏانھن ڏسي سگھن ٿا ۽ اھي قيدي ٻاھرين دنيا جي سڀني شين کان اڻواقف آھن. غار جي منھن وٽ ھڪ چاڙھي وارو رستو آھي جتان ڏينھن جي وقت سج جي روشني سڌي توڙي اڻسڌي اندر ايندي آھي. نتيجي ۾ ان غار جي منھن اڳيان گذرندڙ جانورن ۽ پکين جا پاڇا غار اندر قيد ٿيل قيدين جي سامھون واري ڀت تي ٺھندا آھن. اھي قيدي انھن پاڇن کي ڏسي ڏسي انھن متعلق پنھنجن ذھنن ۾ ڪھاڻيون، تصور ۽ نظريا گھڙيندا آھن. اھي ڏينھن رات ھڪ ٻئي سان فقط انھن پاڇن متعلق پيا بحث ڪندا آھن. نتيجي ۾ پاڇن متعلق بحث ۾ اھي ماھر بڻجي چڪا ھوندا آھن ۽ اھي انھن پاڇن کي ئي حقيقت يا سچائي پيا سمجھندا آھن. ڪافي وقت کان پوءِ انھن قيدين منجھان ھڪ قيدي ڪنھن طرح سان پنھنجن زنجيرن کان آزاد ٿي ويندو آھي ۽ اھو غار جي منھن وٽ پھچي ويندو آھي ۽ سج کي ڏسندو آھي. پھريان تہ ھن جون اکيون سج (سچائي) ڏسڻ تي خيريون ٿي وينديون آھن پر ڪجھ دير ۾ اھي سج ۽ شين جي پاڇن کي ڏسڻ جي قابل ٿي وينديون آھن. ھن کي حيرت لڳندي آھي جڏھن ڏسندو آھي تہ پاڇا تہ حقيقتون نہ آھن، ۽ نہ وري غار ۾ يقين جي حد تائين سئو سيڪڙو نام نھاد سچ سمجھيل حقيقتن جو اصل ٻاھرين دنيا جي حقيقتن ۽ شين سان ڪو تعلق آھي! غار وارين سچائين ۽ ٻاھرين دنيا جي سچائين ۾ زمين آسمان جو فرق ھوندو آھي. آزاد ٿيل قيدي ٻاھرين دنيا جي ماڻھن، شين، تصورن ۽ نظرين سکڻ ۾ غرق ٿي ويندو آھي. جڏھن ھن کي ٻاھرين دنيا جي سڀني معروضي سچائين جو پتو پئجي ويندو آھي تہ ھو پنھنجن قيدي دوستن کي حقيقتون ٻڌائڻ، سمجھائڻ ۽ انھن کي آزاد ڪرائڻ پنھنجو فرض سمجھندو آھي ۽ انھن ڏانھن وڃڻ جو فيصلو ڪندو آھي. غار ۾ پھچڻ کان پوءِ جڏھن ھو انھن کي چوندو آھي تہ پاڇا حقيقتون نہ آھن پر اھي ڪجھ شين ۽ جانورن جا عڪس آھن. ان تي ھن جا دوست ھن سان اختلاف رکندي وڙھي پوندا آھن ۽ چوندا آھن تہ ھو ھاڻي پاڇن سمجھڻ جي سگھ وڃائي چڪو آهي ۽ بھتر آھي تہ ھو ھاڻي پاڇن متعلق بحث ۾ حصو نہ وٺي. اھي قيدي ھن کي خبردار ڪندا آھن تہ جيڪڏھن سندن پاڇن بابت ڄاڻ کي ھن رد ڪيو ۽ غلط چيو تہ اھي ھن کي قتل ڪري ڇڏيندا.
    ھن غار جو تمثيلي مطلب اھو بيھي ٿو تہ ھن دنيا ۾ اسان سڀ ماڻھو ڪنھن نہ ڪنھن حساب سان اڻڄاڻائي ۽ جھالت جي غار جا قيدي آھيون. تنقيدي بحث مباحثو جھالت جي غار کان ٻاھر وٺي ويندڙ چاڙھي وارو ٿلھو يا رستو آھي. زنجيرن کي زنجيرون سمجھڻ شعور ۽ تعليم جو آغاز آھي جيڪا اسان ۾ انھن کي ٽوڙڻ جي ھمت پيدا ڪري ٿي. قيدين جو سندن پاڇن واري ڄاڻ کي چھٽيل ھجڻ اسان جي ذھنن ۾ پيدا ڪيل يا ٿيل ڪوڙا تصور ۽ نظريا آھن جن لاءِ اسان مخالف نظرئي واري کي صفحہ ھستي تان مٽائڻ جي حد تائين پڻ وڃي سگھندا آھيون. غار مان نڪرندڙ ۽ واپس ايندڙ شخص ھڪ فيلسوف يا اھو روشن خيال اڳواڻ آھي جيڪو پنھنجي جان جي پرواھ نہ ڪندي جھالت ۾ ڦاٿل ساٿين کي ڪڍڻ لاءِ پنھنجي پر آسائش زندگي مٿان تڪليف واري انقلاب کي ترجيح ڏئي ٿو.
    اسان جي سنڌ ۽ سنڌين جي صورتحال مٿئين غار واري تمثيل سان ٺھڪيل آھي پر فرق ايترو آھي جو اسان جا سياستدان ۽ اشرافيہ فقط پاڻ ذلت واري زندگي کان تہ نڪري آيا آھن ۽ سچائي جي سج جي روشني ۾ دنيا جھان جا علم حاصل ڪري پنھنجن زندگين کي جنت نظير بڻائي چڪا آھن، پر اھي جھالت جي انڌيري غار ۾ ڦاٿل پنھنجي غريب عوام کي ڪڍڻ لاءِ واپس تہ نہ ٿا اچن پر ٻئي ڪنھن کي بہ ان واپسي جي رستي تي ھلندو ڏسي ان کي صفحہ ھستي تان ئي ھٽائي ڇڏين ٿا. سچ چوندا آھن تہ جيستائين ھڪ قوم پنھنجي مدد پاڻ تحت نہ پتوڙيندي تيسيتائين خدا بہ ان قوم جي مدد نہ ڪندو آھي.
    موجودہ قيادت کان بغاوت، حقيقي ۽ ذھنن کي کوليندڙ تعليم، تنقيدي سوچ، صحتمند بحث مباحثا، گھڻ رخا مطالعا، ۽ باشعور ۽ سڄاڻ ماڻھن جي ٽولي ۾ شموليت اسان جي قوم کي جھالت جي غار مان ڪڍڻ جا وسيلا آھن.
    https://epaper.pahenjiakhbar.com/epaper/edition/604/pahenjiakhbar/page/4
     
    آخري ترميم: ‏28 سيپٽمبر 2022
  2. ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو

  3. ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو

    ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 مارچ 2022
    تحريرون:
    54
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    ڌنڌو:
    استاد (اسسٽنٽ پروفيسر، شعبو تعليم)
    ماڳ:
    سيوھڻ
    اسان جي سنڌ جو اھو الميو رھيو آھي تہ سچ کي اڪثر ڪري ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو آھي.
     
هن صفحي کي مشهور ڪريو