بجلي، جينيٽڪس ۽ موجودہ انقلابي اسلام

'تعارف' فورم ۾ ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو طرفان آندل موضوعَ ‏28 سيپٽمبر 2022۔

  1. ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو

    ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 مارچ 2022
    تحريرون:
    64
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    ڌنڌو:
    استاد (اسسٽنٽ پروفيسر، شعبو تعليم)
    ماڳ:
    سيوھڻ
    7. بجلي، جينيٽڪس ۽ موجوده انقلابي اسلام
    Sindhi version of “Electricity, Genetics and Radical Islam” (the last part of Chapter 07: The Humanist Revolution): from Prof. Dr. Yuval Noah Harari’s book “Homo Deus: A Brief History of Tomorrow” published by Vintage, Penguin Random House: London, 2016, pp. 312-323.
    (يووال نوح هراري جي ڪتاب “هومو ڊيئس: سڀاڻي جي مختصر تاريخ” مان باب 07 “انسانيت پسندي جو انقلاب” جي آخري حصي جو سنڌي ترجمو)

    ترجمو ڪندڙ: ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو، اسسٽنٽ پروفيسر (تعليم)،
    گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج سيوهڻ، ضلع ڄامشورو، سنڌ.
    دنيا هن وقت (هن ڪتاب لکجڻ يعني 2016) تائين آزاد خيالي يا لبرَلِزم جي بنيادي تصورن جهڙوڪ انفراديت، انساني حقن، جھموريت ۽ آزاد مارڪيٽ جي مقابلي ۾ ڪوبه سنجيده متبادل تصور يا نظريو پيش نه ڪري سگھي آهي. [واضع رهي ته مغرب ۾ ڦٽندڙ آزاد خيالي صدين جي مسافت کان پوءِ هڪ نئين مذهب “انسان پسنديت” (هيومينزم) کي جنم ڏنو آهي جيڪو دنيا ۾ ڏينهون ڏينهن تمام تيزي سان پکڙجي رهيو آهي. اسان جيڪڏهن هن مذهب جو نچوڙ دنيا جي اهم ترين پنجن نظامن کي سمجھڻ جي حوالي سان ٻڌائڻ چاهيون ته اهو ڪجھ هن ريت هوندو:
    انسان پسنديت سياست: هڪ ووٽر ئي سڀ ڪجھ ڄاڻي ٿو.
    انسان پسنديت معيشت: هڪ گراهڪ ئي هميشه صحيح هوندو آهي.
    انسان پسنديت جماليات: خوبصورتي ڏسڻ واري جي اَکِ ۾ هوندي آهي.
    انسان پسنديت اخلاقيات: جيڪڏهن ڪجھ ڪرڻ ۾ توهان کي سٺو محسوس ٿئي تو ته اهو ڪم ڀلي ڪريو.
    انسان پسنديت تعليم: پنهنجو پاڻ سوچيو.]
    ياد رهي ته 2011ع ۾ جن عوامي احتجاجن اولهه جي دنيا کي ڌُوڻي ڇڏيو هو، مثال طور “وال اسٽريٽ تي قبضو ڪريو” وارا احتجاج يا وري اسپين جي “15-M” تحريڪ وغيره، اهي اصل ۾ جھموريت، انفراديت ۽ انساني حقن توڙي آزاد مارڪيٽ يا آزاد معيشت جي بنيادي تصورات جي خلاف نه هئا، پر اهي احتجاج ان جي بلڪل برعڪس هئا. ڇو ته اولهه جي مڇريل عوام آزاد خيالي جي آدرشن جي ڀڃڪڙي لاءِ پنهنجن حڪومتن کي ڏنڊو پئي ڏنو. انهن جو مطالبو هو ته مارڪيٽ کي حقيقي طرح سان آزاد ڇڏيو وڃي نه ڪِي ان کي وڏين وڏين ڪارپوريشنن ۽ بينڪن وسيلي قابو يا استعمال ڪجي، ڇو ته ان سان مارڪيٽون عوام جي خريد ۽ فروخت يا طلب ۽ رسد جي اثرات کان لا تعلق ٿي وينديون ۽ مڪمل طرح انهن وڏين تنظيمن جي اثر هيٺ اچي وينديون؛ انهن جو ٻيو مطالبو هو ته سياسي ادارا عوام جي صحيح نمائندگي ڪندڙ ۽ انهن جي خدمت ڪندڙ هجڻ گھرجن نه ڪِي اهي طاقتور ۽ شاهوڪار طبقن جي مفادن لاءِ استعمال ٿيندڙ هجن. مٿيان احتجاج توڙي اسٽاڪ ايڪسچينج ۽ پارليامينٽ جي ايوانن ۾ ٿيندڙ سخت ترين تنقيد پڻ دنيا کي آزاد خيالي جي مقابلي ۾ ڪو بهتر متبادل نظام يا نظريو ڏئي نه سگھيا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته اولهه جا دانشور توڙي سماجي اڳواڻ آزاد خيالي جي وار جي کَلَ لاهڻ جي پٺيان پيل رهيا آهن، پر ان جي باوجود اهي سڀ ڳالهيون اڄ تائين ڪا بهتر شي ڏئي نه سگھيون آهن.
    مغربي سماجي مذاحمتي ٽولن کان ته چين وڌيڪ ڳَنڀير حد تائين للڪاريندڙ پيو محسوس ٿئي، ڇو ته ان هڪ پاسي ته پنهنجي سياست ۽ معيشت کي آزاد خيال نظرين سان هم آهنگ ڪيو آهي، پر ٻئي پاسي وري ان ۾ نه ته حقيقي جھموريت آهي ۽ نه وري ڪا آزاد مارڪيٽ ئي آهي. اهي خاصيتون هن کي ايڪيهين صدي جو سڀ کان وڏو معاشي ديوُ بڻجڻ کان روڪي نه ٿيون سگھن. ان جي باوجود هي معاشي ديوُ دنيا ۾ نظرياتي طور ڪا خاص اهميت نه ٿو رکي. اسان منجھان ڪنهن کي به خبر نه آهي ته چيني ماڻهو زندگيءَ متعلق ڪهڙو عقيدو رکن ٿا، ايسيتائين جو خود انهن کي پڻ اهڙي ڄاڻ نه آهي. اسان مان گھڻن جي مطابق چين اڃان تائين اشتراڪي يا ڪميونسٽ آهي پر عملي طور اهڙي ڪا به شي انهن ۾ نه آهي. ڪجھ چيني مفڪر ۽ اڳواڻ نام نهاد طور تي پاڻ کي ڪنفيوشنزم (مذهب) سان جوڙين ٿا پر اهو رايو ايترو عام نه آهي. هن قسم جو نظرياتي خلا چين کي سليڪان وادي مان ڦٽندڙ نين ٽيڪنالاجين سان لاڳاپيل مذهبن يا نظرين جي نشونما لاءِ هڪ زرخيز زمين بڻايو بيٺو آهي. جديد قسم جي ٽيڪنالاجي سان سلهاڙيل مذهبن، جيڪي دنيا جي حڪمران ٽولي کي لا فاني سُپر هِيومن يا سُپر انسان بڻائڻ ۽ انهن لاءِ ڌرتي تي ئي جنت جوڙڻ جهڙن تصورن تي ٻڌل آهن، کي پير پختا ڪرڻ ۾ گھٽ ۾ گھٽ هڪ يا ٻه ڏهاڪا گھربل هوندا. انڪري موجوده وقت ۾ چين آزاد خيالي جي رد ۾ يا سندس متبادل طور ڪو ٺوس نظريو پيش نه ڪري سگھيو آهي.
    پوءِ ڀلا انقلابي يا موجوده اسلام جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟ يا بنياد پرست مذهبن جهڙوڪ عيسائيت، يهوديت يا هندوازم جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟ جتي چينين کي پنهنجي عقيدي جي خبر نه آهي، اتي مذهبي بنياد پرستن کي وري سندن مذهب بابت اونهي ڄاڻ آهي. ان مان ته ايئن ٿو لڳي ته جرمن فلاسافر نٽشي (Freidrich Nietzsche) جي اعلان ته خدا مري چڪو آهي جي هڪ صدي کان پوءِ ڄڻ خدا جو ٻيهر ظهور ٿيو هجي، پر حقيقت ايئن نه آهي، اهو هڪ سراب آهي. ليکڪ هراري مطابق خدا جو وجود باقي نه رهيو آهي ۽ اهو فقط ايئن آهي ڄڻ خدا ڪجهه ئي دير ۾ انسانيت جي جسم کي ڇڏڻ وارو آهي. انقلابي اسلام آزاد خيالي جي تصورن جي مقابلي ۾ ڪو خاص خطرو نه ٿو لڳي ڇو ته ان مذهب جا پوئلڳ چاهيندي به ايڪيهِين صدي جي دنيا کي نه ٿا سمجهي سگھن ۽ انهن وٽ ايندڙ وقت جي ٽيڪنالاجي سان لاڳاپيل نون خطرن ۽ موقعن بابت چوڻ لاءِ ڪجھ به نه آهي.
    مذهب ۽ ٽيڪنالاجي هميشه نازڪ ٽينگو رقص ۾ رُڌل رهيا آهن. اهي نه رڳو هڪ ٻئي کي پوئتي ڌڪيندا رهيا آهن پر ان سان گڏ اهي هڪ ٻئي تي انحصار به ڪندا رهيا آهن ۽ هڪ ٻئي کان گھڻو پري نه رهي سگھيا آهن. ٽيڪنالاجي گھڻو تڻو مذهب تي انحصار ڪندي رهي آهي ڇو ته هر هڪ ايجاد ڪيترن ئي شعبن ۾ پنهنجا ڳُوڙها اثرات مرتب ڪندي آهي. ان ڪري انجينيئرن کي اهم فيصلن ڪرڻ لاءِ ۽ پنهنجن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن مذهبي پيغمبر يا نبيءَ جي ضرورت پوندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو اوڻيهين صدي جا انجينيئر ۽ سائنسدان ريل گاڏيون، ريڊيا، تيل تي هلندڙ خودڪار انجڻيون ۽ موٽر ڪارون ايجاد ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگھيا. پر وِيهين صدي وري اهو ثابت ڪيو ته توهان مٿيون ايجادون جابر سماجن، اشتراڪي (ڪميونسٽ) بادشاهتن، توڙي آزاد خيال جھموريتن جوڙڻ لاءِ پڻ استعمال ڪري سگھو ٿا. مذهبي آشرواد کان سواءِ خودڪار گاڏيون ۽ اِنجِڻيون اهو فيصلو نه ٿيون ڪري سگھن ته کين ڪيڏانهن وڃڻو آهي.
    ٻئي پاسي ٽيڪنالاجي اڪثر ڪري مذهبي تصور جي دائره ڪار ۽ حدبندين جو تعين ڪري ٿي. اهو بلڪل ايئن آهي جيئن هوٽل تي هڪ بيرو اسان جي بک جي اشتها ۽ خواهش جو تعين اسان کي هوٽل ۾ موجود کاڌن جو ڪتابچو (مينيو) پيش ڪرڻ وسيلي ڪندو آهي. جيئن ته نيون ٽيڪنالاجيون پراڻن خدائن کي قتل ڪري نون خدائن کي جنم ڏين ٿيون، انڪري اهو ئي سبب آهي ته زرعي دور جا ديويون / ديوتا پراڻي دور جي خانه بدوش شڪاري ماڻهن جي اڻڏٺل روحن ۽ غيبي طاقتن کان مختلف هئا. ساڳئي طرح سان ايڪيهين صدي جون انقلابي ٽيڪنالاجيون (انفارميشن ۽ بايو ٽيڪنالاجي انقلابن جو سنگم) گھڻو ممڪن آهي ته وچئين دور جي عقيدن کي هٿي ڏيارڻ جي بدران ڪجھ نون مذهبن ۽ عقيدن جي آبياري ڪن، جن جو ماضي ۾ مثال ملڻ ناممڪن هجي. هتي اسلامي دنيا جا بنياد پرست وري اهو منتر دُهرائي سگھن ٿا ته اسلام ئي هر مسئلي جو حل آهي. پر ياد رهي ته اهي مذهب جيڪي پنهنجو پاڻ کي جديد ٽيڪنالاجين کان لاتعلق ڪري ڇڏيندا آهن، اهي ايتري حد تائين پَست ٿي ويندا آهن جو اهي سوال پڇندڙن جي سوالن کي سمجھڻ جي صلاحيت به وڃائي ويهندا آهن. مثال طور:
    ان وقت اسان لاءِ نوڪرين جو ڇا ٿيندو جڏهن سوچ ۽ سمجھ وارن ڪمن لاءِ ادارن ۾ انسانن بدران هٿراڌو ذهانت تي هلندڙ روبوٽن کي ترجيح ڏني ويندي؟
    ان وقت ڪروڙن جي تعداد ۾ جديد ٽيڪنالاجين کان اڻ واقف ۽ بيڪار ماڻهن جي وڏي ٽولي جو انساني سماج ۽ سياست تي ڪهڙو اثر پوندو؟
    ان وقت هاڻوڪي خانداني نظام، انساني رشتن ۽ پينشن فنڊ جو ڇا ٿيندو جڏهن بايو ۽ نينو ٽيڪنالاجي وسيلي جسماني ڀڃ ڊاهه کي روڪڻ ۽ جوانيءَ جي عرصي کي ڊگھو ڪرڻ ممڪن بڻجي ويندو ۽ ماڻهن لاءِ عمر جا 80 سال اڄ ڪلهه جي 50 سالن جهڙا بڻجي ويندا؟
    ان وقت انساني معاشري جو ڇا ٿيندو جڏهن بايو ٽيڪنالاجي وسيلي اسان پنهنجي پسند مطابق گھربل جسماني ۽ ذهني خوبين ۽ خوبصورتي وارا ٻار پيدا ڪرڻ جي قابل ٿي وينداسين؟
    ان وقت ڇا ٿيندو جڏهن شاهوڪار ۽ غريب طبقن (لا فاني سپر انسانن ۽ اسان پارن عام يا بيڪار انسانن) جي وچ ۾ ايڏو وڏو فرق پيدا ٿي پوندو جنهن جو مثال ماضي جي تاريخ ۾ نه ملي سگھندو؟
    توهان انهن مان ڪنهن به سوال جو جواب قرآن يا شريعت، انجيل مقدس توڙي چين جي ڏاهي ڪنفيوشيس جي ڪتاب (Confucian Analects) ۾ ڳولي نه سگھندوء. اهو بلڪل ايئن آهي جيئن تاريخ جي وچئين دور ۾ اوڀر يا قديم چين ۾ ڪنهن کي به ڪمپيوٽرن، جينيٽڪس ۽ نينو ٽيڪنالاجي جي باري ۾ گھڻو ڄاڻ نه هئي. موجوده انقلابي اسلام دنيا جي ٽيڪنالاجي وارن توڙي معاشي طوفانن ۾ پنهنجي عقيدي تي ثابت قدمي جي جهاز جو لنگر ته بڻجي سگھي ٿو، پر ان لنگر ۾ اها طاقت نه هوندي جو اها جهاز جي رخ کي تبديل ڪري سگھي، ڇو ته ان لاءِ اسان کي لَنگر جي نه پر صحيح نقشي ۽ جهاز جي پٽوار (rudder جهاز کي موڙڻ جِي پَٽِي يا اوزار) جي ضرورت پوندي. انڪري انقلابي يا موجوده اسلام فقط انهن ماڻهن کي ئي متاثر ڪري سگھي ٿو جيڪي ان جي اصولن يا ان ئي ثقافت ۾ وڌي وڏا ٿيا هجن، پر يقينن انهن وٽ اسپين جي بيروزگار نوجوانن يا ترقيءَ لاءِ واجھائيندڙ چيني کَرَب پَتِي ماڻهن کي ڏيڻ جي لاءِ ڪجھ به نه آهي.
    اهو سچ آهي ته ڪروڙين ماڻهو ايندڙ وقت ۾ به اسلام، عيسائيت يا هندومت جي مذهبن جا پيروڪار رهندا، پر تاريخ ۾ ماڻهن جو تعداد اهم نه رهيو آهي. تاريخ جو رُخ اڪثر ڪري ماضيءَ ۾ جيئندڙ عوام جي وڏي ٽولي نه پر اڳتي ڏسندر دُورانديش ننڍڙن ٽولن ئي موڙيو آهي. ڏهه هزار سال اڳ دنيا ۾ اڪثر ماڻهو خانه بدوش شڪاري هئا ۽ وچ اوڀر ۾ تمام ٿورڙا ماڻهو هاري هئا جيڪي زراعت جا موجد هئا، پر تاريخ اڳتي هلي اهو ثابت ڪيو ته دنيا جو مستقبل هارين تبديل ڪري ڇڏيو هو. 1850ع ۾ دنيا جي ماڻهن جي 90 سيڪڙو آبادي هارين تي مشتمل هئي ۽ اهي گنگا، نيل ۽ يينگ زِي ندين ڪناري ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ آباد هئا؛ ۽ ساڳي ريت ان وقت ڪنهن به ماڻهوءَ کي ٻاڦ تي هلندڙ انجڻين، ريل جي رستن ۽ ٽيلي گراف تارن جي ڪابه ڄاڻ نه هئي. پر انهن جي تقدير مانچيسٽر ۽ بَرمِنگھٽن واسِي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن انجينيئرن، سياستدانن ۽ سرمائيدارن جي هٿن سان لکجي چڪي هئي. انهن جي ڪري دنيا ۾ صنعتي انقلاب برپا ٿيو. ٻاڦ تي هلندڙ ريل گاڏين، ريل جي رستن ۽ ٽيليگرافن دنيا جي کاڌي، ڪپڙي، گاڏين ۽ هٿيارن جي پيداوار ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو. ان انقلاب موٽَ ۾ پنهنجي بنيادي سماجي ڍانچي يعني روايتي زراعت سان لاڳاپيل معاشرن کي پڻ يَڪسِر تبديل ڪري ۽ مِٽائي ڇڏيو.
    جڏهن صنعتي انقلاب دنيا ۾ پکڙجي ويو ۽ اهو گنگا ۽ يينگ زِي ندين وارن علائقن تائين پهتو تڏهن به اتان جي اڪثر آبادي جو عقيدو ۽ يقين سندن مذهبي ڪتابن جهڙوڪ ويدن، انجيل، قرآن ۽ ڪنفيوشيس جي اناليڪٽس ڪتابن تي، ان وقت جي ٻاڦ جي انجڻين جي ڀيٽ ۾، وڌيڪ پختو رهيو. ساڳي ريت اوڻيهين صدي ۾ پڻ اهڙن مذهبي پادرين، صوفين ۽ گُروئن جي ڪمي نه هئي جيڪي اهو سمجھندا هئا ته انهن وٽ انسانذات جي سڀني ڏکن ايسيتائين جو صنعتي انقلاب جي برپا ڪيل مسئلن جو حل هڪيو تڪيو موجود هو. مثال طور، 1820ع کان 1880ع جي ڏهاڪن دوران برطانيا جي آشرواد سان مصر جڏهن سوڊان کي فتح ڪيو ۽ اتي جي مَتروڪه نظام کي جديد بڻائڻ ۽ اتي بين الاقوامي واپار جا نوان طريقا متعارف ڪرايا ته ان ڳالهه روايتي سوڊاني معاشري کي لوڏي ڇڏيو. ان جي نتيجي ۾ اتي ماڻهن ۾ وڏي پيماني تي نفرتن ۽ بغاوتن جنم ورتو. ايتري حد تائين جو 1981ع ۾ هڪ مقامي مذهبي اڳواڻ محمد احمد بن عبدالله اهو اعلان ڪيو ته هو امام مهدي هو ۽ سندس کي ڌرتيءَ تي خدا طرفان موڪليو ويو هو. هن جي ان اعلان تي مقامي ماڻهن لبيڪ چئي مصر ۽ انگريز فوج کي شڪست ڏني ۽ برطانيه جي فوجي ڪمانڊر جنرل چارلس جارڊن جو سِر قلم ڪري برطانيا جي راڻي کي صدمي ۾ وجھي ڇڏيو. نتيجي ۾ انهن پنهنجي ملڪ سوڊان ۾ اسلامي قانون ۽ شيعا شريعت نافذ ڪري ڇڏي، جيڪا 1898ع تائين جاري رهي.
    انهيءَ عرصي دوران هندوستان ۾ ديانندا سَرَسوَتِي هندومت مذهب ۾ ٻيهر جان وجھڻ ۽ جيارڻ جي تحريڪ جو آغاز ڪيو، جيڪا ان بنيادي اصول تي ٻڌل هئي ته :“پاڪ ڪتاب ويد ڪڏهن به غلط نه ٿا ٿي سگھن”. 1875ع ۾ هن آريا سماج جو بنياد وڌو جنهن جو بنيادي مقصد پڻ ويداني علم جي تشهِير هو. جيڪڏهن سچي ڳالهه ڪجي ته ديانندا سرسوتي اڪثر ڪري ويدن جي حيرت انگيز طور تي آزاد خيالي سان ٺهڪندڙ تشريح ڪندي هئي؛ مثال طور، هوءَ ان وقت به عورتن جي هڪ جهڙن حقن جي حمايت ڪندي هئي جڏهن اولهه جي ملڪن ۾ عورتن جي حقن جي ڳالهه ايتري مشهور نه هئي.
    پوپ پايس نائون جيڪو ديانندا سرَسوَتِي جو هم عصر هو، اهو وري عورتن جي باري ۾ روايتي تنگ نظري وارا خيال رکندڙ هو. پر هو سرَسوَتِي سان هن ڳالهه تي متفق هو ته انسان کان مٿاهين هڪ آفاقي قوت ئي دنيا کي هلائيندڙ آهي. هن ڪيٿولڪ عيسائين جي نظرئي ۾ سڌارن جو هڪ سلسلو برپا ڪيو ۽ هڪ اڻ ڇهيل ۽ نئون قانون متعارف ڪرايو، جنهن مطابق عيسائي پوپ مذهبي عقيدن جي معاملي ۾ ڪڏهن به خطا نه ٿو ڪري سگھي (وچئين دور جو هي تصور 1870ع جي ڪيٿولڪ عيسائين کي ان وقت به متحد ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو جڏهن ته ان کان 11 سال اڳ ئي چارلس ڊارون پنهنجو جڳ مشهور ڪتاب “آن دي اوريجن آف اسپيشيز” يا جاندارن جي ارتقا ڇپائي چڪو هو).
    مٿئين قانون ته عيسائي پوپ ڪڏهن به خطا يا غلطي نه ٿو ڪري سگھي، کان 30 سال اڳ چيني ڏاهي هانگ زيڪئان پڻ اهڙي قسم جا تصور پيش ڪيا هئا. هن مطابق هو پاڻ ڪو ٻيو نه هو پر يسوع مسيح يعني حضرت عيسي جو ننڍو ڀاءُ هو ۽ خدا هن کي هڪ خاص الهامي مقصد لاءِ موڪليو هو. اهو مقصد هي هو ته هُو 17 صدي کان وٺي چين ۾ قائم مِنچُو چِنگ جي بادشاهت ۽ سندس شيطاني حڪمراني کي تڙي ختم ڪري ۽ ڌرتيءَ تي هڪ عظيم پر امن جنت “تائيپنگ تيانگو” قائم ڪري سگھي. هانگ جي هن پيغام انهن لکين واجھائيندڙ چيني ماڻهن کي موهي وڌو جيڪي اڳ ۾ ئي چين ۽ برطانيه جي وچ ۾ لڳندڙ آفيمي جنگين [برطانيه جي ايسٽ انڊيا ڪمپني وسيلي هندوستان مان چين ڏانهن آفيم جي غير قانوني اسمگلنگ شروع ڪئي وئي جنهن سان برطانيه ڪافي سارو پرڏيهي ناڻو ڪمائيندو رهيو. بعد ۾ چين تي اهو دٻاءُ وڌو ويو ته اهو آفيم جي هلندڙ واپار لاءِ قانوني طرح نرمي ۽ اجازت فراهم ڪري. چين جي مذاحمت جي ڪري چين ۽ برطانيا جي وچ ۾ ٻه آفيمي جنگيون لڳيون جيڪي چينين ٽيڪنالاجي ۾ پوئتي هجڻ ڪري هارايون ۽ نتيجي ۾ چيني قوم هڪ نشائي قوم بڻجي وئي]، جديد صنعتي انقلاب ۽ يورپي بادشاهت جي تسلط کان بيزار ٿي چڪا هئا. اها الڳ ڳالهه آهي ته هانگ پنهنجي عوام کي هڪ عظيم پُر امن جنت ڏانهن وٺي نه وڃي سگھيو پر هن پنهنجي توپن جو رخ پنهنجي چيني منچو چنگ جي بادشاهت ڏانهن ڪري ڇڏيو ۽ “تائيپنگ بغاوت” جو آغاز ڪيو جيڪا اوڻيهين صدي جي هڪ خونخوار جنگ بڻجي وئي. اها جنگ 1850ع کان 1864ع تائين جاري رهي ۽ ان ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٻه ڪروڙ ماڻهو مارجي ويا. قتل ٿيل ماڻهن جو اهو تعداد نيپولين توڙي آمريڪا جي خانه جنگي ۾ مري ويلن جي تعداد کان وڌيڪ هو.
    جيتوڻيڪ صنعتي فيڪٽرين، ريل جي نظام ۽ ٻاڦ تي هلندڙ بحري جهازن جي زماني ۾ پڻ ڪروڙين ماڻهو هانگ، سرسوتي، پايس ۽ مهدي جي مذهبي عقيدن ۽ خيالن کي چمبڙيل رهيا، پر اسان اوڻيهين صدي کي مذهبي عقيدي جي صدي نه ٿا چئي سگھون. اسان جڏهن اوڻيهين صدي جي دُورانديش دانشورن جي ڳالهه ڪنداسين ته اسان جي ذهنن ۾ مارڪس، اينجل ۽ لينن جا نالا اڀرندا، پر مهدي، پايس نائون يا هانگ زيڪئان نه ايندا. ۽ حقيقت پڻ اها ئي آهي. جيتوڻيڪ 1850ع ۾ اشتراڪيت يا ڪميونزم هڪ ننڍڙي تحريڪ هئي پر اها تيزي سان وڌندي رهي ۽ چين ۽ سوڊان جي مذهبي مسيحائن جي ڀيٽ ۾ ان دنيا کي تمام ٿورڙي وقت ۾ يَڪسِر تبديل ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن توهان قومي ۽ ملڪي سطح تي صحت، پينشن ۽ مفت تعليمي سهولتن جي اهميت ۽ فروغ جي ڳالهه ڪندوء ته توهان هانگ زي ڪئان ۽ سوڊان جي مهدي کي نه پر مارڪس، لينن ۽ اوٽو وون بسمارڪ جهڙن دانشورن جي خدمتن کي واکاڻڻ تي مجبور ٿي ويندوء.
    هانگ ۽ مهدي ناڪام ڇو ٿيا جڏهن ته مارڪس ۽ لينن ڪامياب ڇو ٿيا؟ اهو ڪو ان ڪري نه ٿيو جو اشتراڪيت جو فلسفو اسلامي يا عيسائي مذهبي فلسفي کان وڌيڪ اونهو ۽ بهتر هو. پر اهو ان ڪري ٿيو جو مارڪس ۽ لينن پنهنجي دور جي ٽيڪنالاجي ۽ معاشي زميني حقيقتن جي سمجھڻ کي قديم مذهبي ڪتابن ۽ پيغمبري خوابن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ توجھ ۽ ترجيح ڏني؛ صنعتي دور جي نئين پيدا ٿيل طبقي (شهري مزدور طبقي) جي تجربن ۽ مشاهدن، ضرورتن ۽ اميدن جي موٽ ۾ مارڪس ۽ لينن انهن ڳالهين تي وڌيڪ غور ڪيو ته ٻاڦ واري انجڻ ڪيئن ٿي ڪم ڪري، ڪوئلن جي کاڻين ۾ ڇا ٿو ٿئي، ريل جا رستا معيشت تي ڪيئن ٿا اثر انداز ٿين، ۽ بجلي اسان جي سياست تي ڪيئن ٿي اثر انداز ٿئي.
    لينن کي هڪ دفعي ڪنهن چيو ته هُو اشتراڪيت يا ڪميونزم کي هڪ جملي ۾ بيان ڪري، ته هن چيو: “اشتراڪيت مزدور يونين جي سگھ ۽ سڄي ملڪ ۾ بجلي پهچائڻ جو نالو آهي”، ڇو ته ان وقت بجلي، ريلوي نظام ۽ ريڊيو کان سواءِ اشتراڪيت جو ڪو به تصور جڙي نه پيو سگھي. توهان 16 صدي دوران روس ۾ ڪميونزم قائم نه ڪري سگھو ها، ڇو ته توهان ان وقت علم ۽ مادِي وسيلن کي هڪ جڳهه تي ذخيرو ڪرڻ جي قابل نه هجو ها. “هر هڪ ماڻهوءَ منجھان سندس صلاحيت جي مطابق ۽ هر هڪ ماڻهوءَ ڏانهن سندس ضرورت مطابق” ڪمن ۽ شين جي ڏي وٺ تڏهن ئي ممڪن ٿي سگھي ٿي جڏهن اُپت کي ڏُورانهن مفاصلن ۽ هنڌن تائين رسائي سگھجي، ۽ جڏهن قومي توڙي بين الاقوامي سطح تائين ماڻهن جي سرگرمين تي نه رڳو نظر رکي سگھجي پر انهن کي مربوط ڪري متعين مقصد لاءِ آساني سان استعمال ڪري سگھجي.
    مارڪس ۽ سندس پوئلڳ ٽيڪنالاجي سان لاڳاپيل نين حقيقتن ۽ نين انساني وسيلن بابت ڀلي ڀت ڄاڻي چڪا هئا، ان ڪري انهن وٽ نه رڳو صنعتي معاشري جي نون مسئلن جا حل ۽ جواب موجود هئا پر نئين صورتحال ۾ اڻ ڏٺل ۽ اڻ ڇهيل لِڪل موتين ڳولڻ ۽ انهن مان فائدو وٺڻ جي بصيرت پڻ هئي. انهن اشتراڪين نئين بهادر دنيا لاءِ نئون بهادر مذهب تخليق ڪري ورتو هو. انهن ٽيڪنالاجي ۽ معاشيات وسيلي انسانن کي نجات جو رستو ڏيکاريو جنهن سان تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٽيڪنالاجي کي بطور نئين مذهب يا نظرئي طور متعارف ڪرايو ۽ ماضي جي اڻ ڏٺل خدائن جي بتن کي ڪيرايو. مارڪس کان پهريان ماڻهو خدا بابت تصورن جي بنياد تي مختلف مذهبن ۾ ورهايل هئا ۽ ان دور ۾ اپت ۽ مصنوعات جي پيداوار جي طريقن جي ڪا خاص سماجي اهميت نه هئي. پر مارڪس کان پوءِ دنيا ۾ ٽيڪنالاجي ۽ معيشت کي روح ۽ آخرت واري زندگيءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اهميت ملڻ لڳي ۽ اهڙا بحث مباحثا ٿيڻ لڳا. 20 صدي جي ٻئي اڌ ۾ تقريبن سموري انسانذات پيداواري اُپت ۽ طريقن ڳولڻ ۾ غرق ٿي وئي. ايسيتائين جو مارڪس ۽ لينن تي تنقيد ڪندڙ خود، خدا ۽ بهشت جي ڀيٽ ۾ ٽيڪنالاجي ۽ پيداواري صلاحيت ۽ اپت بابت وڌيڪ غور ۽ فڪر ڪرڻ ۾ لڳي ويا.
    اوڻيهين صدي جي وچ ڌاري تمام ٿورا ماڻهو مارڪس وانگر دُور انديش هئا، تنهنڪري فقط ڪجھ ملڪ صنعتي ترقي جي رستي تي گامزن ٿيا ۽ انهن ئي ٿورڙن ملڪن دنيا کي فتح ڪيو. اڪثر ملڪن ۽ معاشرن کي اهو سمجھ ۾ ئي نه پئي آيو ته ڇا ٿي رهيو هو، ان ڪري اهي اتي ئي رهجي ويا ۽ ترقيءَ جي ريل گاڏي ۾ سوار ٿي نه سگھيا. ديانندا سرسوتي جو هندوستان ۽ مهدي جو سوڊان پنهنجن پنهنجن خدائن تائين محدود رهيا. انهن مٿان، ٻاڦ تي هلندڙ انجڻين ۽ صنعتي مشينن کان اڻ ڄاڻائي جي ڪري، صنعت ۾ ترقي ڪندڙ برطانيا جي طرفان نه رڳو قبضو ڪيو ويو، پر انهن جو استحصال ڪري انهن کي پنهنجي ناپاڪ مقصدن لاءِ استعمال پڻ ڪيو ويو. گذريل ڪجھ سالن کان وٺي هندوستان اَکِ پٽِي آهي ۽ انهن برطانيا ۽ سندن وچ ۾ معاشي ۽ سياسي خلا ڀرڻ لاءِ سٺي اڳڀرائي ڪئي آهي، جڏهن ته سُوڊان اڃان تائين غفلت جي ننڊ ۾ ستو پيو آهي ۽ معاشي ترقيءَ ۾ تمام پوئتي آهي.
    ايڪيهِين صدي جي منڍ ۾ ترقي جي ريل گاڏي هڪ دفعو وري ”انساني تاريخ“ جي اسٽيشن کان ترقيءَ جي نين منزلن ڏانهن نڪري رهي آهي، ۽ اها شايد انساني تاريخ جي آخري ريل گاڏي آهي جيڪا انسانن جي اسٽيشن کي ڇڏي رهي آهي. جن ماڻهن يا قومن کان هي ريل گاڏي ڇُٽِي ويندي انهن کي هن تي چڙهڻ جو ٻيو موقعو ڪڏهن به نه ملندو. هن ريل گاڏي ۾ پنهنجي سِيٽ مخصوص ۽ محفوظ ڪرائڻ لاءِ اهو لازمي آهي ته توهان ايڪيهين صدي جي ٽيڪنالاجي کي سمجھڻ جي قابل هجو، خاص طور تي توهان ۾ بايو ٽيڪنالاجي ۽ ڪمپيوٽر الگورٿمز جي بي پناه طاقتن کي سمجھڻ جي صلاحيت موجود هجي. اهي طاقتون ريل گاڏين، موٽر ڪارن، هوائي جهازن ۽ ٽيلي گرافن کان هيڪانديون مٿاهيون آهن. اهي طاقتون فقط کاڌن، ڪپڙن، گاڏين ۽ هٿيارن ٺاهڻ لاءِ استعمال نه ٿينديون پر اهي انساني جسمن، دماغن ۽ ذهنن يا شعور ٺاهڻ لاءِ استعمال ٿينديون. هن سلسلي ۾ جيڪي ماڻهو اهڙيون صلاحيتون ۽ مهارتون رکندڙ هوندا ۽ جيڪي اهڙيون صلاحيتون ۽ مهارتون رکندڙ نه هوندا انهن جي وچ ۾ فرق به تمام وڏو هوندو؛ جيڪو ايئن کڻي چئجي ته اهو ڊِڪنس جي برطانيا ۽ مهدي جي سوڊان کان انتهائي وڏو هوندو. ٻين لفظن ۾ اهو فرق اڄوڪي انسانن ۽ قديم خانه بدوش شڪارين جيڪي اُن وقت پٿر جي هٿيارن سان شڪار ڪندا هئا، کان به وڏو هوندو. ايڪيهين صدي جي ترقي جي ريل گاڏي ۾ جيڪي چڙهيا اهي خدائي صفتن جهڙوڪ تخليق ۽ تخريب جي اعلي درجن سان ليس هوندا، پر جيڪي اُن ۾ نه چڙهي سگھيا اهي ماڳهين صفحه هستي تان ميسارجي ماضي جا قصا ۽ ڪهاڻيون بڻجي ويندا.
    اشتراڪيت ۽ ان جا حامي جيڪي هڪ سئو سال اڳ ان زماني جي ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ هئا، اهي پڻ هن دور جي نئين ٽيڪنالاجي سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي هلڻ ۾ناڪام رهيا آهن. ليونڊ بريزنيو ۽ فيڊل ڪاسترو ٻاڦ تي هلندڙ انجڻين واري دور ۾ مارڪس ۽ لينن جي تصورن کي چهٽيا رهيا، نتيجي ۾ اهي ڪمپيوٽرن ۽ بايو ٽيڪنالاجي جي طاقتن جو اندازو لڳائي نه سگھيا. ان جي ڀيٽ ۾ آزاد خيال مغربي دانشورن پاڻ کي نئين انفارميشن ٽيڪنالاجي سان هٿياربند ڪيو، جنهن ڪري ٻين سببن سان گڏ هن اهم سبب جي ڪري خورسچيف جي 1956ع واري اڳڪٿي ڪڏهن به سچي ثابت نه ٿي سگھي. پر ان جي بر عڪس آزاد خيال مغربي سرمائيدارن مارڪس جي حامين کي ختم ڪري دفنائي ڇڏيو. اڄ جيڪڏهن مارڪس وري زنده ٿي اچي ته پاڻ پنهنجن بچيل پوئلڳن کي شايد اهو تاڪيد ڪندو ته اهي سندس ڪتاب داس ڪيپيٽل پڙهڻ کي گھٽ وقت ڏين ۽ پنهنجو گھڻو وقت انٽرنيٽ ۽ انساني جينيٽڪس کي سمجھڻ تي خرچ ڪن.
    موجوده انقلابي اسلام جي حالت بيوس بڻيل اشتراڪيت کان به بدتر آهي. اسلام ۽ مسلمان ته اڃان تائين صنعتي انقلاب سان هم آهنگ ئي نه ٿي سگھيا آهن ۽ ان جي ترقي کي ئي هضم نه ڪري سگھيا آهن. اها چوڻ جي ضرورت ڪونهي ته ان جا پوئلڳ جينيٽڪ انجينيئرنگ ۽ هٿراڌو ذهانت کان تمام گھڻو پري آهن. اسلام، عيسائيت ۽ ٻيا روايتي مذهب اڃان تائين دنيا ۾ توڙي جو اهم کلاڙي طور سمجھيا وڃن ٿا، پر هاڻي انهن جو ڪردار نئين سرگرمي يا ايجاد کي متعارف ڪرائيندڙ نه پر ان کي رد ڪندڙ وڃي بچيو آهي. اهي ماضي جي ابتڙ هينئر ڪنهن به جديد تحقيق، تخليق، ايجاد ۽ دريافت ۾ سرگرم نه آهن. مثال طور وچين دور ۾ عيسائيت اسان کي اهو عظيم تصور ڏنو ته سڀ انسان خدا جي نظر ۾ برابر آهن. هن تصور انسانن جي سياسي ڍانچن، سماجي ادارن ۽ صنفي رشتن ۽ تعلقن کي يَڪسِر تبديل ڪري ڇڏيو. هڪ دفعي هڪ ٽَڪرِيءَ تي حضرت عيسي پنهنجي خطبي ۾ اهو پڻ چيو ته نماڻا ۽ مظلوم ماڻهو خدا وٽ پسنديده آهن. هن تصور “جيڪو ڏاڍو سو گابو” واري تصور کي ابتو ڪري ڇڏيو ۽ آئنده نسلن جي عوام ۽ مظلوم طبقي لاءِ انقلاب جي دروازا کولي ڇڏيا.
    سماجي ۽ اخلاقي سڌارن سان گڏ عيسائيت معاشي ۽ ٽيڪنالاجي سان لاڳاپيل اهم ايجادن ۽ دريافتن جي راهه هموار ڪئي. ڪيٿولڪ عيسائي چرچ وچئين دور ۾ جديد ۽ منظم ترين انتظامي طريقن جو بنياد وڌو، جنهن جي نتيجي ۾ انساني تاريخ ۾ ڪتابن جو لکت ۾ رڪارڊ (ڪيٽالاگ) رکڻ، وقتناما (ٽائيم ٽيبل) ٺاهڻ، معلومات کي سهيڙڻ، توڙي ان جو شمارياتي تجزيو ڪرڻ جهڙن تخليقي ڪمن جو بنياد پيو. يورپ جي ٻارهين صدي واري ويٽِيڪَن سٽي (ڪيٿولڪ عيسائي پادري جو هيڊ ڪوارٽر) ۽ موجوده سليڪان وادِي (آمريڪا) ۾ ڪافي قدر هڪجهڙائي ۽ هم آهنگي ڏسجي ٿي. عيسائي گرجا-گھر يا چَرچ طرفان يورپ ۾ پهريون دفعو وڏي پيماني تي ۽ سائنسي بنيادن تي انساني تعاون تحت وڏين خانقاهن جو آغاز ڪيو ويو جيڪي هڪ معاشي ڪارپوريشن طور ڪم ڪنديون هيون. انهن خانقاهن جي سربراهي ۾ يورپ جي معيشت ۾ هڪ هزار سالن تائين جديد زرعي ۽ انقلابي سڌارا جاري رهيا. نتيجي ۾ انهن پنهنجن ادارن ۾ گھڙيالن جو استعمال ڪيو ۽ انهن جا ڪيٿيڊرل اسڪول يورپ ۾ علم جا اعلي تعليمي ادارا بڻجي ويا، جن اڳتي هلي يورپ ۾ قائم ٿيندڙ پهرين يونيورسٽين جهڙوڪ بولنگا، آڪسفورڊ ۽ سلامينڪا جو بنياد وڌو.
    اڄ به ڪيٿولڪ چرچ ڪروڙين پوئلڳن جو همدرديون ۽ محبتون حاصل ڪري رهيو آهي، پر ان جي باوجود ڪيٿولڪ عيسائيت توڙي خدا کي مڃيندڙ ٻيا مذهب گھڻي عرصي کان تخليقي ۽ تعميري هجڻ بدران جديديت خلاف ردِ عمل ڏيکاريندڙ بڻجي چڪا آهن. اهي هاڻي بجاءِ ان جي جو پاڻ جديد ٽيڪنالاجين، معاشي طريقن ۽ انقلابي سماجي تصورن جي دريافت ۽ استعمال ۾ اڳڀرائي ڪن، الٽو اهي انهن جديد نظرين ۽ ايجادن جو پُڇُ ڇِڪي انهن کي ڪيرائڻ ۾ ڪاهي پيا آهن. انهن جو هاڻي فقط هڪ ڪم وڃي بچيو آهي جيڪو آهي ٻين طرفان متعارف ڪرايل ايجادن ۽ تصورن تي پنهنجي ڪاوڙ جا ڇوههَ ڇَنڊَڻُ! مثال طور حياتياتي سائنسدان ڄم-روڪ ٽڪيون ۽ طريقا ايجاد ڪن ٿا ۽ پوپ پريشان ٿيندو آهي ته ان مسئلي تي ڇا ڪجي؛ ڪمپيوٽر جا ماهر انٽرنيٽ ايجاد ڪن ٿا ته بنياد پرست يهودي مذهبي پيشوا (ريبِي) ان ڳالهه تي پريشان ٿيندا آهن ته يهودين کي اهي شيون استعمال ڪرڻ گھرجن يا نه؛ عورتن جي آزادي جا اڳواڻ عورتن کي پنهنجي جسم ۽ ذهن جي مالڪ هجڻ جو آواز اٿاريندا آهن ته مذهبي مفتي ۽ پنڊت وري ان تي پريشان ٿيندا آهن ته اهڙي وڏي گناهه ۽ تصور کي ڪيئن روڪجي ۽ مات ڏجي.
    توهان پاڻ کان پڇو ته: ويهين صدي جي تمام اثرائتي يا اهم ترين دريافت، ايجاد يا تخليق ڪهڙي آهي؟ هي هڪ نهايت ڏکيو سوال آهي ڇاڪاڻ ته متعلقه ايجادن ۽ سندن موجدن جي هڪ ڊگھي فهرست آهي جنهن مان هڪ يا ڪجھ ايجادون ۽ نالا چونڊڻ تمام ڏکيو آهي؛ جهڙوڪ بيشمار جراثيم ڪُش دوائون، ڪمپيوٽر پروگرامس ۽ ڪيترائي نوان نظريا مثلآ عورتن جي حقن ۽ برابري جو نظريو (فيمينزم) وغيره. هاڻي وري توهان پاڻ کان پڇو: روايتي مذهبن جهڙوڪ ويهين صدي ۾ اسلام ۽ عيسائيت جي سڀ کان اهم ايجاد، دريافت يا تخليق ڪهڙي هئي؟ هي پڻ هڪ ڏکيو سوال آهي پر ان جي نوعيت ڪجھ ٻي آهي، ڇو ته هِتي وري ايجادون، دريافتون ۽ تخليقون يا ته آهن ئي ڪون يا وري تمام ٿورڙيون آهن! ڇا توهان اهو چئي سگھو ٿا ته جراثيم ڪُش دوائون، ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ، ۽ فيمينزم ويهين صدي جي مذهبي مولوين، مفتين ۽ پنڊتن ئي دريافت يا ايجاد ڪيا هئا؟ انهن سوالن تي غور ڪرڻ سان توهان کي خبر پوندي ته ويهين صدي جون وڏيون تبديليون ڪِٿان ۽ ڪِيئن پيدا ٿيون هيون: ڇا اهي اسلامي دنيا مان يا وري گوگل مان ڦٽيون آهن؟ ها اها ڳالهه صحيح آهي ته اسلامي دنيا اهو ڄاڻي ٿي ته يو-ٽيوب تي وڊيو ڪيئن رکجن؛ پر اهي ان باري ۾ خاموش تماشائي رهندا آهن ۽ پنهنجن ڪيل زيادتين ۽ ايذائن جي ڳالهه ٻڌائڻ پسند نه ڪندا آهن؛ ڀلا ٻيو نه ته اهو ٻڌايو ته شام ۽ عراق طرفان ڪهڙيون نيون ايجادون ڪيون ويون آهن؟
    دنيا ۾ اربين ماڻهو جن ۾ ڪيترائي سائنسدان به شامل آهن، اهي مسلسل الهامي ڪتابن جي مطالعي ۾ مشغول آهن ته جيئن اهي جديد ايجادن ۽ تخليقن سان ٺهڪندڙ ڪا دليل يا آيت ڳولي اچن. پر انهن ڪتابن جي لکت مان بذاتِ خود ڪنهن تخليق يا ايجاد جو ظهور نه ٿي سگھيو آهي. مثال طور، مردن جي مردن سان شادي يا عورتن جي پادري بڻجڻ متعلق عيسائيت اندر حمايتي اشاري بابت سوچجي ته ان ڳالهه جي قانوني مڃتا ۽ حمايت ڪٿان شروع ٿي؟ يقينن انجيل مقدس مان يا سينٽ آگسٽائين يا مارٽن لوٿر جي ڪتابن مان ته اهڙو ڪو اشارو نه ٿو ملي، پر انهن ڳالهين جون پاڙون فوڪئو جي “جنسيت جي تاريخ” (History of Sexuality, by Michel Foucault)، ڊونا هاروي جي “هڪ سائيبورج منشور” (A Cyborg Manifesto, by Donna Haraway) جي ڪتابن ڏانهن وڃن ٿيون. جڏهن ته عيسائيت جا سچا پيروڪار چاهي اهي ترقي پسند ڇو نه هجن پر اهي ان ڳالهه سان ڪڏهن به سهمت نه ٿيندا ته انهن جي اخلاقيات مِشل فوڪئو يا ڊونا هاروي جي اصولن تي مبني آهي. تنهنڪري اهي ڦِري گِري وري به انجيل مقدس، سينٽ آگسٽائين ۽ مارٽن لوٿر ڏانهن رجوع ڪندا ۽ ان جا جواب انهن ڪتابن ۾ ڳولڻ ۾ مگن ٿي ويندا؛ نيٺ ڪيترن ئي صفحن پڙهڻ ۽ سمجھڻ کان پوءِ آخرڪار انهن کي اها شي ملي ويندي جنهن جي انهن کي ضرورت هئي؛ يعني ڪو اهڙو محاورو، چوڻي يا حڪم جنهن جي جيڪڏهن نئين ۽ تخليقي طرح سان تشريح ڪئي وڃي ته ان مان اهو گھربل مقصد وٺي سگھجي ته خدا مردن جي مردن سان شادي ۾ راضي ٿئي ٿو ۽ عورتون پڻ چرچ جو پادري ٿي سگھن ٿيون. پوءِ اهي ايئن ظاهر ڪندا ته ڄڻ اهو تصور ٻه هزار سال اڳ عيسائين جي انجيل مقدس ۾ اڳ ۾ ئي موجود هو. جڏهن ته حقيقت ۾ ان جون پاڙون فوڪئو جي ڪتاب مان ئي ڦُٽن ٿيون. اهڙي طرح سان انجيل سچائي جي سَنَدَ طور سمجھي وڃي ٿي جيتوڻيڪ هاڻي اهو ڪتاب سچ پچ ۾ اتساهيندڙ نه رهيو آهي.
    اهو ئي سبب آهي جو روايتي مذهب آزاد خيالي جي نظرئي جي رد ۾ ڪو ٺوس متبادل پيش نه ٿا ڪن. اهي پاڪ ڪتاب جينياتي انجينيئرنگ ۽ مصنوعي ذهانت جي باري ۾ ڪجھ به نه ٿا ٻڌائين ۽ انهن جا موجوده مذهبي پيشوا حياتيات ۽ ڪمپيوٽر سائنس جهڙن شعبن ۾ تحلقه خيز دريافتن ۽ ايجادن کي سمجھڻ کان قاصر آهن. جيڪڏهن توهان انهن انقلابي دريافتن ۽ ايجادن کي سمجھڻ چاهيو ٿا ته توهان وٽ ڪي گھڻا رستا نه آهن، پر هڪ ئي واحد رستو اِهو آهي ته توهان جديد سائنسي تحقيقي مقالن ۽ مضمونن پڙهڻ تي وڌيڪ وقت خرچ ڪريو ۽ معلومات کي رٽڻ ۽ قديم لکتن تي بحث مباحثن جي بدران متعلقه شعبن ۾ سائنسي تجربن ۾ جُنبي وڃو.
    ان جو مطلب اهو نه آهي ته آزاد خيالي جو نظريو هميشه قائم رهندو. پر اهو سچ آهي ته ان انسان پسنديت جي بنياد تي مذهبي جنونن ۽ جنگين کي مات ڏيڻ ۾ ڪاميابي ماڻِي آهي ۽ دنيا هن وقت [2016] تائين ان جو ڪو بهتر متبادل پيش نه ڪري سگھي آهي. پر اهو به ممڪن آهي ته هن نظرئي جي انهي ڪاميابي ۾ ناڪاميءَ جو ٻج پڻ موجود هجي. ڇو ته ڪاميابي جي نشي ۾ مست آزاد خيال دانشور انسانذات کي لافانيت طرف ڌڪيندا ٿا وڃن. عام گراهڪن ۽ ووٽرن جي آشرواد تحت تاتِيَل موجوده سائنسدان ۽ انجينيئر لافانيت جهڙن منصوبن تي وڌ کان وڌ وسيلا خرچ ڪري رهيا آهن؛ ۽ ٿي سگھي ٿو ته اهي سائنسدان ۽ انجينيئر جيڪو ڪجھ دريافت يا ايجاد ڪرڻ وڃي رهيا آهن، اهو ڪٿي انهن جي آزاد خيالي جي نظرياتي دنيا جا بنياد ئي نه لوڏي ڇڏي ۽ گراهڪن ۽ ووٽرن جي بصيرت کان خالي هئڻ يا سندي انڌو هجڻ کي ئي وائکو نه ڪري ڇڏي! ڇو ته جڏهن جينياتي انجينيئرنگ ۽ هٿراڌو ذهانت پنهنجي جوڀن تي پهچندا تڏهن آزاد خيالي جون سوچون، جھموريتون ۽ آزاد مارڪيٽون به ايئن ختم ۽ غائب ٿي سگھن ٿيون جيئن جديد ڪمپيوٽر دور ۾ پراڻي دور جا کُلندڙ ۽ بَند ٿيندڙ چاقو، ٽيپ رڪارڊر، ڪيسيٽون، اسلام ۽ اشتراڪيت غائب ٿي چڪا آهن.
    هي ڪتاب دُور انديشِي جِي هِنَ تمهيد سان شروع ٿيو ته ايڪيهين صدي ۾ انسان لافانيت (لا فاني هجڻ جو هتي مطلب اهو آهي ته موروثي توڙي ماحولياتي اثرن جي ڪري بيمار جِينز Genes جي بروقت مٽا سٽا وسيلي مستقبل جو اعلي يا سپر-انسان بڻيل ننڍو حڪمران طبقو طبعي موت نه مرندو پر حادثاتي طور يعني گوليءَ لڳڻ يا روڊ حادثي ۾ مناسب طبي امداد ملڻ کان اڳ گھڻو رت وهي وڃڻ يا دماغي نقصان سبب مري سگھندو، نتيجي ۾ اهو دنيا ۾ سدا حيات، سدا جوان، سدا حسِين ۽ سدا سرور وارين ڪيفيت جا مزا ماڻي سگھندو!)، ديرپا سُرور ۽ آفاقيت جهڙين خدائي صفتن جي حاصلات لاءِ ڪوشش ڪندو. هي پيشگوئي به سئو سيڪڙو حقيقت پسندي يا دُور انديشي تي ٻڌل نه آهي، پر اها فقط آزاد خيال انسان پسنديت (Humanism) جي نظرئي جي روايتي آدرشن جي اعلي ترين شڪل آهي. جيئن ته انسان پسنديت جو نظريو انسانن جي زندگي، جذبات ۽ خواهشات کي مقدس ڄاڻي ٿو، ان ڪري اها ڳالهه حيرت ۾ وجھندڙ هوندي يا ايئن کڻي چئجي ته اهو مشڪل ئي هوندو ته انسان پسنديت تهذيب سان سلهاڙيل ڌريون ان ڳالهه جي اجازت ڏينديون ته انساني زندگي جي عرصي ۽ انساني خوشيءَ ۽ طاقت جي پيماني کي بي حساب وڌائي ڇڏجي. ڪتاب جي ٽئين ۽ آخري حصي ۾ هن تي بحث ٿيل آهي ته انسان پسنديت جا حامي نئين ٽيڪنالاجي (Post Humanist Technology) جي متعارف ڪرائڻ سان پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻندا ۽ پنهنجي ئي نظرياتي بنيادن کي ڪمزور ڪندا. انسان پسندي تحت انسانن جي جذبات تي اسان جي اعتقاد اسان کي ان قابل بڻايو آهي ته اسان جديديت جا سمورا فائدا انهن جي قيمت ادا ڪرڻ کان سواءِ حاصل ڪري سگھيا آهيون. هاڻي اسان جي زندگين ۽ عملن کي معنيٰ ڏيڻ لاءِ ڪنهن ديوِي يا خدا جي ضرورت نه آهي، ڇو ته عام گراهڪن ۽ ووٽرن جي ذاتي خواهش ۽ خوشي اسان کي سڀ گھربل شيون ۽ معني ڏئي رهي آهي. پر پوءِ ان وقت ڇا ٿيندو جڏهن اسان کي اها خبر پوندي ته عام گراهڪن ۽ ووٽرن وٽ پنهنجون ڪي آزاد سوچون ۽ خواهشون ئي نه رهنديون؟ ان وقت ڇا ٿيندو جڏهن جينيٽڪ انجينيئرنگ ۽ هٿراڌو ذهانت جي جديد طريقن ۽ ايجادن وسيلي انسانن جي سوچن، جذبن ۽ خواهشن تي ضابطو رکيو ويندو ۽ عام ماڻهن جي وڏي ٽولي کي طاقتور ۽ لافاني سپر انسانن جي ننڍي ٽولي طرفان پنهنجن مفادن لاءِ استعمال ڪيو ويندو؟ ان وقت ڇا ٿيندو جڏهن گھربل انساني مشاهدو ۽ تجربو پڻ هٿراڌو طرح پيدا ڪري سگھبو ۽ اهو سپر مارڪيٽ ۾ ٻين وکرن سان گڏ وڪري لاءِ موجود هوندو؟
    حوالو:
    Harari, Y. N. (2016). “Electricity, Genetics and Radical Islam” In Homo Deus: A Brief History of Tomorrow. Vintage, Penguin Random House: London, 2016, pp. 312-323.
    ........................
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو