ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو
فعال رڪن
اسان جا لفظ شين يا تصورن جي اظھار جا اوزار آھن. عام طرح سان ھڪ لفظ مختلف سياق ۽ سباق يا پسمنظر ۾ مختلف معني ۽ مطلب لاءِ استعمال ٿيندو آھي، ڪڏھن ڪڏھن اھو ساڳيو لفظ ابتي معني لاءِ پڻ استعمال ڪيو ويندو آهي. لفظن جي معني ۽ مطلب آفاقي ۽ ڪائناتي نہ ھوندي آھي پر اھا ماڻھن طرفان جوڙيل ھوندي آھي. ان جو مطلب اهو آهي ته لفظن جي مفھوم ۽ انھن جو مطلب علائقائي ۽ ثقافتي رنگ ۾ رنڱيل ھوندو آھي. جھڙي طرح ھڪ شيءَ، سماجي عمل يا لقاءُ (مثال طور ھڪ مرد ۽ عورت بغير نڪاح جي زال ۽ مڙس طور رھڻ) ھڪ ثقافت (اولھ جي ملڪن) ۾ جائز ۽ پسنديده ھوندي آھي پر ٻئي ملڪ يا ثقافت (پاڪستان يا ايران) ۾ وري ناجائز ۽ ناپسنديده ھوندو آھي، ايستائين جو اھڙو عمل ملوث مرد ۽ عورت کي اتان جي قانون مطابق ڦاھي جي ڦندي تائين پھچائي سگھي ٿو. ان ڪري لفظن جا مطلب پڻ معروضي سچائي نہ پر موضوعي، علائقائي ۽ مذھبي حساب سان طئي ٿيل ھوندا آھن. لفظ `شھيد` پڻ اھڙو ئي موضوئي، علائقائي ۽ مذھبي رخن ۾ استعمال ٿيندو آھي. ھن لفظ سان `حب الوطني` جو فلسفو پڻ جڙيل ھوندو آھي جنھن جو سولي ٻولي ۾ مطلب اھو آھي تہ پنھنجي ڌرتي ۽ پنھنجو ملڪ سڀني کان پيارو آھي ۽ ٻي ڌرتي ۽ ٻيا ملڪ وڃي ڌوڙ پائين! ۽ پنھنجي ڌرتي جي حفاظت ڪندي جيڪو مري وڃي اھو شھيد آھي ۽ دشمن مئو معني ڪتو مئو! (دنيا ۾ انسانذات جو وڌ ۾ وڌ قتل حب الوطني جي عام رواجي مطلب جي آڙ ۾ ٿيندو رھيو آھي). اھو ئي سبب آھي تہ ٻن مخالف ملڪن جي وچ ۾ ٿيندڙ جنگ ۾ قتل ٿيل ماڻھو ھڪ ئي وقت انھن جي حامين ۽ مخالفن طرفان شھيد ۽ مردود يا جنتي ۽ دوزخي سڏرائبا آھن. ھن وقت پوسٽ ماڊرنزم نظرئي ماڻھن جي مٿين صحيح ۽ غلط کي تصورن جي بھتر نموني اپٽار ڪئي آھي! ھن نظرئي مطابق ھن دنيا ۾ سچائي ھڪ ئي وقت سچائي ھڪ نہ پر ڪيتريون ئي سچائيون ڪارفرما ھونديون آھن ۽ ھر ھڪ سچائي ايتري تي پيچيدہ ھوندي آھي جو ان کي مڪمل نموني سمجھڻ اگر ناممڪن نہ تہ مشڪل ضرور ھوندو آھي!