• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شمسي توانائي تي هلندڙ ريلوي اسٽيشن۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
بجلي جي وڌندڙ ضرورتن کي محسوس ڪندي، دنيا ۾ جتي مختلف ذريعن سان بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي اتي تائيوان جي حڪومت هڪ اهڙو ريلوي اسٽيشن تيار ڪيو آهي جيڪو مڪمل طور تي شمسي توانائيءَ جي ذريعي هلندو۔۔ يعني هاڻي پاڻي، هوا ۽ شمسي توانائي مان تيار ٿيندڙ بجلي کي وڏن پراجيڪٽس ۾ استعمال ڪرڻ جي شروعات ٿي آهي۔۔
تائيوان جي حڪومت هي پراجيڪٽ ٻن سالن جي محنت سان تيار ڪيو آهي، جنهن ۾ ريلوي اسٽيشن جي ڇت تي وڏا سولر پينل لڳل آهن جيڪي شمسي توانائيءَ جي مدد سان فقط 6 ڪلاڪن ۾ 2688 ڪلو واٽ بجلي پيدا ڪري سگهن ٿا۔ اسان جي حڪومت الائي جي ڪڏهن سڌرندي جو اهڙا پراجيڪٽ عام ڪري۔۔۔
taiwan-solar-stadium2-560x420.jpg

beijing_south_railway_station_farrells080908_2.jpg
 
جواب: شمسي توانائي تي هلندڙ ريلوي اسٽيشن۔۔

[COLOR="red لکيو آهي:
مست, post: 31033"]بجلي جي وڌندڙ ضرورتن کي محسوس ڪندي، دنيا ۾ جتي مختلف ذريعن سان بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي اتي تائيوان جي حڪومت هڪ اهڙو ريلوي اسٽيشن تيار ڪيو آهي جيڪو مڪمل طور تي شمسي توانائيءَ جي ذريعي هلندو۔۔ يعني هاڻي پاڻي، هوا ۽ شمسي توانائي مان تيار ٿيندڙ بجلي کي وڏن پراجيڪٽس ۾ استعمال ڪرڻ جي شروعات ٿي آهي۔۔
تائيوان جي حڪومت هي پراجيڪٽ ٻن سالن جي محنت سان تيار ڪيو آهي، جنهن ۾ ريلوي اسٽيشن جي ڇت تي وڏا سولر پينل لڳل آهن جيڪي شمسي توانائيءَ جي مدد سان فقط 6 ڪلاڪن ۾ 2688 ڪلو واٽ بجلي پيدا ڪري سگهن ٿا۔ اسان جي حڪومت الائي جي ڪڏهن سڌرندي جو اهڙا پراجيڪٽ عام ڪري۔۔۔
[/COLOR]
taiwan-solar-stadium2-560x420.jpg

beijing_south_railway_station_farrells080908_2.jpg


ادا ايڏا وڏا پروجيڪٽ ته وڏي ڳالهه آهي، جنهن جو ويجهر ۾ ته سنڌ ڪو خواب نه ٿي ڏسي سگهي، ( اهو ان ڪري ته اسان جي حڪومت ۾ دم ڪونهي ) پر ادا اسان وٽ ته ٿر ڪوئلي سان به بجلي پيدا ٿئي سگهي ٿي مگر افسوس جو ان طرف حڪومت جو جيترو ڌيان هجڻ گهرجي اهو ڪونهي، ورنه تمام جهجي مقدار ۾ بجلي ته ڪوئلي مان به پيدا ڪري سگهجي ٿي، جڏهن ته هتي هرو ڀرو بجلي جو بهانو بنائي ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ڪئي ويندي آهي، ۽ اهيو چيو ويندو آهي ته ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ سان ملڪ ۾ بجلي جو بهران ختم ٿئي ويندو، هن ٿر ڪوئلي تي ڪم ڇو نه ٿو ڪيو وڃي۔ ان ڪري جو هي سنڌ ۾ آهي، وڌيڪ ٿر ڪوئلي بابت هي پڙهو ۽ ڏسو
( ٿر ڪوئلو۽ حڪومت جي بي ڌياني )​
 
جواب: شمسي توانائي تي هلندڙ ريلوي اسٽيشن۔۔

ادا مست توهان جي مهرباني جو توهان جديد ٽيڪنالوجي کان متعارف ڪرايو۔
 
Back
Top