فقير محمد سنڌي : متحرڪ ۽پورهيت دوست...!

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏6 آڪٽوبر 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    فقير محمد سنڌي: متحرڪ ۽ پورهيت دوست...!

    [​IMG]
    عيسيٰ ميمڻ
    هڪ ئي وقت ادب ۽ ذاتي زندگيءَ ۾ متحرڪ رهندڙ فقير محمد سنڌي، جنهن سان نينهن جو ناتو 2008ع کان تڏهن جڙيو جڏهن مان لاڙڪاڻي جي علمي ۽ ادبي سرگرمين ۾ باقاعده حصو وٺڻ شروع ڪيو.هن کي مان گهڻو متحرڪ ڏٺو. خاص ڪري عزيز قاسماڻي سان هن جي جوڙي مشهور هوندي. قاسماڻي ۽ فقير محمد سنڌي، سڏ ۽ پڙاڏي جيان نظر ايندا هئا. جيتوڻيڪ ٻنهي جي طبيعت ۾ ڏينهن ۽ رات جيترو فرق رهيو آهي. فقير محمد سنڌي، سنڌو دريا جي چيڪي مٽيءَ مان ٺهيل ته قاسماڻي پٿريلي زمين مان ٺهيل، قاسماڻي ڪنهن سان ٺهي ئي نه هي سڀني کي عزت ۽ احترام ڏيڻ وارو، حقيقت ٻن ابتڙن جو ميلاپ هو. تنهن باوجود به سدائين گڏ هجڻ واري رمز ڪنهن کي به سمجھ ۾ نه ايندي هئي اڳتي هلي خبر پئي ته انهن جي گڏ هجڻ جو مکيه سبب سرمد چانڊيو آهي. جنهن جي جسماني تخليق قاسماڻي آهي ته ادبي تخليق فقير محمد سنڌي آهي. فقير محمد سنڌيءَ سموري ڄمار سرمد جي پيرن ۾ گذارڻ کي اوليت ڏني هئي ان مان محسوس ٿيو ته فقير محمد سنڌي پنهنجي نالي جيان فقير ۽ ذات ۾ شيخ کان اڳتي نڪري سنڌي ٿي ويو آهي. هن فقير جو جنم 07 جنوري 1983ع تي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. هن پنهنجي پرائمري تعليم شاھ محمد سنڌي اسڪول لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي..مئٽرڪ 1998ع ۾ گورنمينٽ پائليٽ سيڪندري اسڪول لاڙڪاڻي مان.،انٽر 2000ع ۽ بي. اي : 2003سچل سرمست اورينٽل ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۽ . ايم. اي( سنڌي ادب ) 2005ع شاھ لطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان حاصل ڪئي. جڏهن ته هن درس نظامي جي تعليم پڻ حاصل ڪئي آهي جنهن ۾ .مولوي، عالم ۽فاضل جو امتحان 1998ع ۾ پاس ڪيو. درس نظامي جو ڪورس 1995ع کان 2001ع تائين مدرسي جامعه عربيه جيلاني لاڙڪاڻي مان سندالفراع سان فارغ التحصيل ڪيو.
    فقير محمد سنڌيءَ لکڻ جي شروعات 1995ع کان. ڪئي.پنهنجي لکڻين وسيلي هن پنهنجي اندر جو اوٻر اوڳاڇيو پر سماج جي اندر جيڪا ساھ کڻڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي ان کي پڻ هن تحريري صورت ۾ اڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن جي قلم ڪڏهن به سرڪاري رتبو حاصل ڪرڻ لاءِ نه لکيو آهي. اڄ تائين پنهنجي ذهن ۽ ضمير کي سامهون رکي لکي پيو. هن کي ان ڳالھ جي پرواھ ڪڏهن به نه رهي آهي ته اسان جا ٻيا ليکڪ هن جي لکڻين کي ڪيئن ڏسن ٿا؟ هن جو چوڻ آهي ته “اسان جو ڪم صرف لکڻ آهي باقي ماڻهن جي راءِ جو تعين اسان نه ٿا ڪري سگهون اسان کي جيڪو به سٺو سمجھ ۾ ايندو اهو ڪنداسين”.ڪنهن به ليکڪ جي اها بنيادي ڳالھ آهي ته هو لکندو رهي. لکڻ ئي ان جي زندگي آهي ۽ زندگيءَ کي معنيٰ آهي. پڙهندڙ جيڪڏهن لکڻين مان ڪجھ حاصل ڪري ٿو ته اهوئي ليکڪ جو سڀ کان وڏو معاوضو آهي. هن جتي نثر لکيو آهي اتي شاعري به گهڻي مقدار ۾ ڪئي آهي. شاعريءَ جي فن ۾ هن جا استاد، جي ايم رئيساڻي، سرمد چانڊيو ۽ غلام فاروق خاصخيلي رهيا آهن جن کان هن شاعريءَ جي بنيادي سکيا ورتي آهي. باقي فڪري طور تي هي انهن کان الڳ رهيو آهي.هن جي فڪري پرواز “سن جي سائين” سان رهي آهي مگر هن جا استاد “سن جي فڪري ڌارا ”جي ابتڙ رهيا آهن. هن جي شاعري ڪيترن ئي فنڪارن ڳائي آهي جنهن ۾ غلام شبير سمون، شيراز عباسي، عاشق نظاماڻي، حسين بخش شيخ، ڪنول نظاماڻي، راڻو سنڌي ۽ صادق فقير جهڙن فنڪار هن جي شاعر ي کي جلا بخشي آهي.هن جي شاعري جا ٻه ڪتاب ”وچن وفا جا”2004ع ۾ ۽ “جاني جيون جوڙ“ 2008ع ۾ شايع ٿيا آهن. ان چوڻ ۾ ڪو وڌاءَ محسوس نه ٿو ڪريان ته هن جي شاعري سادي آهي پر اندر جو آواز آهي. جنهن ۾ داخلي ۽ خارجي پيڙائون به آهن ته مزاحمت به ان ۾ موجود آهي.
    اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا اتي ڪنهن به سنجيده تخليق ڪار جو رهڻ ڪنهن به ڪرشمي کان گهٽ نه آهي. اهڙي ماحول ۾ ليکڪ جڏهن لکي ٿو ته تڏهن ان کي اها ضرورت محسوس ٿئي ٿي ته اهو ادبي حوالي سان ماحول به تيار ڪري، جيڪڏهن لکڻ لاءِ ماحول سازگار نه هوندو ته ان جي لکڻين جي پرورش نه ٿي سگهندي. ان ڪري هن پنهنجي لکڻين کي سراڻ تي رکڻ لاءِ مختلف ادبي تنظيمن جي جوڙجڪ ڪرڻ کان وٺي انهن ۾ هڪ متحرڪ ڪردار طور پيش پيش رهيو آهي. هي سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي جو باضابطا ميمبر ته ڪڏهن نه رهيو آهي پر سنگت جي پروگرامن ۾ باضابطا پابنديءَ سان شريڪ ٿيندو رهيو آهي جيڪو هن جي باذوق هئڻ جي نشاني آهي. جڏهن ته هي نوجوان ادبي فورم لاڙڪاڻي جو رابطا سيڪريٽري ،اياز ادبي اوطاق جو سيڪريٽري جنرل ،ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪمپيئر، ٻه ماهي “قلمڪار” ميگزين لاڙڪاڻي جو ايڊيٽر.،ماهوار “سجاڳ ”ميگزين لاڙڪاڻي جو ايڊيٽر،سلسليوار اخبار “قلمڪار” لاڙڪاڻي جو ايڊيٽر، روزاني “ارادو” لاڙڪاڻي جو ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر،ماهوار ارادو لاڙڪاڻي جو ايڊيٽر پڻ رهيو آهي“.قلمڪار پبليڪيشن” لاڙڪاڻي جو 2006ع کان وٺي چيئرمين رهيو آهي جنهن پليٽ فارم تان 30 جي لڳ ڀڳ ڪتاب شايع ڪرايا اٿائين. ڪتاب شايع ڪرائڻ ڪيترو ڪٺن آهي ان جو اندازو صرف ان کي ٿي سگھي ٿو جيڪو ماڻهو ان مرحلي مان گذريو هوندو ۽ يا گذرندو. جيتوڻيڪ هن ڪم کي به اسان صرف يوسف جي خريدارن ۾ نالي لکرائڻ برابر سمجھون ٿا ڇاڪاڻ ته هن کي اڃان به زندگي جو گھڻو سفر ۽ ڪم ڪرڻو آهي ۽ اهو ئي ڪم يقينن فقير محمد سنڌي کي تاريخ ۾ جڳهه ضرور ڏيندو
    تاريخ بنيادي طور تي انساني،فطرتي،سماجي توڙي اجتماعي سرگرمين جو دستاويز آهي. تاريخ انهن سرگرمين جو رڪارڊ رکڻ جو نالو آهي ته ٻئي طرف تاريخ اهو آئينو آهي جنهن سان نه صرف ماضيءَ کي ڏسي سگهجي ٿو پر مستقبل جي منصوبابندي به ڪري سگهجي ٿي. تاريخ سان اهو الميو به آهي ته حقيقي ۽ سچي تاريخ اڄ به اکين کان اوجهل آهي. تاريخ کي حملي آورن ۽ طاقتور قوتن سدائين پنهنجي مفاد ۽ مقصد لاءِ استعمال پئي ڪيو آهي. جنهن ڪري تاريخ مٿين طبقي جي ٻانهي پئي رهي آهي. عوامي ۽ حقيقي تاريخ لکڻ جو ڪم جن تاريخدانن ڪم ڪيو آهي انهن جو انگ اٽي ۾ لوڻ برابر به نه رهيو آهي. سنڌ جي تاريخ عوامي، قومي ۽ حقيقي بنيادن تي جن تاريخدانن لکي آهي انهن ۾ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، ايس ٻي ڇٻلاڻي،پروفيسر عبدالله مگسي، ڊاڪٽر شاهنواز ڏهر،ڪيول ملڪاڻي، ايم ايڇ پنهور، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، جي ايم سيد، يوسف شاهين، بدر ابڙو، پير حسام الدين راشدي، پير علي محمد راشدي، اياز ڀاڳت، حافظ عبداستار ڪوريجو وغيره شامل آهن. جڏهن ته روزاني جي بنياد تي اخبارون پڻ عوامي پر رف تاريخ سهيڙي رهيون آهن. فقير محمد سنڌي پڻ عوامي تاريخ کي سهيڙڻ جو ڪم پنهنجي هٿن ۾ کڻي هڪ تاريخ ساز ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن جيڪا سنڌ جي ٽڙيل پکڙيل تاريخ کي مرتب ڪرڻ شروع ڪئي آهي اهو انتهائي ڪٺن ۽ مشڪل ڪم آهي. ڇاڪاڻ ته تاريخ لکڻ يا مرتب ڪرڻ انتهائي ذميواريءَ وارو ڪم آهي. تاريخ جي سلسلي ۾ جيڪڏهن ڪا غلطي ٿي وڃي يا رهجي ٿي وڃي ته ان سان ڪيترائي نقصان ٿي سگهن ٿا پر فقير محمد سنڌي ، تاريخ جي هڪ هڪ ڳالھ کي مرتب ڪرڻ لاءِ سالن جا سال ويهي پورهيو ڪيو آهي.جنهن پوري ذميواري سان تاريخ لکڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. هونئن به فقير محمد سنڌي هڪ پورهيت رهيو آهي. جنهن پنهنجي پيٽ گذري لاءِ پڻ سخت کان سخت ترين پورهيا ڪيا آهن. هن جي نس نس ۾ پورهيي جو پگهر ڊوڙي رهيو آهي. ان ڪري فقير محمد سنڌي جهڙا فرد سدائين سماج جا فخرلائق رهيا آهن. جن پنهنجي ضمير کي سدائين زنده رکڻ لاءِ هر قرباني ڏني آهي. سندس هي تاريخ جو ڪتاب “سنڌ جي تاريخ جو منظر ۽ پسمنظر” سنڌ جي تاريخ جو بنيادي ماخذ آهي. جنهن سان سنڌ جي ماضي، حال کي پسي سگهجي ٿو ته ايندڙ دور جي حالتن جو ادراڪ به ڪري سگهجي ٿو.
    فقير محمد سنڌي جي ريڊيو تي پيش ڪيل خيالن جو خوبصورت گلدستو “سونهن سمبارا” آهي هن ڪتاب ۾ شامل ريڊيو اسڪرپٽ نه صرف فقير محمد سنڌي جي فڪري ۽ علمي پرواز کي واضح ڪن ٿا پر اهي خيال ريڊديو جي بندشن ۾ هڪ مقرر ڪيل معيار مطابق لکيا ويا آهن جنهن ۾ ڪمپيئر کي هر طرف کان پنهنجو دامن بچائي هلڻو ٿو پوي اداري جي ساک ۽ پنهنجي پت کي بچائڻ ڪو معمولي ڪم نه آهي فقير محمد سنڌي جنهن جي خمير ۾ سنڌيت شامل رهي آهي جنهن جي سوچن ۾ سنڌ جو ذڪر به ڊوڙي رهيو آهي فقير محمد توهان کي اهو متحرڪ ڪردار نظر ايندو جيڪو پيٽ گذر لاءِ ته سڄو ڏينهن مشغول رهي ٿو پر باقي به جيڪو وقت بچي ٿو اهو به پنهنجي علمي، ادبي ڪمن ۽ سرگرمين ۾ گذاري ٿو پنهنجي ذهني فڪري خوراڪ حاصل ڪري ٿو ان جو اهو نتيجو آهي ته هن جا ٻيا به ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن . جن ۾ قلمڪار ڪوي( گڏيل شاعري) 2009ع،عظيم هستين جا عظيم قول، 2012ع،گڻ جنهن جا ڳائن ماڻهو( حفيظ کوهارو جي فن ۽شخصيت )،)سنڌ جي قديم تاريخ جو هڪ ورق( ترتيب ) جي ايم رئيساڻي جي زندگيءَ بابت وغيره شامل آهن. ان کان سواءِ هن جا ٻيا ڪيترائي ڪتاب اڻ ڇيپل پڻ موجود آهن.
    اسان ڪيترائي سال سن ۾ سائين جي ايم سيد جي سالگره ۽ ورسي جي ڏهاڙن تي ڪتابي اسٽال گڏجي هنيا آهن. ڇاڪاڻ ته سن سنڌ جو اهو سياسي مرڪز آهي جتي سائين جي ايم سيد جي سالگره ۽ ورسي جي موقعي تي هزارن جي تعداد ۾ ڪتاب وڪرو ٿيندا آهن ڪيترا پبلشر ته سال ۾ ان آس ۾ لکين رپيا سيڙائي ڪتاب شايع ڪندا آهن. اسان ٻنهي جو پبلشنگ جي دنيا سان پڻ لاڳاپو رهيو آهي ان ڪري اسان هڪ ٻئي سان هڪ صلاح ۽ هم رڪاب به رهيا آهيون. سن ۾ جيڪو ڪتابن جو وڪرو ٿيندو هو ان ۾ پيسن جي ڳڻپ ۾ جيڪا ايمانداري مون هن ۾ ڏٺي، اها منهنجي لاءِ حيرت ڪندڙ هئي. مجال آهي جو هڪ رپيو به هن ميرو ڪيو هجي. پيسن جي ڳڻپ ڪرڻ ۽ ان جو حساب ڪتاب رکڻ مون کي ايندو ئي ناهي. هن اتي ثابت ڪيو هو ته هي رڳو سنڌي نه آهي پر مارڪيٽنگ جو به حصو آهي. جيڪو ٽڪي ٽڪي جو حساب ڪري پيسا ڏيندو هو. مان هن کان ڪڏهن نه پڇيو ته ڪيترا ۽ ڪهڙا پيسا؟ مگر هن پنهنجي ايمانداريءَ جي منهنجي دل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي هئي. سالن جو ادبي ۽ ذاتي سفر گڏ ڪيو آهي مگر ڪڏهن هڪ ٻئي سان ٻاڙو نه ٻوليو آهي. سدائين هڪ ٻئي سان احترام ۽ محبت جي واٽ سان مليا آهيون. ان جو هڪ سبب اهو به رهيو آهي ته اسان ڪڏهن به هڪ ٻئي ۾ ڪو مفاد نه رکيو آهي سدائين پرخلوص نيت سان رهيا آهيون. زماني جي ڪمن ڪارن سبب مهينن جا مهينا هڪ شهر ۾ هوندي به نه ملندا آهيون پر جڏهن به ملندا آهيون ساڳي اڪير سان ملندا آهيون بنا ڪنهن تڪلف جي ۽ بنا ڪنهن حساب جي، ڪيترائي ٽهڪ هڪ ٻئي کي ارپيندا آهيون. اسان نوڪري پيشا هوندي سدائين پاڻ کي خساري ۾ ڀائيندا آهيون هي محنت مزدوري ڪندڙ همراه سدائين اسان تي خرچ ڪري ويندو آهي. هن جو اهو خلوص ،هن جي اها جفا ڪشي سچ ته سماج ۾ اتساھ پيدا ڪندڙ آهي. هي هڪ ئي وقت طبيعت جو فقير به آهي ته دل جو امير به آهي. هڪ ئي وقت ته حساب ڪتاب رکڻ ۾ شيخ به آهي ته مهمان نوازي ۽ خرچ ڪرڻ ۾ سنڌي به آهي. هن جو هڪ تڪيه ڪلام آهي. جڏهن ڪنهن ڳالھ جو جواب نه ڏيڻ چاهيندو يا ڪنهن به ڳالھ تي ڪو تبصرو ۽ تبرو نه ڪرڻ چاهيندو ته ان وقت چوندو آهي “ڀلا الله”. “ڀلا الله” تڪيه ڪلام پٺيان ڪيتري ئي رمز شامل هوندي آهي. بظاهر سخت نظر ايندڙ فقير محمد سنڌي دل جو اوترو نرم آهي حساس آهي. مسئلن سان منهن ڏيڻ لاءِ پهاڙ جيڏو ارڏو ۽ مضبوط، سنگت اڳيان ائين آهي جيئن ڌرتي. ڪيترو به لتاڙجي مگر صبر هن جي ضمير ۽ خمير ۾ شامل رهيو آهي. فقير محمد سنڌي جهڙا ڪردار اسان جو ويساھ به آهن ته آڪسيجن به آهي جن جي وسيلي اسان کي سماج ۾ ساھ کڻڻ ۾ آساني ٿيندي آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو