سر پرڀاتي مڪمل 1 اِيءُ نه ڀانَنِ ڀيرُ، جيئن ڪِينَرُ ڪِيرِيءَ ٽنگِيو، سُونهاري صُبُوحَ سين، وِجِهي ويٺين ويرُ، توکي چوندو ڪيرُ، ڪِيرَتَ ڌاران مَڱِڻو؟ 2 سُتو ڪِيئَن نِنڊُون ڪَرِين، رو وِهاڻِيءَ، روءِ، سُڀان سازُ سَندوءِ، پِيو هوندو پَٽَ ۾. 3 سيراندِيءَ سازُ ڪِيو، سُمهِين سارِي راتِ، جاجِڪاڻِي ذاتِ، اِيئن هوءِ اَڳَهِين؟ 4 جَنِين سُکُ ناهِه ڪو، چارَڻَ سي چَئِجَنِ، رُڃُنِ راهَه پُڇَنِ، مَٿي ڪُلهنِ ڪِينَرا. 5 مُوڙهو ڀُڻِين مَڱِڻان، ڪيڏانهن هُئين ڪالَهه؟ لَنگها! ڇَڏِ، لَطيفُ چئي، اُجَهڻَ جا اَفعالَ، سَپَڙَ دَرِ سُوالَ، ڪَرِ تَه قِيمَتَ آڻِيين. 6 چارَڻَ لَڱو، پنڌُ گَهڻُو، ڪِي چوٽاڻِيءَ چَئيجِ، هِتِ ڪِي هَلائيجِ، اُتي آئُون نَه اَچِڻو. 7 جيڪِي ڏَڏَنِ ڏي، ڳُجِهيان ئِي ڳُجَهه ۾، سو جي سُڻَنِ ڪَڏِهن، ڪِرتِ وارا ڪي، تَه سازَ مِڙوئِي سي، هُوندَ پِٿُون ڪَنِ پَلَڪَ ۾. 8 اُتِ ڪِرت وارا ڪيتَرا، ڪِرت ڪَبو ڪوهُه، جيڪِي بَندو ڪَمُ ڪَري، سو مِڙوئِي ڏوهُه، تُون پارِسُ، آئُون لوهُه، جي سَڃِين ته سونُ ٿِيان. 9 اُٿو اَٻوجهاءُ، سَپَڙَ جو سڏَ ٿِيو، جيئن اِئين ڪِيرَتَ نَه سِکِيا، تيئَن پاڻان رِيڌو راءُ، ”مَڱو مُون مُلاءُ، آئُون اَوھان جو آهيان.“ 10 ڏاتِ نَه آهي ذاتِ تي، جو وَهي سو لَهي، آرِيُون اَٻوجَهنِ جُون، سَپَڙُ ڄامُ سَهي، جو راءُ وَٽِ راتِ رَهي، تنهن جُکِيءَ تان نَه ٿِئي. 11 ٻولِيُون ٻيلي جُون ڪَري، پاسي ڀَرِ پِيو، سُڻائي سُتَنِ کي، وهاڻِيءَ وِيو، ڄاڻي ڪِينَ ٻِيو، سُرُ سِکِيوئِي هيڪَڙو. 12 ٻولِيُون ٻيلي جُون ڪَري، پاسي ڀَرِ پِيو، چارَڻُ چاڙهي چَؤڏولَ ۾، تِنهان پوءِ نِيو، رُچِي راتِ ڪِيو، سَرِفِرازُ، سِيّد چئي. 13 ٻاجُهون ٻيلي ڌَڻِي، ٻُجهان ٻاجَهه ٿِئِي، سَپَڙَ سا سُئِي، جيڪا چَارَڻَ چِتَ ۾. 14 ڄاڻين تَپِ نَه ڄاڻُ، اِيءُ دَرُ اَٻوجَهنِ جو، اِنَ دَرِ سي ئي اَگِهيا، جَنِ نَه ڀانئيو پاڻ، ريجهاڻو، راڄاڻُ، آهي اٻوجَهنِ جو. 15 ڏڏُ ٿِي ڏانَ گُهرِجِ تون، ڇَڏِ وِڄا وِڃائي، سَپَڙَ راتِ سنباهِيا، تازِي تو لائي، جو ڄاڻي نَه ڳائي، تنهن سين ٻيلي ڌَڻِيءَ ٻاجَهه ڪِي. 16 صُبوحَ جو سُهاڳُ، مَڱڻهارَنِ ماڻِيو، ڏِنائُون ڏاتارَ کي، وَڏِيءَ ويرَ وِهاڳُ وَسِ منهنجي ناهِه ڪا، سيڻَنِ هَٿِ سُهاڳُ، پِرِيَنِ سين پُهاڳُ، مانَ نِماڻِيءَ نَصِيبُ ٿِئي. 17 پِيو ليٽِيين لُٽَ، سَڄِيُون راتِيُون سُمهِين، اُٿِي آڌيءَ نَه ڪَريين، سَپَڙَ سان سَهَٽَ، رُونجهي راتَ اُپَٽِيا، پيٽِنِئُون پاڻِيَٽَ، ميڙي تِئان مَٽَ، چونڊي ڀَرِيا چارِڻين. 18 ڏاتارَ ڏُکَ ڪَيا، پاڻان مَٿي مَڱَڻي، ”مُون دَرُ ڇَڏِيو مَڱڻا، مَڱِين ڪوهُه ٻِيا؟ تَڏِهن تو پِيا، وِچان وِلَها ڏينهڙا“. 19 مَڱُ تِهِين کان مَڱڻا! جو ڏيهاڙِي ٿو ڏي، ڪُوڙا دَرَ دُنِيا جا، جاجِڪَ مَڱين جي، سُڀان تُنهِين کي، موٽِي ڏِيندا مُنهن ۾. 20 کَڙَهَه اَڳِيان کَپُ، ڏِيهاڻِي ڏاتارَ جي، لَنگها! لاهِه مَ لِکَ سِينءَ، مَٿان چانئوٺ چَپُ، مَڱَڻهارَنِ مَپُ، ڪونِهي ٻِيو ڪِيرَتَ ري. 21 سَپَڙُ ساهُه پَساهِ، جاجِڪَ! جِمَ وِسارِيين، ريهي رُپي سَندِيُون، تَندُون تُنبي کي پاءِ، لَنگها! تُون لِيلاءِ اَڳِيان وَڃي اُنَ جي. 22 ميرا پَسِي مَڱَڻا، سَپَڙَ سَڏَ ڪِئا، سَٻوجَهنِ سُئا، اَٻوجَهنِ آسَرو. 23 تُون سَپَڙُ، آئُون سيڪَڙُو، تُون صاحِبُ، آئُون سَڳُ، پُڇِي تنهنجو پڳُ، ڪُلهي پاتُمِ ڪِينَرو. 24 تُون سَپَڙُ، آئُون سيڪڙُو، تُون ڏاتارُ، آئُون ڏَڏُ، سُڻُي تنهنجو سَڏُ ڪُلهي پاتُمِ ڪِينَرو. 25 تُون سَپَڙُ، آئُون سيڪَڙُو، تُون ڏاتارُ، آئُون ڏوهُه، تُون پارِسُ، آئُون لوهُه، جي سَڃِين تَه سونُ ٿِيان. 26 ڏاتارُ تَه تُون، ٻيا مِڙُئِي مَڱِڻا، مِينهَن تَه مُدائِتا وَسِڻا، سَدا وَسِين تُون، جي گَهرُ اَچين مُون، تَه ميرِيائِي مانُ لَهان. 27 اُڀِريو تارو، اُٿِي وَرَ! وِهاڳُ ڏي، سَپَڙُ رِيسارو، چِتُ پَرِکي چارَڻِيين. وائي-1 ٻي دَرِ وانءُ مَ ڪيڏاهِين، اَلا! تُون ڄامَ مَڱِيندين مَڱڻا! ڦيرِ مَ هِنيُون، ڪَنڌُ، ڪِياڙِي، ٿِيندَءِ هاجَ هِئائِين، اَلا تُون ڄامَ مَڱِيندين مَڱڻا! ماڻِڪَ، موتِي، مالَ خَزينا، ڏيندُءِ ٻيلي سائِين، اَلا تُون ڄامَ مَڱِيندين مَڱَڻا! وِرِچِي تُون وِهاڳَ کان، مَتان ڏِيين پاهِين، اَلا تُون ڄامَ مَڱِيندين مَڱَڻا! دَرِ داتا مَڱُ مَڱڻا، انڌا! هوئِجِ اوڏاهِين، اَلا تُون ڄامَ مَڱِيندين مَڱَڻا! مُذَڪِّرَ! مَتان ڇَڏِيين، هَٿان هيڪَڙائِي، اَلا تُون ڄامَ مَڱِيندين مَڱَڻا! ٻِيُون ڏي ٻِينِ کي، سَمو کَڻُ سَوائِي،* اَلا تُون ڄامَ مَڱِيندين مَڱَڻا! ”اِنّ اللهَ وِترُ“ يُحبُّ الّوِتّرَ،“ وَحدَتَ واڳَ وِڌائِين، اَلا تُون ڄامَ مَڱِيندين مَڱَڻا! پنهنجي طَرَفِ پاڻَهِين، سائِلَ سَڏِيائين، اَلا تُون ڄامَ مَڱِيندين مَڱَڻا! جِتي جَوانَن کي، ڪوٺي ڪُٺائِين، اَلا تُون ڄامَ مَڱِيندين مَڱَڻا! اُتي عاشِقَنِ کي، اُلفَتَ اَهِنجُ ڏِنائِين، اَلا تُون ڄامَ مَڱِيندين مَڱَڻا! “اَلاِنّسَانُ سِرُّي وَانّا سِرّهُ” اِنَ پَرِ اُتائِين، اَلا تُون ڄامَ مَڱِيندين مَڱَڻا! ڳُجُهه ڳُجهاندَرَ ڳالِهِيُون، رازُ نَه رَکِيائِين، اَلا تُون ڄامَ مَڱِيندين مَڱَڻا! پَسو پينارَنِ کي، پَٽَ ۾ پاڻَ وِڌائين، اَلا تُون ڄامَ مَڱِيندين مَڱَڻا! اَدِيُون! عَبدُاللّطِيفُ چي، مُون سين مِهَرِ ڪِيائِين، اَلا تُون ڄامَ مَڱِيندين مَڱَڻا! وائي-2 وَڏَڙا ڏاڻَ ڏِنائِين، ڪِيائين رَختُ ريزالَنِ جو، اَنڌا مَنڊا آئِيا، سَخا سَڏِ وِڌائِين، ڪِيائِين رَختُ ريزالَنِ جو. ڪِينَ مَنجهان جو ڪِي ڪَري، سو نَه ساراهين سائِين! ڪِيائِين رَختُ ريزالَنِ جو. “وَتُعِزُّ مَنّ تَشَاءُ وَتُذِلُّ مَنّ تَشَاءُ” ايئين اُتائِين، ڪِيائِين رَختُ ريزالَنِ جو. نَوازِيائِين نطفو، مَنجهان ڪِينَ ڪِيائِين، ڪِيائِين رَختُ ريزالَنِ جو. حِرفَتَ حَرِيفَنِ جِي، ڀيري سَڀِ ڀڳائِين، ڪِيائِين رَختُ ريزالَنِ جو. حاسِدَ سَڀ حَسَدَ ۾، مُدَعِي پاڻَ مُٺائِين، ڪِيائِين رَختُ ريزالَنِ جو. اَدِيُون! عَبدُاللّطِيفُ چي، آهِه پاڻَ وَڻَندَڙُ سائِين، ڪِيائِين رَختُ ريزالَنِ جو.