ڏھر سر ڏھر داستان 1 مڪمل 1 ڪَرِ ڪي ڳالهڙِيُون، ڪَنڊا! ڍورَ ڌَڻِيَنِ جُون، ڪيئن سي راتَڙِيُون، ڪنهن پَرِ ڏينهن گُذارِئِين؟ 2 ڪَرِ ڪا ويهِي ڳالِ ڪَنڊا! ڍورَ ڌَڻينِ جِي، هِهَڙي اَڄُ حالِ، ڏُکيا ڏينهن گُذارِئِين! 3 ڪَنڊا! تو وَٽان، سَچُ ڪِ سيڻَنِ لَڏِيو؟ مَڃَرَ تو مَٿان، ڇَڻِيو پُونِ ڇُڳا ڪِيو! 4 جان تو هُئَڙو وَڍُ، ڪَنڊا! ڍورَ ڌڻيَنِ جو، پاڻان ڏيئِي ڏَڍ، مورِي مَڃَرَ نَه ڪَرِيين. 5 جان تو هُئَڙو سُورُ، ڪَنڊا! ڍورَ ڌَڻِيَنِ جو، مَٿي لامُنِ ٻُورُ، مورِي مَڃَرَ نَه ڪَرِيين. 6 ڪَنڊا! تُون ڪيڏو، جَڏَهِن ڀَرِيو ڍورُ وَهي؟ جَسودَنِ جيڏو، تو ڪو گڏيو پَهِيڙو؟ 7 سَچُ ڪِ سُڪو ڍورُ، ڪَنڌِيءَ اَڪَ ڦُلارِيا، جُنگَنِ ڇَڏِيو زورُ، سَرَ سُڪو سُونگِي گيا؟ 8 جَڏِهِن ڍاڳِي ڍورُ، ٻَئِي وَهَنِ ٻَلِيارَ ۾، تَڏهن تاجَڙُينِ طورُ، هئو جَسوڌنِ سين. 9 سُڪِي ڍورُ ڍَيُون ٿيو، ڪَنڌيءَ ڏنو ڪائو، پاڻي پَٽِيهَلَ ۾، اَڳِيُون نه آئو، ماڙهن ميڙائو، ڪِنهن ڪِنهن ڀيڻِيين. 10 ڍورُ نه اَڳِينءَ ڍارَ، مَهَندِ مَلاحَنِ لَکِيو، موڙي ڇوڙِيا مَڪُڙا، پَسِي پاڻِيءَ پارَ، جَسودَنِ جيها يارَ، پِيئَڙا وِيرَ وِماسَ ۾؟ 11 جان واهُڙَ ۾ وَهُه، تان تُون مَڇَ نه موٽيين، ڪائي ۾ ڪوهُه ڪَرِيين، پوءِ موٽَڻَ جو پَهُه؟ سِرَ مَٿي سَهُه، مَهِميزُون مَلاحَنِ جُون. 12 جان جَرُ هُئڙو جالَ، تان تُون مَڇَ نه موٽِيين، پُوندِيَئي اَڄُ ڪ ڪالَ، سانڀويُون سانگيَنِ جُون. 13 جان جَرُ هُئڙو سِيرَ، تان تُون مَڇَ نه موٽِيين، آڏا اَڏي ڪِيرَ، گَهٽَ به جَهلِيا گهاتُوئين. 14 مَتو آهِين مَڇَ، ٿُلهو ٿيو ٿُونا هَڻِين، جا تو ڏِٺِي اَڇَ، تنهن پاڻِيءَ پُنا ڏينهڙا. 15 ڏُوران پَسِي ڏورِ، وِھِين جي نه وِهِرِوُن ڪَري، هُوندَ نه پَئين هورِ، مانگرِياڻِي، مَڇَڙا! 16 جا تو گهيڙِي گهٽِ، مانگَرِياڻِي، مَڇَڙا! نيئِي پڇاڙيا پَٽِ، تنهن ڪَنڌِيءَ ڪَڍي ڪيتَرا. 17 ڪُنڍِي ڪَلِيُنِ وِچَ ۾، جَڏِهن هَنئِي جَنِ، موٽِي مُون پِريَنِ، ڪَڍَڻَ جِي ڪانَه ڪَئِي. 18 ڪُنڍِي ڪَلِيُنِ وِچَ ۾، جڏهن هَنيائون، موت نه مارِيائُون، ڏورِ ڏيئِي وِيا ڏُکَ جِي. داستان ٻيو مڪمل 1 مَدِيني جا مِيرَ، سُڻُ مُنهنجا سَڏِڙا، سَرَڻِ تنهنجي سِيرَ، تُون پارِ لَنگهايين پيئڙا. 2 مَدِيني جا ڌَڻِي، سُڻ منهنجا سَڏَڙا، تنهنجي آهِه تَڻِي، ٻِي ڪَنڌِيءَ سارِيان ڪانَه ڪا. 3 مَدِيني جا گهوٽَ، سُڻُ منهنجا سَڏِڙا، ڪِج مُحمّدُ موٽَ، عاصِي تنهنجي آسَري. 4 مَدِيني جا شاهَه، سُڻُ منهنجا سَڏِڙا، ڪارَڻِ لَڳ اَللهَ، سِگهو رَسِج سُپِرين! 5 مَدِيني جا شيرَ، سُڻُ منهنجا سَڏِڙا، ڀَرِ مُبارَڪَ پيرَ، عاصِي تنهنجي آسَري. 6 مَدِيني جا ڄامَ، سُڻُ منهنجا سَڏِڙا، آهيان تنهنجي سامَ، سِگهو رَسِج سيرَ ۾. 7 وَنءُ مَدِيني، مَڱِڻا! اَکِيُون پيرَ ڪَري، جِتي ماڻِڪِي محَمّدَ مِيرَ جي، جَرِڪِيو جوتِ ڪري، پَسِيو جوتِ جَمالَ جِي، جِتِ اُمِتَيَنِ نيڻ ٺَري، پِرِيتَئُون پيرُ ڀَري، ڪِج زيارت ذوقَ سين. 8 ڌَڻِي! سو وارِيئين واءُ، جو ميڙائو سَڄَڻين، وَھِي واٽَ مَٿانءُ، هِنئين آسَرَ مَ لَهي. 9 مَٿي واٽَڙِيَنِ، نيڻَ نِهارا مُون ڪِيا، وِيندا مانَ پَسَنِ، مَٿان سَڳَرَ سُپِرِين. 10 ڪيچِيَنِ ڪارَڻِ ڪالَ، نيڻَ نِهارا مون ڪِيا، اِيندا پَسان شالَ، اوٺِي آرِيءَ ڄامَ جا. 11 اوٺِيَنِ ڪارَڻِ اَڄُ، نيڻَ نِهارا مُون ڪِيا، پُنهُون ڄامَ پَهُڄُ، ته لاهِيُون اُڃَ اَکِيَنِ جِي. 12 نيڻَ جي نِهارِينِ، سي اَڄُ نه اوٺِي آئِيا، هَنجُون نه هارِين، پاڻِي پُنهُونءَ ڄامَ ري. 13 نيڻَ نِهاري مُنهنجا، روئِي ٿِيا رَتُ، پُنهُونءَ هوءِ پَهتُ، ته پارِي نِينِ پاڻَ سين. 14 نيڻَ نِهاري مُنهنجا، روئِي رَتُ ٿِيا، جي هَٿان هوتَ ويا، سي اَچَنِ تان آجِي ٿِيان. 15 نيڻَ نِهاري منهنجا، رَتُ ٿِيا روئِي، ڏُکَنِ جي ڏوئِي، آهي هَٿِ اَسونهَن جي. 16 اَڄُ اَڱڻُ ڪيڻانِ، آسَرَ لَڳِي سورِيان، ڏُونگَرِ ڏينهن لَڳانِ مانَ وَرِڪَنِ سُپِرِين. 17 ڏُونگَرِ لَڳَن ڏينهن، مانَ وَرِڪَنِ سُپِرِين، ڪِيَسِ نِماڻِي نِينهَن، آيَلَ! ٻروڇَنِ جي. 18 اَللهَ جيئن نالوءِ، تيئن مُون وَڏو آسَرو، خالِقَ تنهنجِي کاندِ جو، پَرو پاندُ نَه ڪوءِ، نالو رَبّ سَندوءِ، رَهِيو آهِمِ رُوحَ ۾. 19 صاحِبَ تُنهنجِي صاحِبِي، عَجَبُ ڏِٺِي سُون، پَنَ ٻوڙِين پاتالَ ۾، پَهَڻَ تارِين تُون، جيڪَرَ اَچِين مُون، ته ميرِيائِي مانُ لَهان. 20 صاحِبَ تنهنجِي صاحِبِي، عَجَبَ جِهَڙِي آهِه، وَڏِي سَگَهه سَندِياءِ، پاڻَ وَهِيڻو آهِيين. 21 وَڏِي سَگَهه سَندِياءِ، ٻاجُهنِ ڀَرِيو آهِيين، مون تان مِهِرَ مَ لاهِه، آئُون تنهنجِي آهِيان. 22 مِٺو جيئن نالوءِ، تيئن مُون وَڏو آسَرو، ڪو دَرُ ناهِه جِهوءِ، مُون ٻِيا دَرَ گَهڻا نِهاريا. 23 جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجَهه بِه اوڏِيائِي مَڱان، رِيءَ ٿَنڀين، رِيءَ ٿُوڻِيين، تُون ڇَپَرُ، تُون ڇانءُ، ڪُڄاڙو ڪَهانءُ؟ توکي مَعلُومُ سَڀِڪا. 24 مَ ڪَرِ ڍولَ ڍِلو، ناتو نِماڻيءَ سين، ڪونِهي ڪَمِيڻِيءَ جو، بِگَرِ تو بِلو، تُنهنجو نانءُ نِلو، وَٺِيو ويٺِي آهِيان. 25 سَتُرُ ڪَرِ سَتارَ! آئُون اُگهاڙِي آهِيان، ڍَڪِيين ڍَڪَڻَهارَ، ڏيئِي پاندُ پَناهه جو. داستان ٽيون 1 ڪَرِ ڪو ڀيرو ڪانڌَ، مُون نِماڻِيءَ جي نِجُهري، پِرِين تُنهنجي پاندَ، ڍولِيا! ڍَڪِي آهِيان. 2 جيئن تُون قائِمُ ڪانڌَ! تيئن آئُون وَرَ! وِلھِي نه ٿِيان، پَکي ڇِنا پاندَ، ڳَنڍُ نَه ڄاڻي ڪو ٻيو. 3 ڪانڌَ ٻِيُنِ ڪيتَرا، مُون وَرُ وڏِي وَٿُ، مَٿان ڏيئِي هَٿُ، جنهن عَيبَ منهنجا ڍَڪِيا. 4 ڪانڌَ ٻِيُن ڪيتَرا، مُون وَرُ وَڏِي جُوءِ، لوڪَ نَه آڇي اُوءِ، جي ڏِسي ڏوهَه اَکين سين. 5 ڪانڌَ ٻِيُنِ ڪيتَرا، مُون وَرُ وَڏِي کاندِ، پاڻان ڍَڪي پاندِ، جي ڏِسي ڏوهَه اَکين سين. 6 ڪانڌَ ٻِيُنِ ڪيتَرا، مُون وَرُ وَڏِي ذاتِ، لوڪَ نه آڻي واتِ، جي ڏسي ڏوهَه اَکين سين. 7 وَرَ سين وِجِهيو ڪاڻِ، کَرَ سين کِلَڻُ ڀانئِيين، ڀورِي مُنڌ اَڄاڻِ! ڪَڻَ ڇَڏِيو، تُهَه مِيڙيين. 8 سُتا اُٿِي جاڳُ، نِنڊَ نَه ڪجي ايتَرِي، سُلطانِي سُهاڳُ، نِنڊُنِ ڪَندي نه ٿِئي. 9 ڪِي سُمهُه، ڪِي جاڳُ، ننڊَ نه ڪِجي ايتَرِي، اِيءُ مانجهاندي جو ماڳُ، جو تو ساڻِيهُه ڀانئِيو. 10 جاڳَڻَ مَنجهان جَسُ، آهي اَدا! تنهن کي، لاهي جو، لَطِيفُ چئي، مَٿان قَلَبَ ڪَسُ، وَرَنهَ ڪِجان وَسُ، صُبُحَ ساڻُ، سَيّدُ چئي. 11 سُتي نه سَرَندِياءِ، ڪَرِ پَچارَ پِرِيَنِ، جِي، وِهامِي وِيندِياءِ، گَهڻا هَڻندين هَٿَڙا. 12 هي تان ٿورَڙِيُون، جي تُون ڀورا! پَسِي ڀُلِيين، راتِيُون ٻِيُون گَهڻِيُون، جي تو اِيندِيُون هيڪَلِيُون. 13 سُمَهڻان ساڙو، جيڏِيُون! جيڏِوئِي ٿِيو، پِرِيَنِ سين پاڙو، منهنجو نِنڊَ نِبيرِيو. 14 سُمَهَڻان ساڙو، جيڏِيُون! جيڏوئِي ٿِيو، هوتَ لَنگِهيا هاڙهو، تون اَناسِي اوجَهرِين. 15 پِرِهَه ڦُٽِي، راتِ گَئِي، جِهيڻا ٿيا نَکَٽَ، هارِي! وِيَئِي وَٽَ، گَهڻا هَڻندِينءَ هَٿَڙا. 16 پيئي جا پرڀاتِ، سا ماڪَ مَ پَسو ماڙُهئا! روئِي ڇُڙِي راتِ، ڏِسِي ڏُکويَنِ کي. 17 سَڄِيُون راتِيُون سُمهِي، ڇَڏِيَئِي پِيّ پَچارَ، ڀانَيَئِي سَڀِ ڄَمارَ، سَڄَڻَ هوندا مان گَهرين. 18 ڍولُ مَ کَڻي ٻانهَڙِي، پِرِھ مَ کَڻي پاندُ، آئُون پنهنجو ڪانڌُ، لوڪان لِڪِي رانّئِيان. 19 مُسَنِ مُنهَن سَنَرا، کَرِيا گَهڻو کِلَنِ، سي تان وِسَرِيَنِ، آيا جَنِ ڪَمَنِ کي. 20 ڦِرِيا پَسِي ڦِيڻُ، کَريَنِ کِيرُ نَه چَکِيو، دُنِيا ڪارَڻِ دِينُ، وِڃائي وِلَها ٿِيا. سر ڏھر داستان چوٿون مڪمل 1 روهِه راماڻا ڪَنِ، اَڄ پُڻِ هَلَڻَ هارِيُون، ڪَرڳَلُ ڪونجَڙِيَنِ، رائي ۾ راتَ ڪِيو. 2 وَڳَرُ اُڪِيرِي، سَرُ سارِيو، سُورَ چَري، جُهرِي جِهڄَندِي ڏي، سَنِيها کي سَڄَڻين. 3 وَڳَرُ وِساري، ويٺيين ڪيئن ماٺِ ڪَري، ڪِ تو نَه ماري، رُڻُ جُهڻُ سَندِي سَڄَڻين. 4 وَڳَرَ وِيا وَهِي، ڪالَهه تنهنجا ڪُونجَڙِي، ڪَندينءَ ڪوهُه رَهِي، سَرَ ۾ سُپِرِيَنِ ري؟ 5 وَڳَرَ ڪِيو وَتَنِ، پِرِتِ نَه ڇِنَنِ پاڻَ ۾، پَسو پَکِيَئڙَنِ، ماڙُهنِئان ميٺُ گَهڻو. 6 وَڏي وَڳَرَ هيرُئِين، چُڻي نه ٻِيَنِ گَڏُ، ڪُونجَ ڪَرِيندي سَڏُ، ويئِي وِهامِي راتَڙِي. 7 قِسِمَتَ آندِيُون ڪونجَڙِيُون، وَطَنُ سَندُنِ روهُه، ڪنهن جو ڪونهي ڏوهُه، رِزقُ رازِقَ هَٿَ ۾. 8 مَ لَنؤ ڪونجِي! ماٺِ ڪَرِ، چورِ مَ هِينئين چاڪَ، ڦَٽِيُون جي فِراقَ، سي گَهرِ گهارِيندِيُون ڪيتَرو؟ 9 مَ لَنؤ ڪونجِي! ماٺِ ڪَرِ، چورِ مَ هِنئين سَلَ، ڳوڙَها مَٿي ڳَلَ، جِمَ وِهاڻِيءَ وَهائِيين. 10 ڪونجَڙِي ڪالَهه لَنئِين، سَڄَڻ ويڌَمِ چِتِ، آئُون جنهن رِيءَ هِتِ، گَنگَهرَ گهارِيان ڏينهڙا. 11 اُتَرَ ڏي آلاپَ، ڪالَهانڪُون ڪُونجَ ڪَري، پِرِين پَسِي مَنجِهه خَوابَ، وِهاڻِيءَ وايُون ڪَري. 12 ڪُونجِيُون ٿِيُون ڪُڻُڪَنِ، جيڪُسِ هَلَڻَ هارِيُون، ٻَچا پوءِ اَٿَنِ، وَڃَنِ وانڌا ڪَندِيُون. 13 آيُون ڍورَ ڍَرِي، اَصُلَ سَندي آسَري، کَنڀَر ڀُونءِ کَرِي، پاڻا پيرَ ڏُکويا پَکَڻين. 14 آيُون اَڳِيئن هيرَ، اَصُلَ سَندي آسَري، پِڙَ ۾ پَسان نَه پيرَ، سيڻَنِ ساجُهرُ لَڏِيو. 15 وَڳَرَ ۾ وائِي، ڪالَهه تنهنجي ڪُونجَڙِي! سَرَ ۾ سارِينَئِي گَهڻُو، ڀينَرُ ۽ ڀائِي، پَسِين نه ڦاهِي، جا مارِيءَ سَندي مَنَ ۾. 16 ڪُونجَ نَه پَسِين ڪَکَ، ڍَٻُ جنهن سين ڍَٻِيو، مارِيءَ ماري لکَ! وَڳَرَ هَڻِي ويڇُون ڪِيا. 17 ڪُونجَ نَه لَکِيو ٻاڻُ، جو مارِيءَ سَندي مَن ۾، اوچِتي پَرِياڻَ، وَڳرَ هَڻي ويڇون ڪِيا. 18 بَغَلَ مَنجِهه بَندوقَ، مارِيءَ ميرا ڪَپِڙا، ماريو مِيرَ مَلُوڪَ، لَتاڙِيو لَڪَ چَڙهي. 19 مارِي مَرِين شال! ڍَٻَ وَڃَنَئِي ڍَٻِيُون، جيئن تو اَچِي ڪالَ، وِڌو وِچُ وِرِهَنِ کي. 20 چيتا ڪِيو چُڻيجِ، بَڊاماڻِيءَ بُٺِ ۾، نيڻين نِنڊَ مَ ڏيجِ، ڇيڙون ڇَپَرِ آئِيُون. 21 سَنگهارَنِ ساري، ساٿِي! ڏيجِ سَنِيهَڙا، سا هيڪَلِي گهارِي، مُنڌَ ڪاڇي ڪَنڌِيين. 22 ڪيرَ ڪَرِيندِي رِيسَ، آيَلِ! سَنگهارَنِ سين؟ جَنين جي خَمِيسَ، واريُون واري ڇَڏِيُون. 23 ڪاڇي ڪاهِيائُون، سَچُ ڪِ سَنگهارَنِ لَڏِيو؟ مُون تَنُ مارِيائُون، پاڻان وِجِهي گوندَرين. 24 ڪاڇي پيئِي ڪُوڪَ، سَچُ ڪِ سَنگهارَنِ لَڏِيو؟ مادَرِ اوءِ مَلُوڪَ، اُٺي وِيئڙا اُڪِرِي. 25 ڪاڇو ۽ ڪوهِيارُ، ڏُونگَرُ سَندُنِ ڏيهَڙو، ساجُهرُ نهِي بارُ، ڪوهُه نَه وِئين اُنِ سين؟ 26 جِيئَنِ سي سَنگهارَ، اَجهي جَنِ جي گهارِيان، مانَ لَهَنِئُون سارَ، وچ وِلھين ڏينهَنڙين. 27 ڌَڻُ ڌارَڻُ، ڌارَ رَهَڻُ، اِيءُ نه سَنگهارَنِ سِٽَ، ڪاهي اِيندا ڪَڏَهِين، مَٿي وانڍِ وَهِٽَ، جي هاڻُو هُونِئي مِٽَ، تَه بِه اُڊو لاهه مَ اُنِ جو. 28 جِهڄان پَسِي جهوڪ، آيَلِ سنگهارَنِ جِي، جَنِ ٿي پَيّ پِيارِيو، مَنجهان مَٽنِ موڪَ، لَڏي وِچان لوڪَ، اُٺي وِيا اُڪِرِي، 29 جهوڪُون نَه جُهڻِڪَنِ، وَڳَ نَه پَسان وَٽِ ۾، آيَلِ سَنگهارَنِ، جيڪُس چِٽاڻو چِتِ ڪِيو. 30 جي ڀانيين وَسَ چَران، تَه سَنگهارَنِ سين لَڏِ، ته هاڃي سَندِي هَڏِ، ڪُوڪَ نه سُڻِين ڪَڏِهِين. 31 مَنڌِيُون مَٽِ گُڙَنِ، جهوڪَ بِه سُونهَنِ پَهِيَڙا، سَندِي سَنگهارَنِ، جُوءِ جِيارين جَڏَڙِيين. 32 ڀُورِيين پاند ٽِمَنِ، جَڳر جهاڳي آئِيُون، ڪاڇو مينهِڙيَنِ، مُندائِتو ماڻِيو. 33 راءَ سين رُٺا جي، تَنِ جاڙيجَنِ جاڙَ ڪِي، ڪيئن ماڻيندا سي، چوڏَهَن چارو ڪَڇَڙو؟ 34 جاڳو جاڙيجا، سَما سُکِ مَ سُمهو، پَسو، آن پارِيا، لاکو ٿو لُوڙِيُون ڪَري. 35 ڀُڄئان ڀُلِي پيرُ،، وِڌو راءَ رِڪابَ ۾، ڪَڇَ رَهَندو ڪيرُ، لاکو لوڙائُن سين؟ 36 ٽاٽونڪِينَ پَلاڻَ، سَدا هَڻَنِ کَرِکَرا، لاکي لوڙائُنِ جا، اِهَڙائِي اُهڃاڻَ، ڏيئِي تَنگَنِ تاڻَ، ڪُوڪَ ڪارِيندا ڪَڇَڙي. 37 لَکِي ۽ لاکو، ٻَئِي مُئا، ٻاجَهه ٿِي، قادِرَ لاٿو ڪَڇَ تان، اَدِيُون! اولاڪو، وانڍِيَنِ ۾ واڪو، ريٻارِي رَهِي وِيا. 38 ريٻارَڻِ! رِيجهاءِ، لاکو لولاٽِيَنِ سين، سائُو مانَ سَندِياءِ، ٺَٺُ مَٽائي ٺاڪُرو. 39 ريٻارِڻَ روئِي، واڙي وِڌا وَڇَڙا، سَمورا سوئِي، هَڻِي هِتان ساٿَ وِيو. 40 رَڙي ريٻارَڻِ، روءِ، اُڀِي ڍَنگَھرَ جَھلَ، ڀَري هِتان ڀَلَ، ڪيتَريُون ڪاهي وِيا! 41 رَڙي ريٻارَڻ، روءِ، اُڀِي ڍَنگَهرَ ڍارَ، وَڃَنِ اَڄُ وَڳَ هَنيو، سُيئَمِ جي سُوارَ، ڪاڇي ٻِنَهِي پارَ، ڌاڪو هِنِ جو دِسِيين. 42 رَڙي ريٻارَڻِ روءِ، واڙي پايو وَڇَڙا، کَرا ويڻَ کَنگهارَ کي، چَنچلُ اُڀِي چوءِ، واڙي وَڇُ نَه ڪوءِ، لاکو لوڙائُنِ سين. 43 لاکا لَکَ سُڄَنِ، ڦُلاڻِيءَ ڀيرُ ٻِيو، جنهن ڀَرِ راڻا، راڄِيا، ڪوٽَنِ مَنجِهه ڪَنبَنِ، جنهن جو جاڙيجَنِ، سُتي سَنچو نَه لَهي. 44 لاکا لَکَ هُئا، ڦُلاڻِيءَ ڀيرُ ٻِيو، آجا اوڏَ ٿِيا، پَلئہ لَڳي جنهن جي. 45 لاکو لَکِيءَ تي چَڙهي، لَکِي لاکي هيٺِ، سونَهرِيون سر ڪِيو، ڀيڙئو ٻَڌي بيٺِ، ڪَندو ڏَمَرُ ڏيٺِ، صُباحَ ساڻُ سَڀِڪَنهِين. 46 اَڏِيو جو اوڏَنِ سو ڍَنگَهر ڍِلو مَ ٿِئي، جنهن ڀَرِ وِيهِي ڪَنِ، ليکو لاکي ڄامَ سين. 47 لاکي لَڄَ کَنئِي، اَسان اوڏَڙِيَنِ جي، ڪَندو ڪانَه ٻِي، اَڳِ وسوڙهَلَ آهِيُون. 48 لاکا لَڄَ سَندِياءِ، اوڏِ اَگَلِي آهِيان، پَکا سي پَرِتاءِ، جي اَجهي تنهنجي اَڏِيا. 49 اَڏيندي اوڏَنِ، لَڏَڻَ جي ڪانَه ڪِي، لاکو مَٿان تَنِ، اوچِتوئِي آئِيو. 50 اَڏي اَڏي اوڏَ، ڇَڏي وِيا ڀيڻيُون، ٽِڪاڻا ۽ ٽولَ، پِيا آهِنِ پَٽَ ۾. 51 ڇِنَلَ ڇَڄَ هَٿَنِ ۾، ڪُلَهنِ ڪوڏارا، پورهِئي خاطِرِ پانهنجي، اُٿَنِ سَوارا، اوڏَ بِه ويچارا، لاکا! وَڃَنِ لَڏِيو. 52 ڪَڏهن مَڙهُه مُقامَ ۾، ڪَڏِهن ڳاڙهو گهوٽُ، سَندو وارِيءَ ڪوٽُ، اَڏي اَڏِبو ڪيتَرو؟ وائي هي سَڀِ هَلَڻِ هارا، ڪونَه رَهندو ڪو هِتِ، جيڏِيُون! اَڏِيا رَهندا اِتَهِين، هي سَڀِ ماڳَ موچارا، ڪونَه رَهندو ڪو هِتِ، جيڏِيُون! جَن کي بادشاهِيُون بُلَندُ هُيُون، سي وِيا ڇَڏي ويچارا، ڪونَه رَهندو ڪو هِتِ، جيڏِيُون! ڪُلُ نَفَسِ ڏائِقہُ المَوتِ، سَمجِهجِ اِهي اشارا، ڪونَه رَهندو ڪو هِتِ، جيڏِيُون! داڙُو دَڙِي اُنَهِين نه بَخشائِيندو بَدڪارا، ڪونَه رَهندو ڪو هِتِ، جيڏِيُون! اَلا!عَبدُاللّطِيفُ چئي، اُتِ سَتُرُ ڪِجِ ستارا! ڪونَه رَهندو ڪو هِتِ، جيڏِيُون!