• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شاهه جي لفظن ۾“ء” عمزه جي “ي” ۾ تبديلي

صراط بلوچ

سينيئر رڪن
شاهه جي لفظن ۾“ء” عمزه جي “ي” ۾ تبديلي
صراط بلوج
اسان اڄ هن تحرير ۾ شاهه جي اهڙن لفظن جو جائزو وٺنداسين جنهن جي“ء” کي موجود لکت ۾ “ي” ۾ تبديل ڪري لکيو وڃي ٿو. ان جي لاءِ اسان شاهه جي ڪلام مان جيڪو پهريون لفظ کڻون ٿا اهو آهي لفظ “ڪِئا” جنهن کي موجوده لکت ۾ “ڪيا” لکيو ۽ ان مطابق اچاريو پڻ وڃي ٿو.
مثال طور هن بيت کي ڏسون ٿا،
وَحۡدَهُ جي وَڍِيا/وڍِئا، ڪِيا/ڪِئا اِلَااللهُ اَڌَ،
سَي ڌَڙَ پَسِي سَڌَ، ڪِنهن/ڪہ اَڀاڳِيءَ نه ٿئي.
هن بيت ۾ لفظ “ڪيا” موجوده لکت مطابق “ڪ ي ا” سان آهي جڏهن ته ان کي پراڻي لکت ۾ “ڪ ء ا” “ڪئا” لکيو ويندو هو. ان لفظ کي دستخطي رسالن ۾ ۽ موجوده ڇاپي رسالن جهڙوڪ، محترم گربخشاني، شاهواڻي ۽ بلوچ صاحب جي رسالن ۾ پراڻي لکت مطابق “ڪِئا” لکيو ويو آهي.
ان ئي بيت ۾ ٻيو لفظ “وَڍِيا” آهي ان جي پراڻي صورت وڍِئا آهي.
پراڻي لکت مطابق “ء” جيڪو موجوده لکت ۾ تبديل ٿي “ي” ٿيو آهي يا لکيو وڃي ٿو اهڙن مختلف لفظن جا مثال بيتن جي نشاندهي سان گڏ؛
1. اولئو/اوليو
2. ورسئا/ورسيا
3. ڪئو/ڪيو
4. گڏئو/گڏيو
5. نڱئو/نڱيو
6. رسئو/رسيو
7. ٿئو/ٿيو
8. ڪوٺئو/ڪوٺيو
9. آڻئو/آڻيو
10. ڪڍئا/ڪڍيا
11. ٿئا/ٿيا
12. پئا/پيا
13. وئا/ويا
14. چڙهئا/چڙهيا
15. چاڙهئا/چاڙهيا
بيتن جي نشاندهي
1. اولئو/اوليو معنيٰ ويو(تَڏِهۡن مَنجهان تَنِّ اَوَتَڙِ ڪونه اولِيو/اولئو.) ڪلياڻ داستان 1
2. ورسئا/ورسيا معنيٰ گمراهه ٿيا(ِٻيائِيءَ کي ٻَکُ جَنِّ وِڌو سي وِرَسِيا/ورسئا) ڪلياڻ داستان 1
3. ڪئو/ڪيو ڪري ڇڏيو(موليٰ ڪئو/ڪيو معمور، انگ ازل ۾ ان جو) ڪلياڻ داستان 1
4. گڏئو/گڏيو معني گڏ ٿيو، گڏجي ويو(هنيون حقيقت گڏئو/گڏيو، طريقت تورين.
5. نڱئو/نڱيو معنٰي نڪتو(سَلِج تنهن/تہ سُلُوڪُ، جو ناقِصِئا نِڱَيو/نڱئو) ڪلياڻ داستان 1
6. رسئو/رسيو معني پهتو (اگهِي اَگهائِي، رنج پريان کي رسئو/رسيو) ڪلياڻ داستان 2
7. ٿئو/ٿيو(سوريءَ سڏ ٿيو، ڪا هلندي جيڏيون؟) ڪلياڻ داستان 2
8. ڪوٺئو/ڪوٺيو معني سڏيو (ڪوٺئو/ڪوٺيو ڪناري، آڻيو ڇاڙهي ان کي) ڪلياڻ داستان
9. 2
10. آڻئو/آڻيو(ڪوٺئو/ڪوٺيو ڪناري، آڻيو/آڻئو ڇاڙهي ان کي) ڪلياڻ داستان 2
11. ڪڍئا/ڪڍيا معني ڪڍيا، ڪڍيائون، ظاهر ڪيائون(جهُ ڪاتَ ڪُلاڙَنِ ڪڍئا/ڪَڍِيا، ته موٽِيو پوءِ وَڃَنِّ) ڪلياڻ داستان 2
12. ٿئا/ٿيا معنيٰ ٿي ويا، بڻجي ويا( هيڪائي هيڪ ٿئا/ٿيا، احد سين عالم) ڪلياڻ داستان 1
13. پئا/پيا معنيٰ پئجي ويا(عاشق عبدالطيف چئي، انهيءَ پهه پئا/پيا.) ڪلياڻ داستان 1
14. وئا/ويا معني هليا ويا(هٿ ڪارايون آڱريون وئا/ويا ڪپجي ڪانهن) ڪلياڻ داستان 1
15. چڙهئا/چڙهيا معني سوار ٿيا، سفر لاءِ هليا(چنڊ وهاڻيءَ چڙَهئا/چڙهيا، مل مدينئان گهوٽ) ڪيڏارو داستان 2
16. چاڙهيا/چاڙهئا معني چڙهياسين، سوار ڪيا(اسان اُڌارا آڻي آونگ چاڙهئا/چاڙهيا) سامونڊي داستان 3 (هڙ ۾ ڪين هئونِ هونهئين هن نه چاڙهئا/چاڙهيا) سر سامونڊي 3
مٿين سڀني مثالن تي جڏهن غور ڪبو ته
پهريون نمونو ئو/يو جو آهي مطلب ته “ء” يا “ي؟ بعد اهڙن لفظ ۾ آخري اکر “و” جو آيل آهي
1. اولئو/اوليو
2. ورسئا/ورسيا
3. ڪئو/ڪيو
4. گڏئو/گڏيو
5. نڱئو/نڱيو
6. رسئو/رسيو
ٻيو نمونو ئا/يا جو آهي مطلب ته “ء” يا “ي” بعد لفظ ۾ آخري اکر الف جو آيل آهي.
1. ٿئا/ٿيا
2. پئا/پيا
3. وئا/ويا
4. چڙهئا/چڙهيا
5. چاڙهئا/چاڙهيا
ڪجهه وڌيڪ لفظ “ء/ي و” جي نموني جا
وڍئو/وڍيو - ڪلياڻ داستان 2
سکئو/سکيو - ڪلياڻ داستان 2
وٺئو/وٺيو - ڪلياڻ داستان 2
پسئو/پسيو - ڪلياڻ داستان 2
موٽئو/موٽيو - ڪلياڻ داستان 2
ٻئو/ٻيو - ڪلياڻ داستان 2
سلاڙئو/سلاڙيو - ڪلياڻ داستان 2
پڇئائون/پڇيائون - ڪلياڻ داستان 3
ڏسئائون/ڏسيائون - ڪلياڻ داستان 3
وارئو/واريو - يمن ڪلياڻ داستان 1
مارئو/ماريو - يمن ڪلياڻ داستان 1
ڳولئو/ڳوليو - يمن ڪلياڻ داستان 1
ڪئائون/ڪيائون – يمن ڪلياڻ داستان 2
ڪڍئو/ڪڍيو - يمن ڪلياڻ داستان 2
ورچئو/ ورچيو - يمن ڪلياڻ داستان 2
ڪپئو/ڪپيو - يمن ڪلياڻ داستان 3
ٺرئو/ٺريو - يمن ڪلياڻ داستان 3
ڇمڪئو/ڇمڪيو - يمن ڪلياڻ داستان 3
ڪجهه وڌيڪ لفظ “ء/ي ا” جي نموني جا
لڏئا/لڏيا ڪلياڻ داستان 2
ڇڏئا/ڇڏيا ڪلياڻ داستان 2
پڇئائون/پڇيائون ڪلياڻ داستان 3
ٻئا/ٻيا ڪلياڻ داستان 3
واڍوڙئا/واڍوڙيا ڪلياڻ داستان 3
ڪانارئا/ڪاناريا يمن ڪلياڻ داستان 1
چڪئا/چليا يمن ڪلياڻ داستان 1
نهارئا/نهاريا يمن ڪلياڻ داستان 1
گڏئا/گڏيا يمن ڪلياڻ داستان 2
مڙئا/مڙيا يمن ڪلياڻ داستان 3
لچئا/لچيا يمن ڪلياڻ 3
رکئا/رکيا يمن ڪلياڻ 3
اُپٽئا/اپٽيا يمن ڪلياڻ داستان 4
مارئا/ماريا يمن ڪلياڻ داستان 4
وهاٽئا/وهاٽيا يمن ڪلياڻ داستان 4
گهرئا/گهريا يمن ڪلياڻ داستان 4
ڳنڱاٽئا/ڳنڱاٽيا يمن ڪلياڻ داستان 4
پئان/پيان يمن ڪلياڻ داستان 6
اڳئان/اڳيان يمن ڪلياڻ داستان 6
نوازئا/نوازيا يمن ڪلياڻ داستان 8
سنوارئا/سنواريا يمن ڪلياڻ داستان 8
 
Back
Top