• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شاهه جي ٻولي سبق پهريون سوالن جوابن ۾

صراط بلوچ

سينيئر رڪن
سوال 1: سنڌي ٻولي جي هر اکر جا ڪيترا آواز هوندا آهن؟
جواب- سنڌي ٻولي جي هر اکر جا بنيادي 10 آواز هوندا آهن جيڪي هيٺ ڏجن ٿا؛
اَ اِ اُ آ او اَو اُو اي اَي اِي

سوال 2: الف وارا آواز گهڻا آهن.
جواب؛ ڪنهن به اکر جو الف وارو صرف هڪڙو آواز هوندو آهي جيڪو سنڌي جي 52 اکر مان ڪنهن به اکر سان گڏجي پنهنجو آواز ٺاهي ٿو.
مثال؛ آ با تا سا
سوال 3_ سنگل آواز لکو.
جواب؛ اَ اِ اُ

سوال 4؛ ڪنهن به اکر جي ڊبل آوازن جو تعداد ڪيترو آهي؟
جواب؛ ڪنهن به اکر جي ڊبل آوازن جو تعداد 7 هوندو آهي
مثال: آ او اَو اُو اي اَي اِي

سوال5؛ الف جا اهي آواز ٻڌايو جنهن ۾ زبر جو استعمال ٿئي ٿو.
جواب؛ اَ اَي اَو

سوال 6؛ ي ڪيترا آواز ٺاهي ٿي؟
جواب؛ ي ڪنهن به اکر سان ملي ڪري ٽي آواز پيدا ڪري ٿي
مثال؛ اي اَي اِي

سوال 7- و جي خالي آواز جو مثال ٻڌايو.
او

سوال 8- زير ڪيترن آوازن ۾ اچي ٿي.
جواب؛ ٻن آوازن ۾ اچي ٿي مثال
اِ اِي
سوال 9- ب جا بغير اعرابن/حرڪتن وارا آواز لکو.
جوان؛ با بي بو

سوال 10- هيٺين بيت ۾ آوازن جو مطالعو ڪريو.

حَبِيبُ ئِي هادِي، ٿِيو، رَهنُما راحَتَ
پِيڙا نِيائِين پاڻُ سِين، لائي ڏيئِي لَتَ،
سُپيرِيان صِحَتَ، ڏِنِيَمِ منهنجا ڏُکَندي
بيت ۾؛

سوال؛ اهو ڪهڙو لفظ آهي جنهن ۾ 3 سنگل آواز آيل آهن؟
جواب؛ صِحَتِ
سوال؛هڪڙي آواز وارو لفظ ڪهڙو آهي؟
جواب؛ ئِي
سوال؛ چئن سنگل آوازن وارو لفظ ڪهڙو آهي؟
جواب؛ ڏِنِيَمِ
سوال؛ سٽ ٻئين ۾ اهي لفظ ڪهڙا آهن جيڪي ٻن ڊبل آوازن تي مشتمل آهن.
جواب؛ پِيڙا، لائِي، ڏيئِي
سوال؛ لفظ سين ڪهڙن آوازن تي مشتمل لفظ آهي؟
جواب؛ هڪ آواز تي
سوال؛ لفظ ڏکندي ۾ ڪل ڪيترا آواز آهن؟
جواب؛ 3 ڏَ+کَن+دي
سوال؛ سنڌي جي بنيادي ڏهن آوازن جي تقسيم



سنڌي جي بنيادي ڏهن آوازن جي تقسيم
اَ اِ اُ آ او اَو اُو اي اَي اِي

آوازن جي لکت ۾ نشاندهي
1- اَ اِ اُ سنگل آواز
2- آ او اَو اُو اي اَي اِي ڊبل آواز
3- آ الف جو آواز
4- او اُو اَو و وارا
5- اي اَي اِي ي وارا
6- آ اي او اعرابن کان خالي آواز
7- اَ اَي اَو زبر جا آواز
8 اِ اِي زير جا آواز
9- اُ اُو پيش جا آواز
 
Back
Top