شاهه جي ٻولي سبق ٻيون سوالن جوابن ۾

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏28 نومبر 2022۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سوال1؛ ن غنه جا ڪيترا آواز هوندا آهن؟
    جواب؛ ن غنه جا ڪل 10 آواز هوندا آهن
    اَن اِن اُن آن اون اَون اُون اين اَين اِين
    سوال2؛ ن غنه ڪيترا ڊبل آواز ٺاهي ٿي؟
    جواب؛ ن غنه ٽي ڊبل آواز ٺاهي ٿي، سنڌي ٻولي جي بنيادي ٽن سنگلن آوازن اَ اِ اُ سان گڏجي ڊبل آواز ٺاهي ٿي.
    مثال؛ اَ+ن سان اَن – اِ+ن سان اِن – اُ+ن سان اُن
    سوال3؛ ن غنه ڪيترا ٽرپل آواز ٺاهي ٿي؟
    جواب؛ ن غنه ڪل 7 ٽرپل آواز ٺاهي ٿي، سنڌي جي ستن ڊبل آوازن سان گڏجي ٽرپل آواز ٺاهي ٿي.
    مثال؛
    آ او اَو اُو اي اَي اِي مان آن اون اَون اُون اين اَين اِين
    سوال4؛ اهي آواز لکو جنهن ۾ و کان بعد ن غنه اچي ٿي.
    جواب؛ اون، اَون، اُون
    سوال5؛ ن غنه جي آوازن جا ڪيترا قسم آهن
    جواب؛ ن غنه جا ٻه قسم آهن،
    پهريون ڊبل - اَن اِن اُن
    ٻيون ٽرپل - آن اون اَون اُون اين اَين اِين
    هيٺين بيت ۾ آوازن جو مطالعو ڪريو.
    پُچُ پَتَنگَنِ کي، سَندِيُون کامَڻَ خَبَرُون،
    آڻِيو وِجهَنِ آڳ ۾، جِيءَ پنهنجو جي،
    جيري جَنِين جي لَڳا، نيزا نِينهُن جا.
    سوال؛ بيت ۾ موجود (اِين ا زير ن) آواز رکندڙ لفظ لکو.
    جَنِين، نِينهُن بيت جا هي ٻه لفظ اهڙا آهن جنهن ۾ نه غنا جي اِين پيٽرن وارا آواز موجود آهن، جَنِين ۾ نِين ۽ نِينهُن ۾ به نِين.
    سوال؛ بيت ۾ ن غنه جا ڊبل آواز ڪيترا موجود آهن؟
    جواب؛ بيت ۾ نه غنه جا ڊبل 5 آواز موجود آهن.
    سوال؛ بيت ۾ ڪل ن غنه جا آواز ڪيترا آهن؟
    جواب؛ بيت ۾ ڪل 9 نه غنه جا آواز موجود آهن؟
    سوال؛ بيت جا اهي لفظ لکو جن ۾ ن غنه آيل آهي.
    جواب؛ پَتَنگَنِ، سَندِيُون، خَبَرُون، پنهنجو، جَنِين،نِينهُن
    سوال؛ جنهن جنهن لفظ ۾ ن غنه آيل آهي انهن جا آواز الڳ الڳ ڪري لکو.
    پتنگن، پَ تَن گَ نِ
    سَندِيُون، سَن دِ يُون
    خَبَرُون، خَ بَ رُون
    پنهنجو، پَن هَن جو
    جَنِين، جَ نِين
    نِينهُن نِين هُن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو