موضوع؛ بيت ۽ ڪافيو سوال1؛ شاهه جي شاعري ڪهڙن صنفن تي آڌاريل آهي؟ جواب؛ شاهه جي شاعري بيتن ۽ وائين تي آڌاريل آهي. سوال2؛ بيت ڇا کي چئبو آهي؟ جواب؛ بيت ڪلاسيڪل سنڌي شاعري جو هڪ قسم آهي جنهن ۾ شروعاتي طور تي ٻه سٽون هونديون هيون پوءِ وقت سان گڏ سنڌي بيت ۾ سٽن جو اضافو ٿيندو رهيو آهي. بيت ۾ هر هڪ سٽ جا ٻه حصا هوندا آهن ۽ هر حصي کي پد يا چرڻ چيو ويندو آهي. سنڌي بيت جي هر هڪ سٽ ۾ قافيو لازمي موجود هوندو آهي. مثال طور؛ وَحۡدَهُ جي وَڍِيا، ڪِيا اِلَااللهُ اَڌَ، سَي ڌَڙَ پَسِي سَڌَ، ڪہ اَڀاڳِيءَ نه ٿئي هي بيت ٻن سٽن جو آهي. هن جا چار پد آهن ۽ هر هڪ سٽ ۾ قافيو پڻ موجود آهي پهرين سٽ جو قافيو “ اَڌَ ” ٻئين سٽ جو قافيو “ سَڌَ ” پهريون پد- وَحۡدَهُ جي وَڍِيا ٻيون پد- ڪِيا اِلَااللهُ اَڌَ، ٽيون پد- سَي ڌَڙَ پَسِي سَڌَ، چوٿون پد- ڪہ اَڀاڳِيءَ نه ٿئي. سوال3؛ قافيا ڇاکي چئبو آهي؟ جواب؛ قافيا هم آواز لفظن کي چيو ويندو آهي. مثال طور ؛ “ اَڌَ ” - “ سَڌَ ” “ٻوڙا” - “گهوڙا” - “ڳوڙها” “وِيءُ” - هِيءُ” - “پِيءُ” سوال4؛ قافيو بيت ۾ ڪهڙي جاءِ تي آيل هوندو آهي؟ جواب؛ بيت ۾ قافيه جون ٻه جايون هونديون آهن هر هڪ سٽ جي يا ته پهرين پد جي آخر ۾ يا ته ٻئي پد جي آخر ۾ قافيو آيل هوندو آهي. سوال5؛ پد جي سڃاڻپ ڪيئن ٿيندي آهي؟ جواب؛ هر هڪ سٽ ۾ جيئن ته ٻه پد هوندا آهن تنهن ڪري گهڻو ڪري پهرين پد کان پوءِ ڪامه جي موجودگي هوندي آهي. جنهن مان معلوم ٿيندو آهي ته هي پهريون پد آهي ۽ ڪامه بعد ٻيو پد مثال طور؛ وَحۡدَهُ جي وَڍِيا، ڪِيا اِلَااللهُ اَڌَ، سَي ڌَڙَ پَسِي سَڌَ، ڪہ اَڀاڳِيءَ نه ٿئي ٻنهي سٽن جي پهرين پد/حصي بعد ڪامه جي موجود آهي. سوال6؛ هيٺين بيت سان لاڳو سوالن جا جواب ڏيو. مُحَرمُ موٽِي آئِيو، آئِيا تان نَه اِمامَ، مَدِيني جا ڄامَ، مولا! مُون کي ميڙِيين! سوال1؛ بيت جا قافيا ڪهڙا آهن؟ جواب؛ امام ۽ ڄام سوال2؛ پهرين سٽ جي قافيه جي جاءِ ڪهڙي آهي؟ جواب؛ پهرين سٽ جو قافيو سٽ جي آخر ۾ يا ائين چئبو ته ٻئين پد جي آخر ۾ آيل آهي. سوال3؛ ٻئين سٽ جو قافيو ڪٿي موجود آهي؟ ٻئي سٽ جو ڪافيو سٽ جي وچ ۾ يا ائين چئبو ته ٻئين سٽ جي پهرين پد جي آخر ۾ آيل آهي. سوال4؛ ڄام قافيو بيت جي ڪهڙي پد ۾ آهي؟ جواب؛ ڄام قافيو بيت جي ٽئين پد جي آخر ۾ آيل آهي. سوال5؛ پهرين سٽ جي قافيه واري لفظ امام ۾ آواز ڪيترا آهن؟ جواب؛ امام ۾ ڪل ٽي آواز آهن ا+ما+م سوال6؛ ٻئين سٽ جي قافيه واري لفظ ڄام ۾ گهڻا آواز آهن؟ جواب؛ ڄام ۾ ٻه آواز آهن ڄا+م سوال7؛ بيت جا قافيه ڪيترن آوازن تي مشتمل آهن؟ جواب؛ بيت جا قافيه ٻن آوازن وارا آهن.