سر ڪلياڻ داستان ٻيون سٽ وار ترتيب

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏28 نومبر 2022۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سر ڪلياڻ داستان ٻيون
    ٻه سٽا 11
    ٽي سٽا 18
    چار سٽ 3
    ٽوٽل 32

    ٻه سٽا بيت
    ٽوٽل بيت 11
    1
    1
    اگهِي اَگهائِي، رَنجُ پِرِيان کي رَسِيو،
    چَکِيَمُ چَڱائِي، سُورانگَهي سُورِيءَ تان.
    ٻسٽ سورٺو
    2
    3
    سُورِيءَ سَڏُ ٿِيو، ڪا هَلَندِي جيڏِيُون؟
    وَڃَڻُ تَنِ پِيو، نالو نِيهُه ڳِنَنِ جي.
    ٻسٽ سورٺو
    3
    7
    سُورِيءَ مَٿي سيڻَ، ڪِهَڙي ليکي سَنَرا!
    جيلَہ لڳا نيڻَ، تي سُورِيائِي سيڄَ ٿِي.
    ٻسٽ سورٺو
    4
    8
    سُورِيءَ چڙهُڻ، سيجَ پَسڻُ، اِيُّ ڪَمُ عاشِقَنِ
    پاهُون ڪِينَ پَسَنِ، سائُو هَلَنِ سامُهان.
    ٻسٽ دوهو سورٺو
    5
    12
    ڪاتِيءَ تِکِي مَ ٿِئي(ٿيي)، مَرُ مُنِيائِي هوءِ،
    مانَ وَرمَنِ توءِ، مُون پرِيان جا هَٿَڙا.
    ٻسٽ دوهوسورٺو
    6
    13
    ڪاتِي جا قَرِيبَ جِي، سا هَڏَ چِيري چَمُ،
    عاشِقَنِ پنهنجو اَڱُ، اَلله(للهُ) ڪارَڻِ وَڍِيو
    ٻسٽ دوهو سورٺو
    7
    15
    جان وَڍِين تان ويہُ، نه ته وَٺِيو واٽَ وانءُ تُون،
    هِيءُ تَنِين جو ڏيهُه، ڪاتِي جَنِين هَٿَ ۾
    ٻسٽ سورٺو
    8
    26
    سِرَ جُدا، ڌَڙَ ڌارَ، دوڳَ جَنِين جا ديڳِ ۾،
    سي مَرُ ڪَنِ پَچارَ، حاضِر(هڪيا) جَن جي هَٿَ ۾.
    ٻسٽ سورٺو
    9
    27
    ديڳيين دوڳَ ڪَڙَهَنِ، جِتِ ڪڙِيين ڪَڙَڪونه لَهي،
    تَتي، طَبِيبَنِ, چاڪَ چِڪَندا ڇَڏيا.
    ٻسٽ سورٺو
    10
    28
    سِسِي سي گُهرَنِ, جي واٽِندَڙَ وِچَ ۾،
    اُوءِ ڪِي ٻيو پُڇَنِ، سَرو جَنِ سَنباهِيو؟
    ٻسٽ سورٺو
    11
    32
    مُلِھه مَهانگو قَطَرو، سِڪَڻُ شَهادتَ،
    اَسان عِبادتَ، نَظَرُ نازُ پرِينِ جو.
    ٻسٽ دوهوسورٺو

    ٽي سٽا
    ٽوٽل 18
    1
    2
    اَنڌا اُونڌا ويڄَ! کَلَ ڪُڄاڙِيا کانئِين؟
    اسان ڏُکِي، ڏِيل ۾، تُون پيارِئين پيڄَ!
    سُورِي جَنِينِ سيڄَ، مَرَڻُ تَنِ مُشاهِدو.
    ٽسٽ دهو ميل( سورٺو وچ دوهو)
    2
    4
    سُورِي سَڏُ ڪَري، اُڀِي عاشِقَنِ کي
    جي اَٿِئِي سَڌَ سِڪَڻُ ۾، ته ڪَوءُ مَ، پيرُ پري
    سِسِي ڌارَ ڌري، پُڇج پوءِ پِرِيتَڻُون
    ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو)
    3
    5
    سُورِي آهِ سينگارُ، اَڳِهِين عاشِقَنِ جو،
    مُڙڻُ موٽَڻُ مِيهڻو، ٿِيا نِظاري نِرَوار،
    ڪُسَڻُ جو قَرارُ، اَصُلِ عاشقن کي.
    ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو)
    4
    6
    سُورِي سِينگاري، اَصُلِ عَاشِقَنِ کي،
    لُڏِيا ڪِينَ لَطِيفُ چئي(چي)، ٿِيا نيزي نِظاري
    ڪوٺِيو ڪِناري، آڻِيو چاڙهي اُنِ کي
    ٽسٽ سورٺو ميل (سورٺو وچ دوهو)
    5
    9
    سُورِيءَ تي سَئووارَ، ڏِهاڙِيو چَنگِ چَڙهين،
    جِمَ وِرچِي ڇَڏِئين، سِڪَڻُ جِي پَچارَ،
    پِرَتِ نه پسِين پارَ، نينهن(نيہُ) جِئان ئِي(جئَائِين) نِڱِيو.
    ٽسٽ سورٺو ميل (سورٺو وچ دوهو)
    6
    10
    پهرِين ڪاتِي پاءِ، پُڇج پوءِ پِرِيتَڻو،
    ڏُکُ پِريان جو ڏِيلَ ۾، واڄَٽَ جِيئن(جِيَ) وَڄاءِ،
    سِيخُنِ ماهُ پَچاءِ، جي نالو ڳِيَڙُءِ نينهن جو.
    ٽسٽ سورٺو ميل (سورٺو وچ دوهو)
    7
    11
    ڪاتِيءَ ڪونهي(ڪونہ) ڏوهُ، ڳَنُ وڍِيندڙَ هَٿَ ۾،
    پَسيو پَرِ عَجِيبَ جِي، لِچِيو وَڃي لوهُ،
    عاشِقَنِ اَندوهُ، سَدا مَعشُوقَنِ جو.
    ٽسٽ سورٺو ميل (سورٺو وچ دوهو)
    8
    14
    جي تو سِڪَڻُ سِکِيو، ته ڪاتِيءَ پَئي مَ ڪِنجُهه
    سُپيرِيان جي سُورَ جو، ماڙَهُنِ ڏجي نه مَنجُهه
    اَندَرِ اِيءُ اَهنجُ، سانڍِجِ سُکائُون ڪري.
    ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو)
    9
    16
    ڪاتِي جَنِّ ڳَري، مان لَنوءُ لَڳو تَنِ سين،
    مُحَبَتَ جي مَيدانَ ۾، وَڃان پيرَ ڀَري
    اَڏِيءَ سِرُ ڌري، مانَ ڪُهَنِئُون سُپِرِين
    ٽسٽ سورٺو ميل (سورٺو وچ دوهو)
    10
    19
    جي اَٿيئي (اَٿِي) سَڌَ سُرڪَ جِي، ته وَنءُ ڪلاڙڪي هَٽِ،
    لاهي رَکُ لطيف چَئي، مَٿو ماٽي وَٽِ،
    سِرُ ڏيئِي ۾ سَٽِ پِيج ڪي پِيالِيون.
    ٽسٽ دهو سورٺو(دوهو اڌ سورٺو)
    11
    20
    جي اَٿيئِي سَڌَ سُرَڪَ جِي، ته وَنءُ ڪلاڙڪي ڪُوءِ،
    مَهيسَرَ جي مَنڌَ جِي، هُتِ هَڏهِين هُوءِ،
    جان رَمزَ پَرُوڙِيَم رُوءِ، تان سِرَ وَٽِ سُرڪِي سَڳُڻِي.
    ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو)
    12
    21
    جي اٿيئِي سِڪَ سُرَڪَ جِي، ته وَنءُ ڪلاڙڪي ڳَرِ
    وَڍَڻُ، چِيرَڻُ، چِچِرَڻُ، پَهَتِ اُنِيۡن جِي پَرِ،
    جي وَٽِي پُويئي وَرِ، ته سَهَنگِي آهِ سَيِّدُ چَئي
    ٽسٽ دهو ميل(دوهو اڌ سورٺو)
    13
    22
    ناڻي ناهِ ڪَڪُوهُ، ڪِي(ڪِيۡن) مُلھه(مُلِ) مهانگو(مَهنگو) مَنڌُ،
    سَنباهِجُ، سَيِّدُ چَئي، ڪاٽَڻَ ڪارَڻِ ڪَنڌُ،
    هِيءُ تَنِين جو هَنڌُ، مَٽَنِ پاسِ مَرَنِ جي.
    ٽسٽ دوهو ميل (دوهو اڌ سورٺو)
    14
    24
    مَ ڪَرِ سَڌَ سَري جِي، جي تون ٽارِيين ٽُوهُ،
    پِيتي جنهن پاسي ٿِئي، مَنجهان رَڳُنِ رُوحُ،
    ڪاٽي چَکُ ڪَڪُوهُ، لاهي سِرُ، لطيفُ چَئي.
    ٽسٽ دهو ميل(دوهو اڌ سورٺو)
    15
    25
    سَڌَڙِيا سَري جُون(جيون)، ڪُہُ پَچارُون ڪَنِّ؟
    جهُ ڪاتَ ڪُلاڙَنِ ڪَڍِيا، ته موٽِيو پوءِ وَڃَنِّ،
    پِڪُون سي پِيَنّ، سِرَ جَنِ(جَنِين) جا سَٽِ ۾.
    ٽسٽ دهو ميل (دوهو اڌ سورٺو)
    16
    29
    اَصُلِ عاشِقَ پنهنجي(پاهِجِي)، سِسِي نه سانڍِينِ،
    لاهِيو سِرُ لطيفُ چَئي، ساهُ سلاڙِيو ڏينِ،
    ڪُلنِئُون ڪاٽِين، پُڇَنِ پوءِ پِرِيتَڻُون.
    ٽسٽ دهو ميل (دوهو اڌ سورٺو)
    17
    30
    اَصُلِ عاشِقَنِ جو، سِرُ نه سانڍڻُ ڪَمُ،
    سُؤ سِسِنِئان اَڳَرو، سَندو دوسان دَمُ،
    هِيءُ هَڏو ۽ چَمُ، پِڪَ پِرِيان جِي نه پَڙي.
    ٽسٽ دهو ميل (دوهو اڌ سورٺو)
    18
    31
    جي مَٿي وَٽِ مِڙَنِ، ته سڀ ڪنهن(سڀڪهم) سَڌَ ٿِئي،
    سِرَ ڏِني سَٽِ جُڙي، ته عاشقَ اِيئن(اِيَ) اَچَنِ،
    لِڌا تي لَڀَنِ، مُلھهِ مَهانگا سُپِرِينِ.
    ٽسٽ سورٺو ميل (سورٺو وچ دوهو)

    چار سٽا
    ٽوٽل 3
    1
    17
    اَڳِيان اَڏِينِ وَٽِ، پويَنِ سِرَ سَنباهِيا،
    ڪَاٽِ ته پوين(پوءِ) قَبُولَ ۾، مَڇُڻَ ڀائِين(ڀايين) گَهٽِ،
    مَٿا مُهايَنِ جا، پيا نه ڏِسِين پَٽِ؟
    ڪَلاڙڪي هَٽِ، ڪُسَڻُ جو ڪوپُ وَهي.
    چسٽ دهو ميل (سورٺو دهو، دوهو سورٺو)
    2
    18
    جي اَٿيئي(اَٿِي) سَڌَ سُرڪَ جِي، ته وَنءُ ڪلاڙَنِ ڪاٽي،
    لاهي رَکُ، لَطِيفُ چَئي، مَٿو وَٽِ ماٽي،
    تِڪُ ڏيئي پِڪَ پِيءُ، تُون گهوٽَ مَنجهان گهاٽي،
    جو وَرَنَہَ وِهاٽي، سو سِرَ وَٽِ سَرو سهانگو(ساهنگو).
    چسٽ دهو ميل(دوهو، دوهو سورٺو)
    3
    23
    عاشِقَ زَهرُ پِياڪَ، وِهُ ڏسِي(پسيو) وِهُسَنِ گهڻو،
    ڪڙي ۽ قاتِلَ جا، هميشه هيراڪَ،
    لَڳيَنِ لَنوءُ، لطيفُ چَئي، فَنا ڪِيا فِراقَ،
    توڻي چِڪَنِنِ چاڪَ ته به(تَپِ) آهَ نه سَلَنِ عامَ کي.
    چسٽ سورٺو ميل(سورٺو دهو، دوهو سورٺو)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو