سر ڪلياڻ داستان 3 سٽ وار ترتيب

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏28 نومبر 2022۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سر ڪلياڻ داستان ٽيون
    ٻه سٽا 8
    ٽي سٽا 9
    چار سٽ 4
    ٽوٽل 21
    ٻسٽ
    1
    2
    هَڏِ نه وَڻي هاڻِ مُون، ويڄَنِ جِي وِصالَ،
    هِنَّ منهنجي حالَ، حَبِيبُ، ئِي هادِي ٿِيو.
    ٻسٽ دوهو سورٺو
    2
    7
    سوئِي راهَ رَدِّ ڪري، سوئِي رَهَنُماءُ،
    وَتُعِزُّ مَنۡ تَشَآءُ، وَتَذِلُّ مَنۡ تَشَآءُ.
    ٻسٽ دوهو سورٺو
    3
    9
    سِڪِين ڪُہَ سَلامَ کي، ڪَرِين ڪُہَ نه سَلامُ؟
    ٻيا دَرَ تنِّ حَرامُ، اِيُ دَرُّ جَنِين ديکِيو.
    ٻسٽ دوهو سورٺو
    4
    10
    مِٺايان مِٺو گَهڻو، ڪَڙو ناهِ ڪَلامُ،
    سُڪُوتُ ئِي سَلامُ، پِرِيان سَندي پارَ جو.
    ٻسٽ دوهو سورٺو
    5
    11
    پِرِيان سَندي پارَ جِي، مِڙَئِي مِٺائِي،
    ڪانهي ڪَڙائِي، چَکِين جي چيتُ ڪري.
    ٻسٽ دوهو سورٺو
    6
    12
    ڄاڻِي ٻُجِهي جَنِ، توسِين سُورَ سَڃَ ڪِي
    تون ڪيئن سَندِيون تَنِ، پَرَ سين پَچارُون ڪَرين.
    ٻسٽ سورٺو
    7
    14
    حَبِيبَنِ هيڪارَ، مَنجهان مِهرَ سَڏُ ڪِيو،
    سو مُون سَڀَ ڄمارَ، اورَڻُ اُهوئِي ٿِيو.
    ٻسٽ سورٺو
    8
    19
    ڪُهَنِّ تان ڪَرَ لَهَنِّ، ڪَرَ لَهَنِ تان ڪُهَنِّ،
    سيئِي، ماءِ! مُهَنِّ، سيئِي راحَتَ رُوحَ جِي.
    ٻسٽ دهو سورٺو
    ٽسٽ
    1
    1
    اُٿِياري اُٿِي وِيا، مَنجهان مُون آزارَ،
    حَبِيبَ ئِي هَڻِي وِيا، پِيڙا جِي پَچارَ،
    طَبِيبَنِ تَنوارَ، هَڏِ نه وَڻي هاڻِ مُون.
    ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو)
    2
    3
    حَبِيبُ ئي هادِي، ٿِيو، رَهنُما راحَتَ
    پِيڙا نِيائِين پاڻُ سِين، لائي ڏيئِي لَتَ،
    سُپيرِيان صِحَتَ، ڏِنِيَمِ منهنجا ڏُکَندي
    ٽسٽ دهو ميل(دوهو اڌ سورٺو)
    3
    4
    اَورِ ڏُکَندو اوُ ٿِيئي، هادِي جنهن حَبِيبُ،
    تِرُ تَفاوَتُ نه ڪَري، تِنهن کي ڪو طَبِيبُ،
    رَهَنُمَا رَقِيبُ، ساٿَرِ صِحَتَ سُپِرِين.
    ٽسٽ دهو ميل(دوهو اڌ سورٺو)
    4
    13
    تو جَنِين جِي تاتِ، تَنِّ پُڻِ آهي تنهنجِي،
    فَاذۡکُرُوۡنِي اَذۡکُرُکُمۡ، اِيَّ پَرُوڙِج باتِ،
    هَٿِ ڪاتِي ڳُڙُ واتِ، پُڇَڻُ پَرِ پِريَنِ جِي.
    ٽسٽ سورٺو ميل (سورٺو وچ دوهو)
    5
    15
    پاٻوهي هيڪارَ، مُون کان پُڇِيو سَڄَڻين،
    اَلَسۡتُ بِرَبِکُمۡ، چَيائُون جنهن وارَ،
    سَندِي سُورَ ڪِنارَ، تَنَ تَڏاهَڪُون نه لَهي.
    ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو)
    6
    17
    ڪوٺي ڪُهي سُپِرِين، ڪوٺي ڪُهَڻَ ساڻُ،
    نيزي هيٺان نِينهن جي، پاسي ڪَرِ مَ پاڻُ،
    ڄُلُ، وِڃائي ڄاڻُ، عاشڙقَ! اَجَلَ سامُهون.
    ٽسٽ دهو ميل(دوهو اڌ سورٺو)
    7
    18
    ڪوٺَڻُ قَرِيبَنِ جو، عينُ تَڙَڻُ آهِ،
    اِيءُ اُلٽڙي ڳالَهڙِي، سِڪَ وَرَندِي ساهِ،
    آسَرَ هَڏِ مَ لاهِ، ڇِنَڻُ ڳَنڍَڻُ اُنهَنِ (اُنِ) جو.
    ٽسٽ دهو ميل(دوهو اڌ سورٺو)
    8
    20
    ڪُهي سو ڪَرَ لَهي، ڪوٺي سو قَرِيبُ،
    اِها عادَتَ سِکِيو، هَر زَمانُ حَبِيبُ،
    تِڇي سو طَبِيبُ، سوئِي راحَتَ رُوحَ جِي.
    ٽسٽ دهو ميل(دوهو اڌ سورٺو)
    9
    21
    ڪُهَنِّ ۽ ڪوٺِينِ، اِيءَ پَرِ سَندِي سَڄَڻين،
    سُورِي چاڙِهِيو سُپِرِين، ڏَنبَ ڏِيهاڻِي ڏِين،
    ويٺا وِرهُ وَٽِينِ، آءُ واڍوڙِيا وِهاءِ تُون.
    ٽسٽ دهو ميل( دوهو اڌ سورٺو)
    چسٽ
    1
    5
    ساٿَرِ صِحَتَ سُپِرِين، آهي نه آزارُ،
    مَجَلِسُ وَيرَ مِٺو ٿِيئي، ڪوٺِيندي قَهارُ،
    خَنجَرُ تنهن خوبُ هڻي، جنهن سين ٿِيئي يارُ،
    صاحِبُ رَبُّ سَتَّارُ، سوجهي رَڳُون ساهَ جِيُون.
    چسٽ دهو ميل(دهو، دهو سورٺو)
    2
    6
    رَڳُون ٿِيُون رَبابُ، وَڄَنِ ويلَ سَڀَ ڪَنهِين،
    لُڇَڻُ ڪُڇَڻُ نه ٿِيو، جانِبُ ري جَبابُ،
    سوئِي سَنڌِيندُم سُپِرِين، ڪِيَسِ جنهن ڪَبابُ،
    سوئِي عينُ عَذابُ، سوئِي راحَتَ رُوحُ جِي.
    چسٽ سورٺو ميل(سورٺو دوهو، دوهو سورٺو)
    3
    8
    پَرِ ۾ پُڇِيائُون، عِشَقَ جي اَسَبابَ کي،
    دارُون هِنَ دَرَدَ جو، ڏاڍو ڏَسِيائُون،
    آخِرُ والۡعَصرَ جو، اِيهِين اُتائون
    تِهان پوءِ آئُون، سِڪان ٿِي سَلامَ کي.
    چسٽ سورٺوميل(سورٺو دوهو، دهو سورٺو)
    4
    16
    پاٻوهِيو پُڇَنِّ، ڪِٿي هَٿُ حبِيبُ جو؟
    نيزي هيٺان نِينهن جي، پاسي پاڻَ نه ڪَنِّ،
    عاشِقَ اَجَلَ سامُهان، اُنچي ڳاٽِ اَچَنِّ،
    ڪُسَڻُ قُرَبُ جَنّ، مَرَڻُ تَنّ مُشاهِدو.
    چسٽ سورٺو ميل( سورٺو دوهو، دهو سورٺو)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو