صراط بلوچ
سينيئر رڪن
سر ڪلياڻ ٻه سٽا بيت ۽ انهن جا قِسم
تحقيق ۽ ترتيب؛ صراط بلوچ
غلام محمد شاهواڻي واري رسالي تحت
1
وَحۡدَهُ جي وَڍِيا، ڪِيا اِلَااللهُ اَڌَ،
سَي ڌَڙَ پَسِي سَڌَ، ڪِنهن(ڪہ) اَڀاڳِيءَ نه ٿئي.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل (ڪ1-بيت 12)
2
وَحۡدَهُ لَا شَرِيۡڪَ لَہُ ِايُّ هيڪَڙائِيءَ حَقُّ،
ٻِيائِيءَ کي ٻَکُ، جَنِّ وِڌو، سي وِرَسِيا
ٻسٽ دوهو ميل(ڪ16-بيت 12)
3
پاڻَهِين پَسي پاڻَ کي، پاڻهِين مَحَبُوبُ،
پاڻهِين خَلقي خُوبُ، پاڻهِين طَالِبُ تَنِّ جو.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل(ڪ1-بيت 20)
4
سو هِيءُ، سو هُو، سواَجلُ، سو اَللهُ
سو پِرِين، سو پَساهُ، سو ويرِي، سو واهَرُو
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل(ڪ1-بيت 21)
5
پَڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائِيءَ جو جي لَهِين،
هُئا اڳِهِين(اڳهم) گڏُ، ٻُڌڻَ ۾ ٻه ٿِيا.
ٻسٽ سورٺو (ڪ1-بيت 22)
6
ايڪُ قَصَرُ، دَرَ لَکَ، ڪوڙين ڪَڻِسِ ڳِڙکِيُون،
جيڏانهن ڪَرِيان پَرکِ، تيڏانهن صاحِبُ سامُهون.
ٻسٽ سورٺو (ڪ1-بيت 23)
7
اگهِي اَگهائِي، رَنجُ پِرِيان کي رَسِيو،
چَکِيَمُ چَڱائِي، سُورانگَهي سُورِيءَ تان.
ٻسٽ سورٺو (ڪ2-بيت 1)
8
سُورِيءَ سَڏُ ٿِيو، ڪا هَلَندِي جيڏِيُون؟
وَڃَڻُ تَنِ پِيو، نالو نِيهُه ڳِنَنِ جي.
ٻسٽ سورٺو(ڪ2-بيت 3)
9
سُورِيءَ مَٿي سيڻَ، ڪِهَڙي ليکي سَنَرا!
جيلَہ لڳا نيڻَ، تي سُورِيائِي سيڄَ ٿِي.
ٻسٽ سورٺو(ڪ2-بيت 7)
10
سُورِيءَ چڙهُڻ، سيجَ پَسڻُ، اِيُّ ڪَمُ عاشِقَنِ
پاهُون ڪِينَ پَسَنِ، سائُو هَلَنِ سامُهان.
ٻسٽ دوهو سورٺو(ڪ2-بيت 8)
11
ڪاتِيءَ تِکِي مَ ٿِئي(ٿيي)، مَرُ مُنِيائِي هوءِ،
مانَ وَرمَنِ توءِ، مُون پرِيان جا هَٿَڙا.
ٻسٽ دوهوسورٺو(ڪ2-بيت 12)
12
ڪاتِي جا قَرِيبَ جِي، سا هَڏَ چِيري چَمُ،
عاشِقَنِ پنهنجو اَڱُ، اَلله(للهُ) ڪارَڻِ وَڍِيو
ٻسٽ دوهو سورٺو(ڪ2-بيت 13)
13
جان وَڍِين تان ويہُ، نه ته وَٺِيو واٽَ وانءُ تُون،
هِيءُ تَنِين جو ڏيهُه، ڪاتِي جَنِين هَٿَ ۾
ٻسٽ سورٺو(ڪ2-بيت 15)
14
سِرَ جُدا، ڌَڙَ ڌارَ، دوڳَ جَنِين جا ديڳِ ۾،
سي مَرُ ڪَنِ پَچارَ، حاضِر(هڪيا) جَن جي هَٿَ ۾.
ٻسٽ سورٺو(ڪ2-بيت 26)
15
ديڳيين دوڳَ ڪَڙَهَنِ، جِتِ ڪڙِيين ڪَڙَڪونه لَهي،
تَتي، طَبِيبَنِ, چاڪَ چِڪَندا ڇَڏيا.
ٻسٽ سورٺو(ڪ2-بيت 27)
16
سِسِي سي گُهرَنِ, جي واٽِندَڙَ وِچَ ۾،
اُوءِ ڪِي ٻيو پُڇَنِ، سَرو جَنِ سَنباهِيو؟
ٻسٽ سورٺو(ڪ2-بيت 28)
17
مُلِھه مَهانگو قَطَرو، سِڪَڻُ شَهادتَ،
اَسان عِبادتَ، نَظَرُ نازُ پرِينِ جو.
ٻسٽ دوهوسورٺو(ڪ2-بيت 32)
18
هَڏِ نه وَڻي هاڻِ مُون، ويڄَنِ جِي وِصالَ،
هِنَّ منهنجي حالَ، حَبِيبُ، ئِي هادِي ٿِيو.
ٻسٽ دوهو سورٺو(ڪ3-بيت 2)
19
سوئِي راهَ رَدِّ ڪري، سوئِي رَهَنُماءُ،
وَتُعِزُّ مَنۡ تَشَآءُ، وَتَذِلُّ مَنۡ تَشَآءُ.
ٻسٽ دوهو سورٺو(ڪ3-بيت 7)
20
سِڪِين ڪُہَ سَلامَ کي، ڪَرِين ڪُہَ نه سَلامُ؟
ٻيا دَرَ تنِّ حَرامُ، اِيُ دَرُّ جَنِين ديکِيو.
ٻسٽ دوهو سورٺو(ڪ3-بيت 9)
21
مِٺايان مِٺو گَهڻو، ڪَڙو ناهِ ڪَلامُ،
سُڪُوتُ ئِي سَلامُ، پِرِيان سَندي پارَ جو.
ٻسٽ دوهو سورٺو(ڪ3-بيت 10)
22
پِرِيان سَندي پارَ جِي، مِڙَئِي مِٺائِي،
ڪانهي ڪَڙائِي، چَکِين جي چيتُ ڪري.
ٻسٽ دوهو سورٺو(ڪ3-بيت 11)
23
ڄاڻِي ٻُجِهي جَنِ، توسِين سُورَ سَڃَ ڪِي
تون ڪيئن سَندِيون تَنِ، پَرَ سين پَچارُون ڪَرين.
ٻسٽ سورٺو(ڪ3-بيت 12)
24
حَبِيبَنِ هيڪارَ، مَنجهان مِهرَ سَڏُ ڪِيو،
سو مُون سَڀَ ڄمارَ، اورَڻُ اُهوئِي ٿِيو.
ٻسٽ سورٺو(ڪ3-بيت 14)
25
ڪُهَنِّ تان ڪَرَ لَهَنِّ، ڪَرَ لَهَنِ تان ڪُهَنِّ،
سيئِي، ماءِ! مُهَنِّ، سيئِي راحَتَ رُوحَ جِي.
ٻسٽ دهو سورٺو(ڪ3-بيت 19)