درياهه سنڌ هن سان شامل ٿيندڙ نديون ۽ درياهه

'مختلف موضوع' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏29 نومبر 2022۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سنڌو درياهه جي ڊيگهه اٽڪل 3180 ڪلوميٽر آهي جنهن جي ميلن ۾ ماپ تقريبا 1800 ميل ٿئي ٿي. هي چين جي علائقي تبت ۾ منسرور ڍنڍ کان 30 ڪلوميٽر پري ڪيلاش جبل جي برفاني پاڻي ذريعي پنهنجي شروعات ڪري ٿو.
    ڪيلاش کان نڪرندڙ هيءُ درياهه جمون و ڪشمير جي علائقي لداخ ۾ هڪ ننڍي جاءِ تي داخل ٿئي ٿو، جنهن کي “ڊم چيڪ” سڏيو وڃي ٿو.
    لداخ ۾ سنڌو دريا کي “سنگهه کب” نالي سان سڏيو ويندو آهي. سنگهه جي معنيٰ آهي “شير” ۽ کب جو مطلب “وات” آهي.
    هن نديءَ جا سڄي پاڪستان ۾ مختلف نالا آهن. هي جن ڳوٺن کي سيراب ڪندي ۽ پنهنجي پيرن تي خوشحالي آڻيندي گذري ٿو، اتان جا رهواسي کيس پيار ۽ شڪرگذاريءَ سبب مختلف نالا ڏين ٿا.
    مثال طور پشتو ۾ ان کي “ابا سين” يعني دريائن جو پيءُ، سنڌ ۾ “مهراڻ” ۽ “سنڌو درياهه” جي نالن سان سڏيو وڃي ٿو.
    پاڪستان ۾ سنڌو درياهه جي داخلا گلگت بلتستان مان ٿئي ٿي. پاڪستان ۾ داخلا بعد سنڌو درياهه سڀ کان پهرين جيڪو دريا اچي ڇوڙ ڪري ٿو ان جو نالي شيوڪ درياهه آهي. 30 ڪلوميٽر اڳتي وڃي اسڪردو شهر جي ويجهو شيگر نديءَ پڻ سنڌو ۾ اچي گڏجي ٿي. ائين سنڌو جو سفر جاري و ساري رهي ٿو اڳتي هلي هندو ڪش جي ڇانوَ ۾ گلگت درياهه پڻ هن سان اچي گڏجي ٿو. ان بعد وري نانگا پربت مان نڪرندڙ استور درياهه به سنڌو سان گڏجي وڃي ٿو.
    مٿاهين جبلن مان جيئن سنڌو درياهه هيٺاهين ۾ داخل ٿئي ٿو ته تربيلا وٽ هڪ وڏي ديوار ٺاهي ان کي ڊيم ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. جنهن کي تربيلا ڊيم چيو وڃي ٿو. ٿورو اڳتي هلي ڪابل درياهه اٽڪ وٽ جرنيلي روڊ وٽ سنڌو سان اچي گڏجي ٿو. ائين ئي سنڌو درياءَ جو سفر پوٽوهاري جبل واري علائقي کان ٿي ڪري ڪالا باغ تائين وڃي ٿو. ڪالاباغ اهو هنڌ آهي جتان سنڌو درياهه جو جبل وارو سفر ختم ٿي ميداني سفر شروع ٿئي ٿو.
    ڪالا باغ جي جاءِ تي ئي سوان ندي سنڌو درياهه سان ملي ٿي. اتان کان اڳتي، الهندي طرف کان ڪرم نديءَ اچي هن سان ملي ٿي. اڳتي هلي، جبل سليمان مان نڪرندڙ گومل درياهه سنڌو درياهه ۾ ملي ٿو. مظفر ڳڙهه کان ٿورو اڳتي هلي پنجند واري جاءِ وٽان پنجاب جا پنج ئي درياهه جهلم، چناب، راوي، ستلج، بياس، سنڌو درياهه ۾ سمائجي وڃن ٿا.
    سنڌ ۾ گڊو وٽان سنڌو درياهه ڏکڻ طرف وهي ٿو. سکر شهر جي وچ ۽ لاڙڪاڻي ۽ موئن جي دڙي جي اوڀر مان لنگهندي، سيوهڻ جي ٽڪرين تائين پهچي ٿو. حيدرآباد جي پاسي کان لنگهندي ۽ ٺٽي کان اوڀرندي، ڪيٽي بندر وٽ ڪيترن ئي ننڍين شاخن ۾ ورهائجي، عربي سمنڊ ۾ چوڙ ڪندو هو پر هن وقت ڪوٽڙي بعد سال جا اڄ مهينا سنڌو درياهه ۾ صرف واري ئي واري اڏامندي نظر اچي ٿي.
    دنيا جي وڏن درياهن ۾ نيل ۽ سنڌو درياءَ اهي نديون آهن جيڪي پنهنجي پاڻيءَ سان وڏي مقدار ۾ واري ۽ زرخيز مٽي کڻي اچن ٿيون، پر سنڌو درياهه جي پاڻيءَ ۾ واري ۽ مٽيءَ جو مقدار نيل ندي جي مقابلي ۾ ٽي ڀيرا وڌيڪ ٻڌائي وئي آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو