• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سر ڪلياڻ 3 سٽا بيت سندن قسمن سميت

صراط بلوچ

سينيئر رڪن
سر ڪلياڻ ٽي سٽا بيت ۽ انهن جا قِسم
تحقيق ۽ ترتيب؛ صراط بلوچ
غلام محمد شاهواڻي واري رسالي تحت
1
وَحۡدَهُ لَا شَرِيۡڪَ لَہُ جان ٿو چَئِين اِيئن(اِيَ)،
تان مَڃ مُحَمَّدُ ڪارَڻِي، نِرتُون مَنجهان نِيهَن(نيهَه)،
تان تُون وَڃِيو ڪِيئن(ڪِيَ)، نايين سِرُ ٻِيَنِ کي.
دهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 1-5
2
وَحۡدَهُ لَا شَرِيۡڪَ لَہُ، جَڏِهۡن چَيو جَنِّ
تَنِّ مَڃِيو مُحَمَّدُ ڪارَڻِي، هيجان ساڻُ هِنيَئنِ،
تَڏِهۡن مَنجهان تَنِّ اَوَتَڙِ ڪونه اولِيو.
دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 1-6
3
وَحۡدَهُ لَا شَرِيۡڪَ لَہُ ، جَنِّ اُتوسين اِيمانَ،
تَنِّ مَڃِيو مُحَمَّ‍دُ ڪَارَڻِي، قَلبَ ساڻُ لِسانَ،
اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمانَ، اَوَتَڙِ ڪِنهن نه اولِيا.
دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 1-7
4
اَوَتَڙِ ڪِنهن نه اوليا، سُتَڙِ وِيا سالِمَ،
هيڪائِي هيڪُ ٿِيا، اَحَدَ سين عالِمَ،
بي بَها بالِمَ، آڳي ڪِيا اَڳَهِين.
دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 1-8
5
آڳي ڪِيا اَڳَهِين، نِسورو ئِي نُورُ،
لَا خَوفُ عَلَّيۡهِمۡ وَلَا هُمۡ يَحۡزَنُوۡنَ، سَچَنِ ڪونَهي سُورُ،
موليٰ ڪِيو مَعمُورُ، اَنگُ اَزَلَ ۾ اُنِ جو.
دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 1-9
6
سِرُ ڍُونُڍِيان، ڌَڙُ نه لَهان، ڌَڙُ ڍونُڍِيان، سِرُ ناهِه،
هَٿَ ڪَرايُون آڱرِيُون، وِيا ڪَپَجِي ڪانہِه،
وحدتَ جي وِهانءِ، جي وِيا، سي وَڍِيا.
دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 1-13
7
وَحۡدَهُ لَا شَرِيۡڪَ لَہُ، ٻُڌءِ نه ٻوڙا،
ڪي(ڪِ) تو ڪَنين نه سُئا، جي گَهٽَ اَندَر گهوڙا،
ڳاڙِيندِين(ڳاڙيندهَ) ڳوڙَها، جِتِ شاهِدَ (ٿِيندَئِي)ٿِيندَءِ سامُهان.
دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 1-14
8
وَحۡدَهُ لَا شَرِيۡڪَ لَہُ، اِيُّ وِهائِج وِيُّ،
کَٽين يا(جي) هارائين، هَنڌُ تُنهنجو(تهجو) هِيُّ،
پاڻهان(پاڻا) چُوندَئِي(چُندءِ) پِيءُ، ڀَرَي جامُ جَنَّتَ جو.
دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 1-15
9
عاشق چَئو مَ اُنَ کي، مَ ڪِي چَئو مَعشُوقُ،
خالِقُ چَئو مَ خامَ تُون، مَ ڪِي چَئو مَخَلُوقُ،
سَلِج تنهن(تَهِن) سُلُوڪُ، جو ناقِصِئا نِڱَيو.
دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 1-17
10
وَحۡدَتان ڪَثرتَ ٿِي، ڪَثَرتَ وَحۡدَتَ ڪُلَّ،
حَقُّ حقِيقِي هيڪَڙو، ٻولِيءَ ٻِيءَ مَ ڀُلُّ،
هُو هُلاچو هُلُّ، بِااللهِ سَندو سَڄَڻين.
دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 1-18
11
ڪوڙين ڪايائون تُنهنجيون(تهجيون)، لِکَن لَکَ هَزارَ،
جِيءُ سَڀِ ڪنهن جِيءُ سين، دَرسَنُ ڌارو ڌارَ،
پرِين(پِريم)، تنهنجا پارَ، ڪِهَڙا چَئِي ڪِيئن(ڪِيءَ) چُوان.
دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 1-24
12
اَنڌا اُونڌا ويڄَ! کَلَ ڪُڄاڙِيا کانئِين؟
اسان ڏُکِي، ڏِيل ۾، تُون پيارِئين پيڄَ!
سُورِي جَنِينِ سيڄَ، مَرَڻُ تَنِ مُشاهِدو.
دهو ميل( سورٺو وچ دوهو) ڪلياڻ 2-2
13
سُورِي سَڏُ ڪَري، اُڀِي عاشِقَنِ کي
جي اَٿِئِي سَڌَ سِڪَڻُ ۾، ته ڪَوءُ مَ، پيرُ پري
سِسِي ڌارَ ڌري، پُڇج پوءِ پِرِيتَڻُون
سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) ڪلياڻ 2-4
14
سُورِي آهِ سينگارُ، اَڳِهِين عاشِقَنِ جو،
مُڙڻُ موٽَڻُ مِيهڻو، ٿِيا نِظاري نِرَوار،
ڪُسَڻُ جو قَرارُ، اَصُلِ عاشقن کي.
سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) ڪلياڻ 2-5
15
سُورِي سِينگاري، اَصُلِ عَاشِقَنِ کي،
لُڏِيا ڪِينَ لَطِيفُ چئي(چي)، ٿِيا نيزي نِظاري
ڪوٺِيو ڪِناري، آڻِيو چاڙهي اُنِ کي
سورٺو ميل (سورٺو وچ دوهو) ڪلياڻ 2-6
16
سُورِيءَ تي سَئووارَ، ڏِهاڙِيو چَنگِ چَڙهين،
جِمَ وِرچِي ڇَڏِئين، سِڪَڻُ جِي پَچارَ،
پِرَتِ نه پسِين پارَ، نينهن(نيہُ) جِئان ئِي(جئَائِين) نِڱِيو.
سورٺو ميل (سورٺو وچ دوهو) ڪلياڻ 2-9
17
پهرِين ڪاتِي پاءِ، پُڇج پوءِ پِرِيتَڻو،
ڏُکُ پِريان جو ڏِيلَ ۾، واڄَٽَ جِيئن(جِيَ) وَڄاءِ،
سِيخُنِ ماهُ پَچاءِ، جي نالو ڳِيَڙُءِ نينهن جو.
سورٺو ميل (سورٺو وچ دوهو) ڪلياڻ 2-10
18
ڪاتِيءَ ڪونهي(ڪونہ) ڏوهُ، ڳَنُ وڍِيندڙَ هَٿَ ۾،
پَسيو پَرِ عَجِيبَ جِي، لِچِيو وَڃي لوهُ،
عاشِقَنِ اَندوهُ، سَدا مَعشُوقَنِ جو.
سورٺو ميل (سورٺو وچ دوهو) ڪلياڻ 2-11
19
جي تو سِڪَڻُ سِکِيو، ته ڪاتِيءَ پَئي مَ ڪِنجُهه
سُپيرِيان جي سُورَ جو، ماڙَهُنِ ڏجي نه مَنجُهه
اَندَرِ اِيءُ اَهنجُ، سانڍِجِ سُکائُون ڪري.
دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 2-14
20
ڪاتِي جَنِّ ڳَري، مان لَنوءُ لَڳو تَنِ سين،
مُحَبَتَ جي مَيدانَ ۾، وَڃان پيرَ ڀَري
اَڏِيءَ سِرُ ڌري، مانَ ڪُهَنِئُون سُپِرِين
سورٺو ميل (سورٺو وچ دوهو) ڪلياڻ 2-16
21
جي اَٿيئي (اَٿِي) سَڌَ سُرڪَ جِي، ته وَنءُ ڪلاڙڪي هَٽِ،
لاهي رَکُ لطيف چَئي، مَٿو ماٽي وَٽِ،
سِرُ ڏيئِي ۾ سَٽِ پِيج ڪي پِيالِيون.
دهو سورٺو(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 2-19
22
جي اَٿيئِي سَڌَ سُرَڪَ جِي، ته وَنءُ ڪلاڙڪي ڪُوءِ،
مَهيسَرَ جي مَنڌَ جِي، هُتِ هَڏهِين هُوءِ،
جان رَمزَ پَرُوڙِيَم رُوءِ، تان سِرَ وَٽِ سُرڪِي سَڳُڻِي.
دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 2-20
23
جي اٿيئِي سِڪَ سُرَڪَ جِي، ته وَنءُ ڪلاڙڪي ڳَرِ
وَڍَڻُ، چِيرَڻُ، چِچِرَڻُ، پَهَتِ اُنِيۡن جِي پَرِ،
جي وَٽِي پُويئي وَرِ، ته سَهَنگِي آهِ سَيِّدُ چَئي
دهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 2-21
24
ناڻي ناهِ ڪَڪُوهُ، ڪِي(ڪِيۡن) مُلھه(مُلِ) مهانگو(مَهنگو) مَنڌُ،
سَنباهِجُ، سَيِّدُ چَئي، ڪاٽَڻَ ڪارَڻِ ڪَنڌُ،
هِيءُ تَنِين جو هَنڌُ، مَٽَنِ پاسِ مَرَنِ جي.
دوهو ميل (دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 2-22
25
مَ ڪَرِ سَڌَ سَري جِي، جي تون ٽارِيين ٽُوهُ، ڪلياڻ 2-24
پِيتي جنهن پاسي ٿِئي، مَنجهان رَڳُنِ رُوحُ،
ڪاٽي چَکُ ڪَڪُوهُ، لاهي سِرُ، لطيفُ چَئي.
دهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 2-24
26
سَڌَڙِيا سَري جُون(جيون)، ڪُہُ پَچارُون ڪَنِّ؟
جهُ ڪاتَ ڪُلاڙَنِ ڪَڍِيا، ته موٽِيو پوءِ وَڃَنِّ،
پِڪُون سي پِيَنّ، سِرَ جَنِ(جَنِين) جا سَٽِ ۾.
دهو ميل (دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 2-25
27
اَصُلِ عاشِقَ پنهنجي(پاهِجِي)، سِسِي نه سانڍِينِ،
لاهِيو سِرُ لطيفُ چَئي، ساهُ سلاڙِيو ڏينِ،
ڪُلنِئُون ڪاٽِين، پُڇَنِ پوءِ پِرِيتَڻُون.
دهو ميل (دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 2-29
28
اَصُلِ عاشِقَنِ جو، سِرُ نه سانڍڻُ ڪَمُ،
سُؤ سِسِنِئان اَڳَرو، سَندو دوسان دَمُ،
هِيءُ هَڏو ۽ چَمُ، پِڪَ پِرِيان جِي نه پَڙي.
ٽسٽ دهو ميل (دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 2-30
29
جي مَٿي وَٽِ مِڙَنِ، ته سڀ ڪنهن(سڀڪهم) سَڌَ ٿِئي،
سِرَ ڏِني سَٽِ جُڙي، ته عاشقَ اِيئن(اِيَ) اَچَنِ،
لِڌا تي لَڀَنِ، مُلھهِ مَهانگا سُپِرِينِ.
سورٺو ميل (سورٺو وچ دوهو) ڪلياڻ 2-31
30
اُٿِياري اُٿِي وِيا، مَنجهان مُون آزارَ،
حَبِيبَ ئِي هَڻِي وِيا، پِيڙا جِي پَچارَ،
طَبِيبَنِ تَنوارَ، هَڏِ نه وَڻي هاڻِ مُون.
دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 3-1
31
حَبِيبُ ئي هادِي، ٿِيو، رَهنُما راحَتَ
پِيڙا نِيائِين پاڻُ سِين، لائي ڏيئِي لَتَ،
سُپيرِيان صِحَتَ، ڏِنِيَمِ منهنجا ڏُکَندي
ٽسٽ دهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 3-3
32
اَورِ ڏُکَندو اوُ ٿِيئي، هادِي جنهن حَبِيبُ،
تِرُ تَفاوَتُ نه ڪَري، تِنهن کي ڪو طَبِيبُ،
رَهَنُمَا رَقِيبُ، ساٿَرِ صِحَتَ سُپِرِين.
دهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 3-4
33
تو جَنِين جِي تاتِ، تَنِّ پُڻِ آهي تنهنجِي،
فَاذۡکُرُوۡنِي اَذۡکُرُکُمۡ، اِيَّ پَرُوڙِج باتِ،
هَٿِ ڪاتِي ڳُڙُ واتِ، پُڇَڻُ پَرِ پِريَنِ جِي.
سورٺو ميل (سورٺو وچ دوهو) ڪلياڻ 3-13
34
پاٻوهي هيڪارَ، مُون کان پُڇِيو سَڄَڻين،
اَلَسۡتُ بِرَبِکُمۡ، چَيائُون جنهن وارَ،
سَندِي سُورَ ڪِنارَ، تَنَ تَڏاهَڪُون نه لَهي.
سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) ڪلياڻ 3-15
35
ڪوٺي ڪُهي سُپِرِين، ڪوٺي ڪُهَڻَ ساڻُ،
نيزي هيٺان نِينهن جي، پاسي ڪَرِ مَ پاڻُ،
ڄُلُ، وِڃائي ڄاڻُ، عاشڙقَ! اَجَلَ سامُهون.
دهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 3-17
36
ڪوٺَڻُ قَرِيبَنِ جو، عينُ تَڙَڻُ آهِ،
اِيءُ اُلٽڙي ڳالَهڙِي، سِڪَ وَرَندِي ساهِ،
آسَرَ هَڏِ مَ لاهِ، ڇِنَڻُ ڳَنڍَڻُ اُنهَنِ (اُنِ) جو.
دهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 3-18
37
ڪُهي سو ڪَرَ لَهي، ڪوٺي سو قَرِيبُ،
اِها عادَتَ سِکِيو، هَر زَمانُ حَبِيبُ،
تِڇي سو طَبِيبُ، سوئِي راحَتَ رُوحَ جِي.
دهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 3-20
38
ڪُهَنِّ ۽ ڪوٺِينِ، اِيءَ پَرِ سَندِي سَڄَڻين،
سُورِي چاڙِهِيو سُپِرِين، ڏَنبَ ڏِيهاڻِي ڏِين،
ويٺا وِرهُ وَٽِينِ، آءُ واڍوڙِيا وِهاءِ تُون.
دهو ميل( دوهو اڌ سورٺو) ڪلياڻ 3-21
 
Back
Top