• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سر ڪلياڻ داستان 3 الف سان شروع ٿيندڙ بيتن جا موضوع

صراط بلوچ

سينيئر رڪن
سر ڪلياڻ داستان ٻئيڻ جا ٰ 2 بيت اهڙا آهن جيڪي سنڌي الفابيت جي اکر الف سان شروع ٿيندين ٿا جنهن جا موضوع هن طرح آهن
سر ڪلياڻ داستان ٽيون بيت 1
موضوع
پرين پاران پيڙاهه جو ملڻ
ڪردار:
پرين، عاشق ۽ طبيب
تذڪرو
پرين پاران پريت جي آزار جو انداران اٿارڻ، جاڳائڻ جو ذڪر
عاشق کي حبيبن پاران پيڙاهه جي ملڻ جو ذڪر
عاشقن کي طبيبن جي ڳالهه پلي نه پوڻ جو بيان
اُٿِياري اُٿِي وِيا، مَنجهان مُون آزارَ،
حَبِيبَ ئِي هَڻِي وِيا، پِيڙا جِي پَچارَ،
طَبِيبَنِ تَنوارَ، هَڏِ نه وَڻي هاڻِ مُون.
سر ڪلياڻ داستان 3 بيت 4
موضوع
پيڙاهه لاءِ پرين ئي صحت بخشيندڙ مرهم آهي
ڪردار
پرين، عاشق، طيبب
تذڪرو
جنهن لاءِ حبيبت هادي تن جو نرالي پيڙاهه ۾ مبتلا هجڻ جو ذڪر
تنهن لاءِ طيبت جي علاج بي سود هجڻ جو بيان
صحت لاءِ پرين جو مرهم هجڻ
اَورِ ڏُکَندو اوُ ٿِيئي، هادِي جنهن حَبِيبُ،
تِرُ تَفاوَتُ نه ڪَري، تِنهن کي ڪو طَبِيبُ،
رَهَنُمَا رَقِيبُ، ساٿَرِ صِحَتَ سُپِرِين.
مطالعي مان سامهون ايندڙ حاصل موضوع
1. پرين پاران پيڙاهه جو ملڻ
2. پيڙاهه لاءِ پرين ئي صحت بخشيندڙ مرهم آهي
 
Back
Top