• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سر ڪلياڻ داستان ٻيون، الف سان شروع ٿيندڙ بيتن جا موضوع

صراط بلوچ

سينيئر رڪن
سر ڪلياڻ داستان 2 الف سان شروع ٿيندڙ پنجن بيتن جا موضوع
ناچاڪائي جو پرين وٽ قبول ٿيڻ
پرين کي (هن جي) اگهائي جو رنج پهچڻ
سوري تان گذرڻ بعد چڱائي جو ساءُ وٺڻ.
ڪلياڻ 2-1
اگهِي اَگهائِي، رَنجُ پِرِيان کي رَسِيو،
چَکِيَمُ چَڱائِي، سُورانگَهي سُورِيءَ تان.
***********
اجايو خواهه مخواهه هيڻن کي دوائون پيارڻ جو ذڪر،
بي سمجهه ويڄ پاران کل کي ڏنڀن ذريعي ساڙڻ جو ذڪر،
سوريءَ جن لاءِ سيڄ آهي اهڙن همت وارن جو احوال،
مرڻ جن لاءِ مشائدو آهي انهن عاشقن جو احوال،
ڪلياڻ 2-2
اَنڌا اُونڌا ويڄَ! کَلَ ڪُڄاڙِيا کانئِين؟
اسان ڏُکِي، ڏِيل ۾، تُون پيارِئين پيڄَ!
سُورِي جَنِينِ سيڄَ، مَرَڻُ تَنِ مُشاهِدو.
***********
ڪلاڙڪي هٽ تي ڪوس جو منظر
ڪلاڙڪي هٽ تي ڪسڻ واري قهر جي ڳالهه
بهادر عاشقن جا قربان ٿيڻ بعد پٽ تي پيل سر
اڳين، پهرين پهچندڙ (بهادر عاشقن) جي سرن جو اڏين تي قرباني لاءِ موجودگي جو ذڪر
پويان پنهنجا سر قربان ڪرڻ لاءِ(تياري سان اڳتي اڏين طرف وڌن پيا) تيار
قبول ٿيڻ لاٰءِ قربان ٿيڻ ضروري هجڻ جو ذڪر
ڪلياڻ 2-17
اَڳِيان اَڏِنِ وَٽِ، پويَنِ سِرَ سَنباهِيا،
ڪَاٽِ ته پوين(پوءِ) قَبُولَ ۾، مَڇُڻَ ڀائِين(ڀايين) گَهٽِ،
مَٿا مُهايَنِ جا، پيا نه ڏِسِين پَٽِ؟
ڪَلاڙڪي هَٽِ، ڪُسَڻُ جو ڪوپُ وَهي.
***********
حقيقي عاشقن جو سر بچائڻ واري عمل کان پري هجڻ
سر قربان ڪري پنهنجا ساهه ڏيندڙن جو احوال
پهرين ڪلهن تان سر لاهي پوءِ پريت بابت پڇندڙن جو بيان
ڪلياڻ 2-29
اَصُلِ عاشِقَ پنهنجي(پاهِجِي)، سِسِي نه سانڍِينِ
لاهِيو سِرُ لطيفُ چَئي، ساهُ سلاڙِيو ڏينِ،
ڪُلنِئُون ڪاٽِين، پُڇَنِ پوءِ پِرِيتَڻُون.
***********
حقيقي عاشقن جي خاصيت سر نه سانڍڻ آهي
سئو سرن جي بدلي پرين سان وصل جي هڪ دم جي وڌيڪ اهميت هجڻ واري حقيقت.
پرين پاران پريت جي هڪ سرڪي جسم جي هڏ ۽ چم کان وڌيڪ هجڻ واري حقيقت
ڪلياڻ 2-30
اَصُلُ عاشِقَنِ جو، سِرُ نه سانڍڻُ ڪَمُ،
سُؤ سِسِنِئان اَڳَرو، سَندو دوسان دَمُ،
هِيءُ هَڏو ۽ چَمُ، پِڪَ پِرِيان جِي نه پَڙي.
***********
مطالعي مان سامهون ايندڙ حاصل موضوع
1. بي سمجهه ويڄ
2. پرين
3. عاشق
4. ڪلاڙڪي هٽ
 
Back
Top