صراط بلوچ
سينيئر رڪن
سر ڪلياڻ بابت داستان وار الف بي وار مطالعي مان اسان کي ڄاڻ ملي ٿي ته سر ڪلياڻ داستان پهرين جا 4 بيت اهڙا آهن جيڪي سنڌي الفابيٽ جي پهرين اکر الف سان شروع ٿين ٿا. انهن ۾ هنن ڳالهين جو ذڪر ملي ٿو.
1. الله تعاليٰ جي مختلف اوصاف سان ثنا ڪئي وئي آهي
جنهن ۾ عالم جي ڌڻي هجڻ جو ذڪر
ازل کان موجود هجڻ جو ذڪر
رازق هجڻ، رب هجڻ، والي وارث هجڻ جو ذڪر
هن ڪائنات کي خالق پاران تخليق ڪرڻ جو ذڪر
ڪلياڻ 1-1
اَوَلُ، اللهُ، عَلِيمُ، اَعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي،
قَادِرُ پَنهِنجِي قُدرَت سين، قائِمُ آهِ قَدِيمُ،
والِي، واحِدُ، وَحَدهُ، رازِقُ، رَبُّ رَحِيۡمُ،
سو ساراهِه سَچوڌَڻِي، چَئِي حَمدُ، حَڪِيمُ،
ڪَري، پاڻَ، ڪرِيمُ، جوڙُون، جوڙَ، جَهانَ جِي.
2. الله تعالي سان هڪ ٿيندڙن اعليٰ هستين جو ذڪر جيڪي ڪڏهن به گمراهي واري واٽ ڏانهن نه ويا.
ڪلياڻ 1-8
اَوَتَڙِ ڪِنهن نه اوليا، سُتَڙِ وِيا سالِمَ،
هيڪائِي هيڪُ ٿِيا، اَحَدَ سين عالِمَ،
بي بَها بالِمَ، آڳي ڪِيا اَڳَهِين.
3. سچن جي بي خوف هجڻ جو ذڪر، هنن جي ازل کان ئي ڀاڳ بخت اعليٰ هجڻ جو ذڪر.
ڪلياڻ 1-9
آڳي ڪِيا اَڳَهِين، نِسورو ئِي نُورُ،
لَا خَوفُ عَلَّيۡهِمۡ وَلَا هُمۡ يَحۡزَنُوۡنَ، سَچَنِ ڪونَهي سُورُ،
موليٰ ڪِيو مَعمُورُ، اَنگُ اَزَلَ ۾ اُنِ جو.
4. صاحب جي هر هنڌ هرجاءِ هجڻ جو ذڪر
ڪلياڻ 1-23
ايڪُ قَصَرُ، دَرَ لَکَ، ڪوڙين ڪَڻِسِ ڳِڙکِيُون،
جيڏانهن ڪَرِيان پَرکِ، تيڏانهن صاحِبُ سامُهون.
حاصل موضوع جيڪي نڪرن ٿا اهي ٻه آهن
هڪ خالق ڪائنات بيت 1 ء 23
ٻيون ان جا اعليٰ بندا بيت 8 ء 9