• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دشمن جي چال کان بي خبر رھڻ جو نتيجو ڇا نڪتو؟

صراط بلوچ

سينيئر رڪن
رھبر لطيف سر ڏھر ۾ ڪونج جي تمثيل ذريعي قوم جي غفلت سبب بڻيل حالت جي نشاندهي ڪندي چون ٿا ته
دشمن اوھان کي ڦاساڻ جي لاءِ جيڪي چالون ڪري پيو جيڪي ڍٻ ھن لڪائي اوھان جي تباھي و بربادي لاءِ رکيا آهن تنھن کان اوھان غافل ڇو آھيو؟ ان طرف اوھان ڌيان ڇو نه ٿا ڏيو؟ اوھان جي غفلت جي نتيجي ۾ اوھان جا لکين ماڻھو دشمن جو شڪار ٿي ويا نه رڳو لکين فرد دشمن جو شڪار ٿي ويا پر اوھان جي قوم ئي وکري وئي قوم جو اتحاد ختم ٿي ويو.
****بيت سر ڏھر داستان 4****
ڪُونجَ! نه پَسِين ڪَکَ، ڍَٻُ جَنهِن سين ڍَٻيو؛
مارِيءَ ماري لَکَ، وَڳَـرَ هَڻِي ويڇُون ڪَيا.
معني
اي ڪونجڙي! تون اُنهن ڪکن کي نه ٿي ڏسين، جنهن سان ماريءَ جو ڪوڙڪو ڍڪيل آهي. ماريءَ لکين پکيئڙا شڪار ڪري سندن ولر کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو.
 
Back
Top