• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اعلیٰ مقصد ماڻڻ لاءِ ساھ جو سانگو لاھي ڏورڻو پوندو.

صراط بلوچ

سينيئر رڪن
*****
وڏي ھمت وڏي حوصلي، وڏي جرئت سان، مقصد کي حاصل ڪرڻ خاطر رھزنن، درندن جي جھنگ اندر جتي ھر وک موت کي پئي ويجھو ڪري، ان ۾ لھي پرين (پنھنجي اعلیٰ مقصد جي حصول لاءِ) پنھنجي پوري طاقت سان ڪوشش ڪرڻي پوندي. ان جدوجھد ۾ موت اڻٽر آھي پر بس اھا اميد آھي ته پرين شال موت بعد اچي مڙھ کي پنھنجو ڪن.
جدوجھد صرف ان نظريه سان نه ڪرڻ گھرجي تہ نتيجو مقصد پنھنجي حياتي ۾ ملي.
********
بيت سر رپ داستان 2
جھوتون ڏيندي جھنگ ۾، ميان آئون مياس،
بازن کاڄ ٿياس، سگھو موٽج سپرين.
 
Back
Top