سسئي جي انيڪ خوبين مان ھڪ خوبي بي خوف ھجڻ آھي.

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏29 نومبر 2022۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سسئي جي ڪھڙي ڳالھ ڪجي؟ سسئي جي ھمت، سسئي، جي جرئت، سسئي جي ثابت قديمي، سسئي جو حوصلو ب مثل آھي، سسئي تمام گھڻين خوبين جي مالڪ آھي، رھبر لطيف سسئي لاءِ فرمائين ٿا ته
    ھي مستور انھن مان آھي ئي ڪون، جيڪي ڏوگرن، جبلن، ڏاڍن کي ڏسي ھمت ھاري ويھن، ڏاڍن کي ڏسي جنھن تي لرزو طاري ٿي وڃي. سسئي تنھن منجھان بلڪل ناھي. اڳيان وڏا جبل(ڏاڍا) جنھن سان مقابلو ڪرڻو آھي، عبور ڪرڻو آھي، انھن جي دھشت ايتري آھي جو ڏسڻ سان ئي لرزو طاري ٿي وڃي پر سسئي انھن خوف کائيندڙن منجھان بلڪل به ناھي. ھن جو طريقو ھن جي واٽ، بي خوف و خطر ، ھمت و حوصلو رکندڙ کاھوڙين واري آھي.
    *******
    سُر سسئي آبري داستان
    بيت
    مُنڌَ نہ مَنجهان تن، پَسي لَڪَ لُڏَنِ جي؛
    جا پَرِ کاهوڙِينِ، سا پَرِ سِکِي سَسُئِي.
    بيت جي معني ڪلياڻ آڏواڻي
    ھيءَ منڌ (سسئي) اُنھن منجهان نہ آهي، جي لڪ ڏسي ڏھڪجي وڃن. جا ريت، کاهوڙين جي آهي، سائي سسئيءَ پرائي آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو