• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

انڪساري سان ڪيل عمل جي جاچ پڙتال ناهي ڪئي ويندي.

صراط بلوچ

سينيئر رڪن
***************
تحرير، تشريح ،نثري ترجمو ۽ پيشڪش - صراط بلوچ
هي دنيا عمل جي دنيا آهي، هي دنيا جدوجهد جي دنيا آهي، هي دنيا جاکوڙ جي دنيا آهي.
هي جهان عمل جو ميدان آهي. وجود وٺي ڪائنات ۾ پهچندڙ هر انسان کي عمل واري سلسلي ۾ داخل ٿيڻو آهي ۽ ٿئي به ٿو، پر ان عمل واري دنيا ۾ انداز هر ڪنهن جا پنهنجا پنهنجا آهن، طريقو هر ڪنهن جو پنهنجو پنهنجو آهي.
عمل هر هڪ ڪري ٿو پر اهو ضروري ناهي ته ڪيل عمل جو نتيجو بهترين سٺو يا انسان کي مطلوب ئي نڪري، ڪڏهن ته سڄي جي سڄي ڪيل محنت ضايع به ٿي ويندي آهي. پنهنجي محنت کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ عمل جو نتيجو ماڻڻ جي لاءِ جدوجهد جو طريقو ڪهڙو اپنائڻ گهرجي؟
****************
اچو ته اهو سوال رهبر لطيف جي بارگاهه ۾ کڻي هلون ۽ ڏسو ته رهبر اسان جي رهنمائي لاءِ ڪهڙو گس ڪهڙي واٽ ٿا ڏيکارين.
رهبر لطيف جي بارگاهه مان رهنمائي ملي ٿي ته
عمل جي دنيا ۾ جدوجهد جي ميدان ۾ هميشه رهڻو آهي، پورهيو مسلسل جاري و ساري رکڻو آهي اٺئي پهر ارٽ سين ڪتڻو آهي، پر خبردار رڳو ڪتڻو ناهي، صرف ارٽ هلائڻو ناهي، پر پوري خبرداري سان پوري ڌيان سان مڪمل احتياط سان ڪنبيندي ڪتڻو آهي. انڪساري سان ڪتڻو آهي. اهڙي طرح نتيجو اهو ئي نڪرندو جيڪو اسان چاهيون ٿا ته اسان جي محنت کي قبول ڪيو وڃي. اسان کي ان جو اجر ڏنو وڃي.
بلڪل ائين ئي ٿيندو صراف اسان جي ڪيل محنت کي بغير جاچڻ جي ئي قبول ڪري وٺندا. اسان جي ڪيل محنت جي جاچ پڙتال ٿيندي ئي ڪونه.
ڇو ته جاچ پڙتال هميشه ٻه نمبر ڪم جي ڪئي ويندي آهي هڪ نمبر ڪم پاڻ ئي ٻڌائيندو آهي ته هي بي مثال آهي. هن جي جاچ جي ضرورت ئي ناهي.
سر ڪاپائتي داستان پهريون ترتيب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
بيت
اَٺَئِي پَهَر اَرَٽ سين، جي ڪتن ۽ ڪَنبَنِ،
تَنِ جو صَرافَنِ، ڦورو ڦولِيو ڪِينَڪِين.
نثري ترجمو
اٺئي پهري ارٽ تي جيڪي ڪتن ٿا ۽ ڪنبن ٿا صراف انهن جي ڦوري، (ڪتيل سٽ) کي کولي جاچ پڙتال واري عمل مان ڪون ٿا گذارين بغير جاچ ڪرڻ جي اهو خريد ڪري ٿا ڇڏين.
 
Back
Top