• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منهنجن مسڪينن کان کل ۽ خوشي وسريل آهي

صراط بلوچ

سينيئر رڪن
******
تحرير، تشريح، نثري ترجمو ۽ پيشڪش _ صراط بلوچ
******
سر معذوري ۾ سسئي بابت رهبر لطيف جو هي بيت پڙهي مون کي ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ رهبر لطيف هن بيت ۾ نه رڳو سسئي جي ڳالهه ڪئي آهي پر پنهنجي قوم جي مسڪينن، غريبن، بي پهچ، لاچار ماروئن جي حالت کي سسئي جي تمثيل سان بيان ڪندي چيو آهي ته
ڏکن ۾ تڪليفن ۾ جڪڙيل مارو ماڻهو مسڪيني ۾ بک ۾ بدحالي ۾ ايترو ته وڪوڙيل آهن جو هنن اڌ اگهاڙن مظلومن کان خوشيون، مسرتون ئي وسري چڪيون آهن
(اُگهاڙِيءَ وِهانءُ، وِيو ويچارِيءَ)
اھڙي صورت ۾ ھنن کي کل ڪيئن ايندي؟
(بُکِيءَ کِلَ نَہ اُڄَهي،)
هنن کي ايترو ته ڪمزور ۽ هيڻو ڪيو ويو آهي جو سماج جي ظالمن آڏو ڏمرجي مهاڏو اٽڪائڻ کان ئي لاچار بڻيل آهن. (ڏُکِيءَ ڏَمَرُ ناهِ،)
************************
سر معذوري داستان پهريون
بيت
ڏُکِيءَ ڏَمَرُ ناهِ، بُکِيءَ کِلَ نَہ اُڄَهي،
اُگهاڙِيءَ وِهانءُ، وِيو ويچارِيءَ وِسَرِي.
نثري ترجمو
غمن ۾ گرفتار ڪاوڙ ڪيئن ڪندي، جيڪا بکن ۾ پاهه آهي تنهن کي کل نٿي اچي سگهي. جنهن وٽ ويس وڳا ناهن ان ويچاري کان وهانءُ(خوشيون، مسرتون) وسري ويا آهن.
 
Back
Top