صراط بلوچ
سينيئر رڪن
****
عمل، عمل، عمل، مسلسل عمل، مسلسل جدوجهد، مسلسل منزل طرف پنڌ، اها آهي کاهوڙين جي پر، اهو آهي کاهوڙين جو (The way).
هنن جي نظر، هنن جي نگاهه، هنن جو جَوش هنن جو ولولو پنڌ آهي، ڪيڏاهن؟ منزل طرف.
هنن کاهوڙين وٽ ڪو خاص سامان ناهي، هنن وٽ ڪي وڏا وسيلا ناهن، هنن وٽ ڪو وڏو سرمايو ناهي، هنن وٽ جيڪي عام طرح وڏي سفر لاءِ ضروري وسيلا هجڻ گهرجن اهي بلڪل به ناهن.
پراڻي دور ۾ سفر جا وسيلا ڪهڙا هئا؟ اٺ، گهوڙو يا ڀلا اهو به نه ته ڪو ٿڪل سڪل خچر ئي کڻي هجي، پر اهو به ميسر ناهي. دنياوي طرح سفر جي لاءِ آخر هنن وٽ پوءِ ڇا آهي؟ ڪجهه ته هوندو! ها آهي صرف ۽ صرف پيرن ۾ پيل ڦاٽل چپل بس،( کَرَڪڻا) هي منظر ڪشي آهي کاهوڙين جي، اهو منظر آهي هنن اعليٰ انسانن جو.
ننڍ غفلت جي نشاني آهي، آرام جي به نشاني آهي. ته بي اونو هجڻ جي به نشاني آهي، هي جيڪي کاهوڙي آهن سي ڪڏهن به بي اونا ٿي سمهن نٿا.( سُکِ نه سُتا ڪڏِهين)، اهو ته ممڪن ناهي ته بي اونا ٿي سمهي پون. هي ته ڪمال جا ماڻهو آهن. سمهڻ ته وڏي ڳالهه آهي پر هي ته پنهنجي پيرن مان چپل لاهڻ به پسند نٿا ڪن.( کَرَڪڻا لاهي)
چپل لاهڻ مطلب؟ آرام ڪرڻ، ڪجهه وقت جي لاءِ ئي کڻي پر پنهنجي سفرکي روڪڻ، هنن کي اهو به گوارا ناهي.
هنن کي پنهنجي پنڌ جو اونو آهي.( اوسِيڙو آهي، کاهوڙِين انِ پنڌَ جو.)
***********
بيت
سر کاهوڙي داستان پهريون
سُکِ نه سُتا ڪڏِهين، کَرَڪڻا لاهي،
اوسِيڙو آهي، کاهوڙِين انِ پنڌَ جو.
بيت جي معنيٰ (ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ)
اهي کاهوڙي(سالڪ) ڪڏهن به پنهنجن پيرن ۾ ڇنل، ڦاٽل چپل لاهي(غافل ٿي) نٿا سمهن. هنن کي هر وقت انهيءَ پنڌ ۽ مسافريءَ جو اونو ۽ اڻ تڻ آهي.