• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

احتياط تمام گهڻو ضروري آهي.

صراط بلوچ

سينيئر رڪن
*****
تحرير، ترتيب، تشريح ۽ پيشڪش – صراط بلوچ
*****
پراڻي دَور ۾ ڪاروبار وڻج واپار ٻيڙين جي ذريعي ٿيندو هو. سامان جي اچ وڃ ٻيڙين جي ذريعي ئي ٿيندي هئي. سامان کڻڻ کان پهرين يقينن ٻيڙي کي جاچيو ويندو هوندو. پوري طرح اطمنان ڪري پوءِ ئي هن تي سامان سوار ڪيو ويندو هوندو. پر جيڪڏهن احتياط ۾ ڪوتاهي ڪئي وئي هجي ته ٻيڙي جي چارئي پاسن کان موجود پاڻي ان اندر داخل ٿي پوندو هو جنهن جي نتيجي ۾ ٻيڙي اندر موجود سامان خراب ٿي ويندو هو جيڪڏهن لوهه جون شيون هجن ته ڪٽجي ڪاريون ٿي وينديون هيون. .
اڇا جيڪڏهن سامان ڪٽجي ڪارو ٿيئي ته ان جو نتيجو ڇا نڪرندو، ان جو نتيجو نڪرندو اهي شيون پنهنجو اگهه وڃائي وهنديون يا ائين کڻي چئي ته پنهنجو پورو اگهه برقرار نه رکي سگهنديون. تنهن جي ڪري بي احتياطي جي ڪابه گنجائش ڪانهي ڪا، بي احتياطي معنيٰ نقصان اها ڳالهه سمجهائڻ جي لاءِ رهبر لطيف بيت ذريعي اسان جي رهنمائي ڪن ٿا ته
ٻيڙي آهي ذريعو، مقصد آهي سامان/وکر کي با حفاظت پنهنجي منزل مقصود تائين پهچائڻ، جنهن لاءَ احتياط تمام گهڻو ضروري آهي ڪوتاهي جي نتيجي ۾ وکر خراب ٿي ويندو. بي ڪمو ٿي ويندو. هن بيت ۾ رهبر لطيف انسان کي پنهنجي هر عمل جي لاءِ احتياط کي لازمي اختيار ڪرڻ جو درس ڏئي ٿو.
بيت
سر سريراڳ داستان ٽيون ڊاڪٽر بلوچ
منجهان پئي مڪُڙِيءَ، ڪا جا پاڻيءَ پِڪَ
وَکَرَ هَڻِي وِڻِڪ، ڪٽجي ڪارو ٿيو.
معنيٰ ڊاڪٽر بلوچ
ٻيڙي ۾ اندران ٿورو ٿورو پاڻي داخل ٿيندو رهيو، ان جي ڪري سامان کي ڪس لڳي وئي ۽ اهو ڪارو ٿي ويو.
 
Back
Top